دولـھہ دريـا خان 1: سـنڌ جي لاثاني ڪـردار ۽ ڄـام نـظام الـديـن جي سپھہ سالار دولھہ دريا خان جو اصل نالو ’قبوليو‘ هو. پاڻ ديوان لکدير جو غلام هو. راويت آهي تہ: هڪ ڀيري ڄام نظام الدين شڪار تي ويو، موٽندي کيس سخت اڃ لڳي، پاڻ ديوان لکدير جي گهر لڙي ويو ۽ پاڻيءَ جي طلب ڪيائين. ديوان، قبوليي کي پاڻي آڻڻ جو حڪم ڏنو. هن کيس پاڻيءَ جي گلاس ۾ ڪجهہ ڪک وجهي ڏنا. هن ايئن ڄاڻي واڻي ڪيو، ڇو تہ ڄام نظام الدين سخت گرميءَ ۾ گهڻو اڃارو هو، تڪڙو ۽ يڪ ساهيءَ ۾ پاڻي پيئڻ سبب کيس نقصان پهچي ها. ڄام کي ائين ڪرڻ جي حقيقت معلوم ٿي تہ پاڻ ڇوڪر جي عقلمنديءَ کان گهڻو متاثر ٿيو. ڄام نظام الدين لکيدر کان اهو نينگر خريد ڪيو ۽ مٿس دريا خان نالو رکيائين. هن کي خاص تربيت ۽ تعليم ڏياريائين. کيس وزيراعظم ۽ ڪمانڊر انچيف جي درجي تي آندو ويو. سندس اهليت ۽ قابليت سبب نيٺ ڄام هن کي پنهنجو پٽيلو مقرر ڪيو ۽ ’مبارڪ خان‘ جو خطاب پڻ ڏنائين. روايت آهي تہ شاھہ بيگ ارغون 86- 1485ع ۾ ڄام نندي جي نائب بھادر خان کان سبيءَ جو ڪوٽ کسي ورتو. شاھہ بيگ پوءِ اتي پنھنجي ڀاءُ سلطان محمد ارغون کي مقرر ڪيو، جنهن کي ڪجهہ وقت بعد دريا خان قتل ڪري ڇڏيو. ان واقعي کانپوءِ ارغونن کي ڄام نندي جي دؤر ۾ وري سنڌ تي حملي جي جرئت نہ ٿي. دريا خان پنھنجي دؤر ۾ ٺٽي جي آسپاس ۾ آبپاشي نظام قائم ڪيو، خانواھہ نالي واھہ کوٽرايائين، جنهن سبب ساڪري ۽ ان جي ڀرپاسي زراعت لاءِ جهجهو پاڻي مهيا ٿيو ۽ غيرآباد زمينون آباد ٿيون. هيءُ ڪئنال ڪوٽڙي بئراج جي قيام تائين موجود هو. دريا خان کي سٺي تعميرات جو پڻ شوق هو. ڄام نظام الدين جو مقبرو، اترئين لنگهہ وٽ لڳل ڪتبي موجب ڄام فيروز 1509ع ۾ ٺهرايو هو. نامور محقق پير حسام الدين راشدي اهڙي شاندار اڏاوت جو سھرو دولھہ دريا خان کي ڏئي ٿو، ڇو تہ ان وقت ڄام فيروز اڃا ننڍو هو ۽ نا تجربيڪار هو. 1508ع ۾ ڄام نظام الدين جي وفات بعد ڄام فيروز حاڪم بڻيو. ان وقت ڄام فيروز ننڍي عمر جو هو، جنهن سبب حڪومت جو سمورو ڪاروهنوار دريا خان جي حوالي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ڄام نظام جي وفات کانپوءِ، دريا خان انهن چند ماڻهن مان هڪ هو، جيڪي سمن جي حڪمران خاندان سان هر معاملي ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا، پر پوءِ ٻين جي چوڻ تي رياست جي معاملن ۾ فيروز خان، دريا خان کي ڪا خاص اهميت نہ ڏني ۽ عياشيءَ ۾ ڪاهي پيو.
دريا خان جي ڳالهين تي ڪوبه ڌيان نہ ڏنو ويو، نيٺ نا اميد ٿي دريا خان ڪاوڙجي ’ڳاها‘ ۾ پنھنجي جاگير طرف هليو ويو. ان وقت سمن جي خاندان جو هڪ ٻيو شھزادو ڄام صلاح الدين ان ڪوشش ۾ هو تہ ڪيئن بہ ڪري ڄام فيروز کي اقتدار مان بي دخل ڪجي. جڏهن کيس دريا خان جي استعيفا جي خبر پئي، تڏهن پاڻ گجرات مان سلطان مظفر ثاني (1511ع- 1526ع) جي مدد سان سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ ڄام فيروز کي شڪست ڏنائين. هي واقعو 13- 1512ع ۾ پيش آيو. ڄام فيروز دريا خان کي پرچائڻ لاءِ ماءُ سان گڏ دريا خان وٽ سندس ڳاها واري جاگير ويو. ڄام فيروز ۽ سندس ماءُ جي ميڙ منٿ تي دريا خان سندس مدد لاءِ راضي ٿيو. لشڪر گڏ ڪري صلاح الدين سان جنگ جوٽيائين، پر ان جنگ ۾ دريا خان کي هن جي وزير حاجي شڪست ڏني، حاجي وزير اهڙي سوڀ جي اطلاع لاءِ هڪ خط ڄام صلاح الدين ڏي موڪليو، پر اهو خط اتفاقن دريا خان جي ور چڙهي ويو، جنهن ۾ هن هيراڦيري ڪري پوءِ صلاح الدين ڏي روانو ڪيو، جنهن موجب هن کي شڪست جو اطلاع ڏيندي، نصيحت ڪئي وئي تہ پاڻ هڪدم ٺٽو خالي ڪري وڃي. صلاح الدين ايئن ئي ڪيو. اهڙي طرح دريا خان وري ڄام فيروز کي حڪومت وٺي ڏني. هي واقعو پهرين شوال 1919ھہ / 1512ع تي پيش آيو.
دريا خان جي آخري زندگيءَ بابت مختلف روايتون آهن. طاهريءَ جو بيان آهي تہ درٻاري سندس مرتبي تي حسد ڪندا هئا، انهن ڄام فيروز جي ماءُ کي مشورا ڏنا تہ منگولن ۽ ارغونن کي گهرائي دريا خان مان نجات حاصل ڪرڻ کپي. رٿا موجب فيروز جي ماءُ شاھہ بيگ ارغون کي قنڌار مان گهرايو. شاھہ بيگ، خانواھہ تي دريا خان سان مقابلو ڪيو، جيڪو خود دريا خان جو ٺهرايل هو. دريا خان ان ويڙھہ ۾ شهادت ماڻي. ان ويڙھہ دوران کيس نڙيءَ ۾ تير لڳو. ڄام فيروز پاڻ کي هن معرڪي کان پري رکيو. تاريخ معصوميءَ ۾ بيان آهي تہ منگول ٺٽي آيا ۽ ڄام فيروز جي ملازمت ۾ داخل ٿيا، کين رهڻ لاءِ پاڙو مليو، جو ’مغلواڙو‘ سڏجڻ ۾ آيو. مير قاسم ڪيبڪ ارغون، شاھہ بيگ کي ٺٽي فتح ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. اهڙي طرح شاھہ بيگ ويڙھہ جون تياريون ڪيون ۽ سڀ کان اول ٽلٽيءَ وٽ دريا خان جي پٽن محمود خان ۽ موٽڻ خان کيس للڪاريو، پر شاھہ بيگ ارغون اٽڪل سان ٺٽي جي ڀرسان خانواھہ تي اچي پهتو، جتان پاڻي گهٽ هو، اتان ندي ٽپي ٺٽي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
دريا خان، اڪيلي سر (فيروز کانسواءِ) لشڪر وٺي جنگ وڙهيو. 11 محرم 9127ھہ/ 22 ڊسمبر 1520ع تي هلندڙ جنگ ۾ دريا خان وطن جي حفاظت ڪندي، شهادت ماڻي. سندس مقبرو ٺٽي ڀرسان مڪلي ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. سندس قبر جي ڪتبي تي هيئن لکيل آهي تہ:
”يا ﷲ هــٰذا مرقدا لمعطر للخان الاعظم
شھيد مبارڪ خان ابن سلطان نظام الدين“
[معنيٰ: ”هي معطر مقبرو خان اعظم شھيد مبارڪ خان ولد سلطان نظام الدين جو آهي.“]
ان کان سواءِ قبر جي پٿر تي قرآني آيتون پڻ اڪريل آهن.
1520.12.22 عيسوي
دريا خان، اڪيلي سر (فيروز کانسواءِ) لشڪر وٺي جنگ وڙهيو. 11 محرم 9127هه/ 22 ڊسمبر 1520ع تي هلندڙ جنگ ۾ دريا خان وطن جي حفاظت ڪندي، شهادت ماڻي. سندس مقبرو ٺٽي ڀرسان مڪلي ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. سندس قبر جي ڪتبي تي هيئن لکيل آهي ته: ”يا الله هــٰذا مرقدا لمعطر للخان الاعظم شهيد مبارڪ خان ابن سلطان نظام الدين“ [معنيٰ: ”هي معطر مقبرو خان اعظم شهيد مبارڪ خان ولد سلطان نظام الدين جو آهي.“] ان کان سواءِ قبر جي پٿر تي قرآني آيتون پڻ اڪريل آهن.