جسٽس ديدار حسين شاهه

جسٽس ديدار حسين شاهه

ديدار حسين شاهه جسٽس

ديدار حسين شاهه، جسٽس: اڳوڻو چيف جسٽس ۽ نيب چيئرمئن سيد ديدار حسين ولد سيد محبوب علي شاهه، 11 ڊسمبر 1939ع تي ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم رتيديري جي پرائمري اسڪول مان ورتائين. مئٽرڪ 1957ع ۾ هاءِ اسڪول رتيديري مان پاس ڪرڻ بعد سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين، جتان 1962ع ۾ بي اي پاس ڪيائين. بعد ۾ 1964ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد استاد مقرر ٿيو. 1960ع کان 1965ع تائين گورنمنٽ هاءِ اسڪلول نئين ديري ۽ گورنمنٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1957ع کان 1960ع تائين رتيديري ميونسپالٽيءَ ۾ آڪٽرا انسپيڪٽر ٿي رهيو. 1965ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ کي خيرآباد چئي، نامور قانوندان عبدالرزاق سومري جي رهبريءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين، ڇهن مهينن پنهنجي منهن ڪيس کڻڻ جو آغاز ڪيائين. 1973ع ۾ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انرولمينٽ ملي ۽ ڊسمبر 1973ع کان هاءِ ڪورٽ جا ڪيس کنيائين. ڪجهه عرصي بعد سندس نالو سنڌ جي ناميارن قانوندانن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ 1970ع واري اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جو پولنگ ايجنٽ رهيو. 1979ع ڌاري بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتائين. تعلقي ۾ وڏي مخالفت باوجود ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. بعد ۾ کيس بنا مقابلي تعلقي ڪائونسل رتيديري جو چيئرمئن چونڊيو ويو. ايم. آر. ڊي تحريڪ جي حمايت ۾ احتجاجاً پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏنائين، ٻيهر 1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊيو ويو. نومبر 1988ع وارين صوبائي چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي ممتاز ڀٽي کي شڪست ڏنائين. 1990ع ۾ به سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1993ع وارين چونڊن ۾ ممتاز علي ڀٽي کان اليڪشن هارايائين. سندن پ پ سان شروع کان وٺي گھرو لاڳاپو رهيو آهي. 1983ع کان تعلقي رتيديري جو صدر ۽ 1980ع کان 1993ع تائين بينظير ڀٽو طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مزار ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. مارشل لا دوران 1979ع ۾ ٽن مهينن تائين سکر سينٽرل جيل ۾ نظربند رهيو ۽ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران پڻ ايم. پي. او تحت هڪ مهيني لاءِ سکر سنيٽرل جيل ۾ قيد رهيو. هن سرڪاري وفدن ۾ ميمبر جي حيثيت ۾ ڪوريا ۽ چين جا دورا ڪيا آهن. ان کان سواءِ هن نجي حيثيت ۾ فرانس، شام، سعودي وغيره جا دورا به ڪيا آهن. قانون جي شعبي ۾ تجربي سبب کيس 1994ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد پهرين فيبروري 2000ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيو. 28 اپريل 2000ع تي چئن سالن لاءِ 10 ڊسمبر 2004ع تائين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ٿيو. 2011ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ نيب جو چيئرمئن پڻ رهيو آهي. سيد ديدار حسين شاهه 30 جنوري 2019ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.12.11  عيسوي

اڳوڻو چيف جسٽس ۽ نيب چيئرمئن سيد ديدار حسين ولد سيد محبوب علي شاهه، 11 ڊسمبر 1939ع تي ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


2000.02.01  عيسوي

جسٽس ديدار حسين شاهه پهرين فيبروري 2000ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيو.


2000.04.28  عيسوي

28 اپريل 2000ع تي چئن سالن لاءِ 10 ڊسمبر 2004ع تائين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ٿيو. 2011ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ نيب جو چيئرمئن پڻ رهيو آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام حيدر صديقي 2
خان صاحب ڊاڪٽر
رستم ۽ سهراب1
علي شير شيدي
اشتياق انصاري
جواهر لال گنگاراماڻي
عبدالرحمان پتافي ضيائي مولانا
ٻائي ٻڍي
شاهه وردي خان کرت
بيرنگ بادشاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون