
ديرو غازي خان
ديرو غازي خان: هيءُ شھر سنڌو درياھہ جي الهندي ڪناري ملتان کان 80 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي 30°03`` اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 70°38`` درجا اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هي شھر ميراڻي حاڪم، نواب حاجي خان، پنھنجي پٽ غازي خان جي نالي سان 1476ع ڌاري آباد ڪيو. ان وقت سرسبز ۽ گلن ڦلن وارو علائقو هو، ڪنهن دؤر ۾ ان کي ’ديرا ڦولان دا شهرا‘ بہ سڏيو ويندو هو. هن علائقي جي آبهوا خشڪ ۽ سرد آهي. جاگرافيائي لحاظ کان هن شھر جي اتر ۾ ديرو اسماعيل خان، ڏکڻ ۾ جيڪب آباد ۽ سکر ضلعا، اولھہ ۾ ڪوھہ سليمان ۽ اوڀر ۾ مظفرڳڙھہ ضلعو آهن. ضلعي حڪومتن جي قيام(2004ع) کان اڳ هن ضلعي کي ڊويزن جو درجو حاصل هو، پر هاڻي ديرو غازي خان ضلعي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ ٻہ تعلقا: ديرو غازي خان ۽ تونسه آهن. جتي اڪثريت سرائڪي ڳالهائيندڙن جي رهي ٿي، پر اردو ۽ بلوچي بہ 20 سيڪڙو ڳالهائي وڃي ٿي. هن شھر جو بلند ترين مقام فورٽ منرو آهي. هن ضلعي جي ڍوڍي مقام وٽان تيل دريافت ٿيو آهي. هن شھر ۾ ڪيترائي اسڪول بہ قائم آهن، جن ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڊويزن پبلڪ اسڪول، بلوم فيلڊ هاءِ اسڪول، دھہ سٽي اسڪول، ۽ دھہ ايجيوڪيٽرز اينڊ ايمس شامل آهن. هن شھر ۾ 8 گورنمينٽ ڪاليج موجود آهن، جن ۾ ٻہ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ ڊگري ڪامرس ڪاليج بوائز اينڊ گرلز ۽ هڪ ٽيڪنيڪل ڪاليج آهي. هتي بھاءُ الدين يونيورسٽيءَ جون سب ڪيمپس بہ آهن.
ديري غازي خان ۾ هڪ سيمينٽ فيڪٽري ۽ ڪيترائي گيھہ ۽ چانورن ڇڙهڻ جا ڪارخانا آهن. 1909ع ۾ ديري غازي خان جي آبادي تقريباً 23731 هئي. هاڻوڪو شهر، پراڻي شھر کان 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٺاهيو ويو آهي. شھر ۾ ڪشادا رستا ۽ گهٽيون آهن. سماجي گڏجاڻين لاءِ جدا هال ٺهيل آهي، جن مان ڪيترن تي قبضو ٿي ويو آهي. 1913ع ڌاري هتي ميونسپل ڪميٽي قائم ٿي. ان وقت شھر جي ايراضي تمام ٿوري هئي. هن شھر جو گهڻو حصو اتر ۽ ڏکڻ پاسي پکڙيل آهي. شھر اولھہ طرف گهڻو وڌي نہ سگهيو، جنهن جو ڪارڻ اهو هو تہ اولھہ هميشہ ٻوڏن ۽ طوفانن وغيرہ جي گهيري ۾ رهيو آهي، جنهن جو مثال 1955ع واري ٻوڏ آهي. 1947ع کان 1958ع تائين آمدرفت ۽ مواصلات جي وسيلن جي گهٽتائيءَ سبب شھر گهڻي ترقي نہ ڪري سگهيو آهي. 1953ع ۾ هتي تؤنسا بئراج ٺاهيو ويو، جنهن کانپوءِ آهستي آهستي شھر ترقي ڪرڻ شروع ڪئي. گذريل 5 سالن ۾ هتي 72 صنعتي پوائنٽ قائم ٿيا آهن. ان کان علاوہ شھر کي وڌيڪ معاشي استحڪام فراهم ڪرڻ لاءِ غازي ٽيڪسٽائل مل ٺاهڻ واري منصوبي تي بہ ڪم جاري آهي. هن شھر جي سول اسپتال کي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر اسپتال جو درجو مليل آهي، جنهن ۾ 500 بسترا آهن. هتي ڪيتريون نجي ۽ فلاحي اسپتالون بہ قائم آهن. هن شھر ۾ ريلوي اسٽيشن، عجائب گهر، پاڪستان ائٽمڪ انرجي ڪميشن ۽ سيمينٽ فيڪٽري کان سواءِ غازي ٽيڪٽرز ۽ ٻيون انڊسٽريون بہ آهن. شھر کان 23 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ديرو غازي خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ بہ آهي. هتان جي مشھور بازارن ۾ گرين مارڪيٽ، راڻي بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، سبزي منڊي ۽ چوپائي مال جي مارڪيٽ شامل آهن.
ڪوھہ سليمان تي حضرت سخي سرور جو مقبرو آهي، جيڪو 13 صدي عيسوي ۾ اڏايو ويو هو، اُتي هر سال سندس عرس پڻ ملهايو ويندو آهي. جڏهن تہ ديري غازي خان شھر ۾ 7 يونين ڪائونسل آهن. هتي کوسا، لنڊ، لغاري، ڪيسراڻي ۽ بوزدار قبيلي جا ماڻهو سياسي طور سرگرم ۽ بااثر ليکيا وڃن ٿا. هيءُ علائقو زراعت جو مرڪز آهي. اتي ڪپھہ، ڪڻڪ، ڪمند، چانورن ۽ تماڪ جو فصل گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿو.
1998ع جي آدمشماريءَ موجب ديري غازي خان ضلعي جي ڪل آدمشماري 1905420 آهي.