ديوان راشد

ديوان راشد

ديوان راشد

ديوان راشد (ڪتاب): هي ديوان سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر راشد مورائيءَ جي غزلن تي مشتمل آهي. ديوان جي منڍ ۾ پنھنجي پاران ’ٻہ اکر‘ راشد مورائيءَ جا لکيل آهن، جڏهن تہ ’منصور جي گفتار‘ عنوان سان تفصيلي مقدمو اصغر ڀٽي ڀريائيءَ جو لکيل آهي. اصغر ڀٽي پنھنجي مقدمي ۾ لکي ٿو تہ: ”ديوان راشد ۾ سڄڻ ۽ ساڻيھہ، سونهن ۽ سنسار جي صداقتن جي اپٽار، سور مان سرور ماڻيندڙ پيار جي پرچار آهي، جيڪا هڪ طرف تہ محبت جي اڻ مئي امرت سان سرشار آهي تہ ٻئي طرف آزاديءَ جي املھہ وٿ سان ٽمٽار آهي. پرواز ۾ بلندي، اعليٰ آدرشي فڪر، پورهيت سان پيار، آزاديءَ جي جدوجھد سان لاڳاپو، انسانيت، انسان جي عظمت ۾ ايمان، اخلاقي پابنديون، سياسي ۽ سماجي شعور، ڪردار جي سچائي، سونهن مان اتساھہ وٺڻ وارا پاڪ جذبا راشد مورائيءَ جي شاعريءَ جون خوبيون آهن. ديوان ۾ صرف غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪيل آهي ۽ غزل رديفن مطابق الف- ب ترتيبوار سان ڏنل آهن. چار رنگي ٽائيٽل سان 303 صفحن تي مشتمل هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب کي سچل پبليڪيشنز 2005ع ۾ شايع ڪرايو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو