ديوان مومـن

ديوان مومـن

ديوان مومن

ديوان مومـن: ’ديـوان مـومـن‘ مير محمد نصير خان ٽالپر جي ننڍي پٽ مير عباس علي خان ٽالپر تخلص ’مومن‘ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. مير عباس علي خان ٽالپر جو ديوان سندس فرزند هز هائينس مير عبدالحسين خان ٽالپر سانگيءَ وٽ هو، جنهن جي وفات کانپوءِ اهو ديوان گم ٿي ويو. سنڌ جي قديم تاريخي ڪتابن ۾ اهو ڄاڻايو ويو تہ: ”مير عباس علي جو ديوان گم ٿي ويو آهي ۽ چند شعر ۽ هڪ مثنوي ڪنهن قلمي بياض ۾ قلمبند آهن.“ ويجهڙائيءَ ۾ تھران يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبرريءَ ۾ هڪ ’ديوان مومن سنڌي‘ مليو آهي، جنهن جي فوٽو ڪاپي عڪس جي مطالعي مان واضح ٿيو تہ اهو ديوان مير عباس علي خان ٽالپر جو هٿ اکر لکيل پنهنجو ديوان آهي. ان ۾ فارسي غزلن کانسواءِ ناياب قطعه تاريخون، منقبت، قصيدا ۽ هڪ عشقيہ داستان شيرين و فرهاد بابت مثنوي بہ موجود آهي. آخر ۾ 5 اردو غزل بہ اٿس. مير صاحب جا سنڌيءَ ۾ ٽي غزل ۽ ٻہ سلام پڻ مليا آهن. ان ۾ ڪلهوڙن جي هار ۽ ٽالپرن جي فتح بابت ناياب پنج طويل قطعه تاريخون بہ آهن، جيڪي تاريخي لحاظ کان تمام اهم آهن. مير عباس علي خان جو هي ديوان قلمي صورت ۾ تھران يونيورسٽيءَ ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو