ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي

ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي

ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي

ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان، ديوان ڪوڙومل، ڀريا، تعلقي نوشهري فيروز، ضلعي نوابشاهه ۾ 5 آڪٽوبر 1844ع تي ڄائو. سندس جنم جو نالو پريتم هو، پر جيئن ته اڳ ڄاون مان ڪو به بچيو نه ٿي، ان ڪري سندس نالو بدلائي ’ڪوڙو مل‘ رکيو ويو. ننڍپڻ ۾ کيس لکڻ پڙهڻ سان گهڻو چاهه هو. سنڌي ۽ فارسي ڀر واري ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ ۾، آخوند قاضي محمد سليمان جي مڪتب ۾ پڙهيو. بهار دانش ۽ سڪندرنامي تائين فارسي پڙهي چڱو محاورو حاصل ڪري ورتائين. 14 ورهين جي ڄمار ۾ اڪيلو اُٺ جي 120 ميل مسافري ڪري حيدرآباد ۾ وڃي انگريزي پڙهيائين، تڏهن اڃا ريل گاڏي چالو ڪانه ٿي هئي.
ديوان ذهين ۽ تيز فهم هو، ان ڪري سنڌ جي تعليمي انسپيڪٽر کيس پهريون شاگرد مترجم (Boy translator) ڪري مقرر ڪيو، جنهن لاءِ کيس ماهوار 25 روپيا وظيفو ملڻ لڳو.
سنڌ مان پهريان 4 ڄڻا: (1) ديوان ڏيارام ڄيٺمل، (2) ديوان چوهڙ مل پنجابي، (3) ديوان نولراءِ شوقيرام ۽ (4) ديوان ڪوڙو مل هئا، جي بمبئيءَ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ ويا. انهن چئن اميدوارن مان فقط پهريان ٻه ڄڻا ڪامياب ٿيا. ديوان ڪوڙي مل وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي ڏنو.
ملازمت: ديوان ڪوڙي مل کي پهرين ڪراچيءَ ۾ ڪمشنر جي آفيس ۾ 30 روپيا پگهار تي ڪلارڪي ملي. هن انهيءَ وقت جاميٽريءَ جو پهريون ۽ ٻيو ڪتاب ’اقليدس‘ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جو اسڪولن ۾ درسي ڪتاب طور پڙهايو ويندو هو. جاميٽريءَ جا هن وقت جيڪي لفظ ۽ اصطلاح موجود آهن، سي سڀ ڪوڙي مل جا متعارف ڪرايل آهن. هن اهي فارسي ڪتابن مان ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ رائج ڪيا.
ڪوڙي مل کي جلد ئي تعليم کاتي ۾ آڻي، پهرين حيدرآباد جي نارمل اسڪول ۾ نائب ماستر ۽ پوءِ سکر ۽ حيدرآباد جي نارمل اسڪولن ۾ هيڊماستر، 150 روپين پگهار تي مقرر ڪيو ويو، جتان سگهو ئي پوءِ سنڌي ٽرانسليٽر جي عهدي تي مقرر ٿيو. ان عهدي تي مقرريءَ دوران ڪوڙي مل سنڌي درسي ڪتابن سميت ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيا.
اُن وقت ديوان صاحب جي قابليت ڏسي، کيس سکر سِٽي سروي جي ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو ۽ هن تسلي بخش ڪم ڪري ڏنو. روينيو ۽ جڊيشيل امتحان پاس ڪرڻ بعد ڪوڙو مل پهرين شڪارپور جو ۽ سگهو ئي پوءِ حيدرآباد جو سٽي مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. سندس هوشياري، منصف مزاجي، بي ريائي ۽ ايمانداريءَ سبب جلد کيس ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي ست سال روهڙيءَ ۽ هالا ڊويزنن ۾ ڪم ڪيائين. ديوان صاحب خوشامد ۽ رسائيءَ مان نه ڄاڻندو هو، ان ڪري ڪمشنر آرسڪن جي دؤر ۾ ڪن عملدارن جي ناراضپي سبب کيس روينيو کاتي مان هٽائي، اصلوڪي تعليم کاتي ۾ ٽرانسليٽر ڪري رکيو ويو. جڏهن انڪمبرڊ ايسٽيٽ کاتو کليو ته کيس اسسٽنٽ مئنيجر مقرر ڪيو ويو ۽ سگهو ئي سندس قابليت کي ڏسي ساڳئي کاتي جو مئنيجر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ان کاتي ۾ آءِ. سي. ايس عملدار مقرر ڪرڻ شروع ڪيا ويا ته ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب، ديوان ڪوڙي مل سان همصلاحي ٿي، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد قائم ڪيو ۽ ان جو پهريون پرنسپال ديوان ڪوڙو مل مقرر ٿيو.
هن تعليم کاتي ۾ جملي 25 ورهيه ملازمت ڪئي. ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپاليءَ جي عهدي دوران ديوان صاحب ڪي ورهيه حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪمشنر ۽ هيلٿ آفيسر ٿي به ڪم ڪيو ۽ حيدرآباد ۾ ڪيتريون ئي صحت جي سڌاري جون رٿون سندس تحرڪ سان منظور ٿيون. سال 1897ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو قهري مهامريءَ (پليگ) جو مرض پکڙيو ته ديوان صاحب حيدرآباد ۾ پليگ آفيسر مقرر هو. ان ڏکئي وقت ۾ ديوان صاحب ماڻهن جي جيڪا سهائتا ڪئي، سا مثالي ۽ تحسين جوڳي هئي. هن پليگ جي بيماريءَ کان بچاءَ لاءِ ’مهامري، تنهن مان ڪهڙي مت سري‘ ڪتاب به لکيو. 1899ع ۾ ديوان صاحب رٽائرمينٽ ورتي. ايمانداريءَ ۽ قابليت سان تعليم جي خدمت ڪرڻ ۽ پليگ وقت ماڻهن جي مدد ڪرڻ واري سندس ڪارنامي کي مدنظر رکي سرڪار کيس ’راءِ بهادر‘ جو لقب ڏنو ۽ سگهو ئي 1160 ايڪڙ زرعي زمين جا به نالي طور کيس مالڪاڻي تي ڏنا ويا.
پينشن تي لهڻ کان پوءِ ديوان ڪوڙو مل ڪجهه وقت انگريزن لاءِ ڏيهي ٻولين ۾ ممتحن مقرر ٿيو ۽ سگهو ئي پوءِ پئنچاتي سُڌاري جو ڪم هٿ ۾ کڻي ساهتي پرڳڻي جي جدا جدا ڳوٺن ۾ ڦٽل پئنچاتن کي سڌاري گڏائي هڪ وجود ڪيائين ۽ ڪيترا سماجي سڌاري جا ڪم ڪيائين. ڳوٺن ۾ بيهودين رسمن، شادين ۽ ڏيتي ليتيءَ جي اجاين خرچن گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪيائين. پنهنجي ڳوٺ ۾ اول درجي جو هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين، جيڪو ڪي. سي. اڪيڊمي (Koro mal Chandan mal Academy) سڏيو ويو. ڇوڪرين جو اسڪول ۽ پبلڪ لائبرري قائم ڪرايائين. سنڌ جي تعليم کاتي جي ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪميٽيءَ تي ڪيترا سال رهيو. سنڌ ۽ هند جي ڪيترين تعليمي ۽ ٻين سماج سڌار تنظيمن جو ميمبر رهيو. بمبئيءَ جي گورنر 1916ع ۾ جيڪا تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي، ان ۾ سنڌ مان فقط ٽن ڄڻن: ديوان ڪوڙي مل، مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان بولچند ڏيارام کي خاص دعوت ڏئي گهرايو ويو، مطلب ته ديوان ڪوڙي مل سماجي، اخلاقي ۽ تعليمي سڌاري لاءِ سنڌ ۾ وڏو ڪم ڪيو، ان ڪم ۾ ساڻس ديوان ڏيارام گدو مل به شامل هوندو هو. ديوان ڪوڙو مل شخصي ۽ گهرو گهُرجن کي گهٽائي، غريبن مسڪينن کي تعليم پرائڻ لاءِ مدد ڪندو هو. 1913ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جيڪا انڊين نيشنل سوشل ڪانفرنس ٿي، ان جو يڪراءِ صدر ديوان ڪوڙي مل کي بنايو ويو ۽ اتي انگريزيءَ ۾ ڪيل سندس تقرير يادگار ليکي وڃي ٿي.
ديوان ڪوڙو مل، بنگال جي ڪيشپ چندرسين جي سماجي خدمتن کان متاثر ٿي، ساڌو هيرانند ۽ نولراءِ جي ساٿ ۾ برهمو سماجي به ٿي رهيو.
ديوان ڪوڙي مل 16 ڊسمبر 1916ع تي 73 سالن جي ڄمار ۾ ڀريا ۾ لاڏاڻو ڪيو.
ڪوڙي مل چندن مل جي قلمي پورهئي، ڪتابن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(1) پڪو پهه (زناني تعليم بابت: 1862ع)، (2) ڪولمبس جي تاريخ (1862ع)، (3) اقليدس (جاميٽري ڪتاب پهريون)، (4) اقليدس (ڪتاب ٻيو)، (5) اقليدس (ڪتاب ٽيون: 1866ع)، (6) درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب چوٿون (1873ع)، (7) درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب پنجون (1874ع)، (8) درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب ڇهون (1875ع)، (9) درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب ستون (1876ع)، (10) ساميءَ جا سلوڪ (ڀاڱو پهريون : 1885ع)، (11) ساميءَ جا سلوڪ (ڀاڱو ٻيو: 1885ع)، (12) علم حڪمت'>آغاز علم حڪمت (1886ع)، (13) رتـنـاولـي (ناٽڪ: 1888ع)، (14) سنڌي پهاڪا (1888ع)، (15) سنڌي ڳجهارتون (1888ع)، (16) پراڻي شاستر (A Treatise on Biology: 1891ع)، (17) ٻـاراڻـا گـيـت (1891ع)، (18) ٻـاراڻيـون آکاڻيـون (1891ع)، (19) ساميءَ جا سلوڪ (ڀاڱو ٽيون: 1892ع)، (20) علم ڪيميا (پروفيسر راسڪر جي ڪتاب تان ورتل: 1892ع)، (21) سئنيٽري پرائيمر، (22) زاهده رابعا بصري، (23) ليکي جو ڪتاب، (24) کيتي (ڀاڱو پهريون: 1897ع)، (25) مهامَري، تنهن مان ڪهڙي مت سَري (1897ع)، (26) سيتلا جي ٽڪن ڏيارڻ بابت (1987ع)، (27) سنگ جو پرسنگ (چهچٽو: 1899ع)، (28) جيوَن اِندري شاستر (حيوانات ۽ نباتات جي بناوت جو علم: 1900ع)، (29) پدارٿ سکيا (1900ع)، (30) کيتي (ڀاڱو ٻيو: 1901ع)، (31) ڦول مالا (1902ع)، (32) آريه ناري چريتر (1905ع)، (33) نؤ سنيهتا (نئون نياپو: 1905ع)، (34) ريوتي (اٿوا آپدا ڪـال ۾ ڌيءَ جـي پــيءُ سـان سهـائـتـا: 1905ع)، (35) هندستان جي تاريخ، (36) قصو مک ۽ ڪوريئڙي جو، (37) ڀڄن مالا، (38) ٻاراڻا ڀڄن ۽ پرارٿنا، (39) سنت جئديو جو جيوَن چريتر (1906ع)، (40) ٽهڪ تي ٽهڪ (ٽوٽڪا ۽ لطيفا: 1906ع)، (41) مهاتمائن جا درشن (1907ع)، (42) راجا رام موهن راءِ جو جيوَن چريتر (1907ع)، (43) ڀلمانسي ۽ پئنچاتون ڇو ڦِٽيون آهن؟ (ٻه مضمون: 1907ع)، (44) ڀڳت جيونيون (1908ع)، (45) سنت نامديوَ جو جيوَن چريتر (1908ع)، (46) ڀڳتن جون ساکيون (1908ع)، (47) چيتن ديوَ جو جيوَن چـريــتـر (1912ع)، (48) راج رشي ڀيشم پتامهه جو جيوَن چريتر (1914ع)، (49) راڌا راڻـي (بنڪـم چـئٽرجيءَ جي بنگالي ڪتاب جو ترجمو: 1914ع)، (50) دادو سنت جو جيوَن چريتر (1914ع)، (51) کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي (بنگاليءَ تان ترجمو: 1915ع)، (52) ٻه منڊيون (بنڪم چئٽرجيءَ جي ڪتاب جو ترجمو: 1916ع)، (53) ندورو هار (ٽئگور جي ڀيڻ گهوشال جي ڪتاب جو ترجمو: 1916ع)، (54) انديرا آکاڻي (بنڪم چئٽرجيءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، (55) چندر مکي (ناول: 1918ع)، (56) هري درشن (ديوندرناٿ ٽئگور جون روحاني سمجهاڻيون: 1930ع)، (57) روهني (ناول: 1915ع ۾ لکيل، ڇپيل: 1937ع)، (58) مهاتما پون آهاري بابا (1915ع ۾ لکيل، ڇپيل: 1937ع).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1844.10.05  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان، ديوان ڪوڙومل، ڀريا، تعلقي نوشهري فيروز، ضلعي نوابشاهه ۾ 5 آڪٽوبر 1844ع تي ڄائو.


1916.12.16  عيسوي

ديوان ڪوڙي مل 16 ڊسمبر 1916ع تي 73 سالن جي ڄمار ۾ ڀريا ۾ لاڏاڻو ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجا جئدرٿ
ٿامس هنٽ مورگن
سيد سليمان ندوي
شاهه اسماعيل ڀڙي وارو
حميره علواڻي
سعدالله شيخ
خليفو عبدالحميد چانڊيو حڪيم
زبيده آپا
حسني قادري حاجي شاهه جيلاني
انور وسطڙو ( راڳي)
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون