ديپڪ آشا

ديپڪ آشا: سنڌي ٻولي جي ناليواري ليکڪ، سماج سڌارڪ، فلمساز ۽ موسيقار ديپڪ آشا جو اصل نالو ڌرم ڪمار تولاڻي هو. سندس جنم 26 نومبر 1919ع تي ٽنڊي آدم، سنڌ ۾ ٿيو. هن سنڌي ٽي درجا تعليم حاصل ڪئي. ورهاڱي دوران ٻين سنڌي هندو خاندانن وانگر ديپڪ آشا بہ پنھنجي خاندان سميت هندستان ويو ۽ مستقل طور بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ورهاڱي سبب هندستان پهچندڙ سنڌي هندن شروعاتي ڏهاڙن ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون سٺيون. کين مهاجر ٿي ڪئمپن ۾ رهڻو پيو ۽ پيٽ پالنا لاءِ مزدوري بہ ڪيائين. ديپڪ آشا بہ ان وقت ڪئمپ ۾ رهيو، جتي هو سنڌي ڪميونٽيءَ جي ماڻهن جا ڏک سور ونڊيندو هو. مادر وطن سنڌ ڇڏڻ کانپوءِ سنڌي ماڻهن جي انتهائي مايوسيءَ واري حالت کي ڏسي کين آٿت ڏيندو هو ۽ همت افزائي ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن هر قسم جي مدد ڪندو هو. هن سنڌين جي انهيءَ غم ۽ گوندر کي گهٽائڻ لاءِ ڳائيندڙن جي هڪ منڊلي ٺاهي، جنهن ۾ مرد توڙي عورتون شامل هئا. ديپڪ آشا ان منڊلي لاءِ انقلابي ۽ حب الوطنيءَ جا گيت ڪمپوز ڪيا، جيڪي ان وقت بمبئي ۽ آس پاس جي سنڌي مهاجر ڪئمپن ۾ ڳايا ويندا هئا، جنهن ڪري هن انهن ماڻهن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي. ديپڪ آشا راڳ ۽ موسيقي ۾ پروفيسر رام پنجواڻيءَ سان بہ سنگت ڪئي ۽ هندستان ۾ جتي جتي بہ سنڌي هندو رهندا هئا، هن انهن سڀني علائقن جو سفر ڪيو ۽ پنھنجي صوفياڻي ڪلامن جي راڳ ۽ موسيقيءَ جي ذريعي انهن سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي ورتائين. هن سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ سنڌ سان وڇڙڻ واري صدمي ۽ سندن مشڪلاتن کي دور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ انهن ۾ نئين سر زندگي جيئڻ جو روح ڦوڪيائين، جنهن ۾ هو ڪامياب ويو. هو نو آبادياتي ڪئمپن ۾ رهيل سنڌي ماڻهن سان پيش ايندڙ مسئلن جو جائزو وٺندو هو ۽ سندن مسئلا حل ڪرائيندو هو. ان حوالي سان هن سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سنڌي سنسار‘ نالي مخزن بہ جاري ڪئي، جنهن ۾ سنڌي جاتيءَ جي ماڻهن سان پيش ايندڙ واقعن ۽ مسئلن جو ذڪر ڪيو ويندو هو ۽ ان سان گڏوگڏ هن رسالي ذريعي سنڌي ماڻهن کي اتساهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ديپڪ آشا جو ڪردار نهايت ئي پرڪشش، جاذب ۽ موهيندڙ رهيو، هو اعليٰ ظرف وارو انسان ۽ همدرد هو، جنهن ڪري ماڻهو کيس تمام گهڻو چاهيندا هئا. ديپڪ آشا ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر بہ هو. هن فلم انڊسٽري قائم ڪئي، جيڪو ان دؤر ۾ نهايت ئي وڏو ڪم هو. هن هندي ۽ سنڌي ٻنهي ٻولين ۾ فلمون ٺاهيائين، هن ڪيتريون ئي سنڌي فلمون ٺاهيون جن جو پس منظر حب الوطني، مذهبي ڪهاڻيون، سماج سڌارڪ ۽ عورتن جي سجاڳي هو. سندس پهرين فلم ’اباڻا‘ مادر وطن سنڌ سان محبت جو مثال آهي، جيڪا 1958ع ۾ رليز ٿي هئي. جنهن بعد ”انصاف ڪٿي آهي“ 1960ع، ’جهولي لعل‘ 1964ع، ’شل ڌيئر نہ ڄمن‘ 1969ع ۽ ’اڃا تہ ائٽ مان ننڍڙي آهيان‘ 1970 ۾ رليز ٿيون. سندس ٺاهيل سنڌي فلمن کي تمام گهڻي موٽ ملي ۽ ڪامياب ويون ۽ اهڙي طرح هندي فلمن جي ڪاميابي بعد هو فلمسازيءَ جي دنيا جو بادشاھہ بنجي ويو. هن هندستان ۾ سنڌي ماڻهن جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو. ديپڪ آشا 28 جولاءِ 1993ع تي پرلوڪ پڌاري ويو.


لفظ ديپڪ آشاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.11.26  عيسوي

ديپڪ آشا جو جنم 26 نومبر 1919ع تي ٽنڊي آدم، سنڌ ۾ ٿيو.


1993.07.28  عيسوي

. ديپڪ آشا 28 جولاءِ 1993ع تي پرلوڪ پڌاري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اليگزينڊر ڪننگهام
خالد ڀٽي
ثانيہ مرزا
عبدالڪريم ميربحر
استاد بسم ﷲ خان
پيرل پياسي
طاهر محمد نسياني مير
ڄام مھر علي جوکيو
اختر ٽانوري
فاطمہ آفندي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون