دَل مناهيو

دَل، مناهيو: ’تحفة مظهر شاھجھاني‘ ۾ مغل دور جي نامور ويڙهاڪن ۾ دائود شوري سان گڏ دل ذات جي نامي گرامي ويڙهاڪ مناهيي دل جو پڻ ذڪر ملي ٿو. مناهيو دل درياھہ توڙي خشڪيءَ تي مغلن کي ڌاڙا هڻندو هو. مظفر خان معموريءَ جي دور ۾ جڏهن سندس ڪارروايون وڌي ويون، تڏهن مظفر خان فوج تيار ڪرائي ۽ مير ابوالبقا کي بہ خط موڪليائين تہ لشڪر سميت شال پرڳڻي پهچي وڃ. مظفر خان شال پهتو تہ دل ذات جي سردار مناهيي دل پنھنجي ڪٽڪ سان اچي، مظفر خان سان جنگ شروع ڪئي. مناهيي دل مغل فوج جا ڪيترا سپاهي قتل ڪري ڇڏيا، اهو سڀ ڪجهہ مظفر خان اکين سان ماٺ ميٺ ۾ پئي ڏٺو. رات جو مير ابوالبقا پنھنجي لشڪر سميت اچي مظفر خان وٽ پهتو. ٻيءَ رات ٻئي ڄڻا لشڪر تيار ڪري اچي ويڙهاڪن جي پويان پيا. مغلن جي جوابي ڪارروائيءَ ۾ هزارين محب وطن سميجا، شورا ۽ دل مارجي ويا ۽ سندن سسيون لاهي مظفر خان ڏانهن موڪليائين. هن ڪارروائيءَ جو مناهيي دل تي گهڻو اثر ٿيو ۽ هراسجي حميد شوري سان گڏ اچي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ مغلن جي ڍل ڀرڻ شروع ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو