ذوالجناح
ذوالجناح: حضرت امام حسين عليه السّلام جي سواريءَ واري گهوڙي کي ’ذوالجناح‘ سڏيو وڃي ٿو. ذوالجناح بابت تاريخ اسلام ۾ ڄاڻايل آهي ته جڏهن حضرت امام حسين عليه السّلام پنجن ورهين جو ٿيو، تڏهن سندس ناني حضرت محمد صلي الله عليه وسلم هڪ گهوڙو خريد ڪري کيس تحفي طور ڏنو ۽ پنهنجي هٿن مبارڪ سان امام حسين عليه السّلام کي ان گهوڙي تي سوار ڪري ڏسڻ لڳا. گهوڙي جو نالو ’مرتجز‘ هو. ڪن تاريخ وارن ان جو نالو ’ذوالجناح‘ لکيو آهي. وڌيڪ مستند ‘ذوالجناح‘ کي سمجهيو وڃي ٿو. حضرت امام حسين عليه السّلام کي گهوڙي تي سواري ڪندي ڏسي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم اشڪبار ٿي ويا. اهو ڏسي بيبي فاطمة الزهرا سلام الله عليه کانئن اشڪبار ٿيڻ جو سبب پڇيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته منهنجو پيارو حسينعه ڪربلا جي ميدان ۾ به ان گهوڙي تي چڙهيل هوندو ۽ ڪربلا ۾ ٽن ڏينهن جو اڃيو ۽ بکيو شهيد ڪيو ويندو.
حضرت امام حسين عليه السلام ننڍپڻ کان وٺي ذوالجناح تي سواري ڪندو هو ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ پڻ انهيءَ ذوالجناح تي آيو ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ جهاد ڪندي آخر شهيد ٿي ويو. ڪربلا جي واقعي کانپوءِ ’ذوالجناح‘ حضرت امام حسين عليه السلام سان منسوب آهي. عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ ماتمداري، مجلسن، تعزين، جهولن، علم پاڪ سان گڏ ’ذوالجناح‘ به وڏي عقيدتمنديءَ سان ڪڍيا ويندا آهن. اهو رواج ايران کان هند، پاڪستان ۽ سنڌ ۾ عام ٿيو.
صحيفة العزا‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ ۾ ذوالجناح جو رواج ايران کان پيو. اهو رواج ڪلهوڙن جي دور کان شروع ٿيو. ممڪن آهي ته ان کان اڳ به سنڌ ۾ اهو رواج هجي، پر ان بابت تاريخي شاهدي نه ٿي ملي. ماتمداري، مجلسون، تابوت، پينگها ۽ علمن جو رواج ڪربلا جي واقعي کانپوءِ جلد ئي سنڌ ۾ عام ٿيو، پر ذوالجناح جو رواج ڪلهوڙن جي دؤر ۾ عام ٿيو. ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن به هن روايت کي قائم ۽ برقرار رکيو. ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر ماتمي جلوس تعزيي سان گڏ ڪڍندو هو، ان ۾ هڪ ذوالجناح پڻ عقيدتاً شامل ڪندو هو. مير فتح علي انهيءَ ذوالجناح لاءِ هڪ جڙاؤ سونو ساز، ڪيمخواب ۽ زربفت جي جهُل تيار ڪرائي. مير فتح علي خان سنڌ ۾ تعزيه داريءَ جو بنياد وڌو، اهو ماتمي جلوس فقير جي پڙ (فقير محمد خان جوڻيجي جي پڙ) مان نڪري مختلف هنڌن تان ٿيندو اچي پڪي قلعي وٽ اختتام پذير ٿيندو هو. اهو ذوالجناح به سڄي ماتمي جلوسن سان گڏ هوندو هو. مير ٽالپر جي انهيءَ ذوالجناح جو خاص طبيلو قلعي اندر هوندو هو، جنهن جي سنڀال وغيره سيس ڪندا هئا.
انگـريـزن جـي دور ۾ به عـزاداري عـروج تي هئي، ٻين سان گڏ هڪ انگريز ايلي ڪاٽ عرف علي گوهر مسلمان ٿيو ۽ پڙ تعمير ڪرايائين. ايلي ڪاٽ هڪ ذوالجناح لاءِ گهوڙو خريد ڪيو ۽ ان جو ساز چانديءَ جو ٺهرايائين. ايلي ڪاٽ پهريون دفعو 1945ع ۾ هڪ ماتمي جلوس ڪڍيو، جنهن ۾ ذوالجناح به شامل هو. ايلي ڪاٽ عرف علي گوهر جو پڙ اڄ تائين پڪي قلعي وٽ موجود آهي ۽ اتان ماتمي جلوس اڄ تائين محرم جي ڏهاڙن ۾ نڪرندو رهندو آهي.
موجوده وقت ذوالجناح جو رواج سڄي سنڌ ۾ عام آهي. سڄي سنڌ جي ماتمي جلوسن ۾ ذوالجناح عقيدتاً ڪڍيا وڃن ٿا، اڄ به ذوالجناح جو ساز چانديءَ جو ٺهرايو وڃي ٿو. ذوالجناح واري گهوڙي جي پرورش وڏي عقيدتمنديءَ سان ڪئي ويندي آهي.