رئيس ضياءُ الدين ’ضيا‘

رئيس ضياءُ الدين ’ضيا‘

رئيس ضياءُ الدين ضيا

رئيس ضياءُ الدين ’ضيا‘: رئيس ضياءُ الدين ’ضيا‘ سنڌ جي مشھور شاعر شمس الدين ’بلبل‘ جو فرزند هو، جنهن جو جنم 15 ڊسمبر 1910ع تي ميهڙ ۾ ٿيو. والدہ جي وفات ڪري وڃڻ سبب، سندس پرورش جو بار مولانا غلام محمد سوڍر جي سپرد ٿيو. اڃا نوَن ورهين جي ڄمار جو هو تہ سندس والد رئيس شمس الدين ’بلبل‘ بہ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، جنهنڪري سندس پرورش، تربيت ۽ تعليم جو سڄو انتظام مولانا سوڍر کي ئي ڪرڻو پيو. سنڌي پرائمري تعليم ميهڙ مان حاصل ڪيائين ۽ 1921ع جي اپريل مهيني ۾ ميهڙ جي اي. وي. اسڪول ۾ انگريزي تعليم لاءِ داخل ٿيو. هي اسڪول بلبل مرحوم جي ميهڙ واري مدرسي جي ختم ٿيڻ تي ئي سندس سرمايي تي شروع ڪيل هو ۽ هن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ جي منزل تي پهتل آهي. انگريزي ڇهون درجو لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين ۽ مئٽرڪ جو امتحان بہ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڏنائين. ڪاليج جي تعليم لاءِ مسلم يونيورسٽي عليڳڙھہ ۾ آگسٽ 1931ع ۾ داخلا ورتائين ۽ سن 1938ع ۾ ايم. اي، ايل. ايل. بي جا امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري ميهڙ موٽيو. عليڳڙھہ ۾ پروفيسر محمد حبيب ۽ ڊاڪٽر ظفرالحسن جو مٿس خاص اثر پيو. 1943ع ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ منطق ۽ سنڌي ادب جو ليڪچرار ۽ بورڊنگ هائوس جو سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو، پر سياسي جهڳڙن سبب واپس ميهڙ موٽي آيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ دادوءَ ۾ پهريائين اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ پوءِ سن 1953ع ۾ سڄي دادو ضلعي جو پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو.
رئيس ضياءُ الدين کي شاعريءَ جو شوق والد کان ورثي ۾ مليو. هو برجستي شاعر هئڻ سان گڏ ڪيترين ادبي تنظيمن سان بہ لاڳاپيل رهيو. پنھنجي والد جي ياد ۾ ’بزمِ بلبل ميهڙ‘ جو بنياد وڌائين، جنهن جي پليٽفارم تان ماهوار مشاعرا ڪرائيندو رهيو. ان کانسواءِ ’انجمنِ آفتاب ادب‘ دادوءَ جو صدر ۽ ’جمعيتِ الشعراء سنڌ‘ جو نائب صدر بہ رهيو. ڪجهہ وقت ’رساله اديب‘ سنڌ جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين، پر اڳتي هلي مالي مشڪلات سبب کيس رسالو بند ڪرڻو پيو. عمر جي آخري حصي ۾ هفتيوار اخبار ’تنظيم عوام‘ جاري ڪيائين. سندس ڪوششن ۽ محنتن سان ميهڙ ۾ ’نائين سنڌ ادبي ڪانفرنس‘ ڪوٺائي وئي هئي.
رئيس ضياءِ الدين کي ٽي پٽ: شمس الدين، صلاح الدين ۽ نظام الدين ٿيا. هن 14 ڊسمبر 1966ع تي وفات ڪئي.


لفظ رئيس ضياءُ الدين ضياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.12.15  عيسوي

رئيس ضياءُ الدين ’ضيا‘ سنڌ جي مشهور شاعر شمس الدين ’بلبل‘ جو فرزند هو، جنهن جو جنم 15 ڊسمبر 1910ع تي ميهڙ ۾ ٿيو.


1966.12.14  عيسوي

هن 14 ڊسمبر 1966ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شير محمد خان
ميرابوالقاسم سلطان ٺٽوي
راوت رڻمل راٺوڙ
هما مير
شاستري لال بھادر
ٻيڙو مير بحر
جونپوري سيد محمد
چچ پٽ سيلائج برهمڻ
اسحاق انصاري ڊاڪٽر
شميم ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون