
اوروِل رائيٽ ۽ ولبر رائيٽ

رائيٽ ڀائر

رائيٽ ڀائر
رائيٽ ڀائر (Wright Brother): نامور سائنسدان ولبر رائيٽ 1867ع ڌاري هِل وِل (انڊائنا) ۾ ۽ اَوروِل رائيٽ 1871ع ڌاري اوهيو رياست جي ڊيٽن شھر ۾ پيدا ٿيا. ٻنهي ڀائرن کي شروع کان وٺي مشينن سان ڏاڍي دلچسپي هئي. هنن سائنسي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا. سندس طبيعت ۾ همت، اٽل ارادو ۽ دورانديشي منڍ کان موجود هئي. سندن پيءُ هڪ پادري هو، پر پيءُ کين خودمختيار ڇڏيو. هو ٻئي هڪ اسڪول ۾ ڪجهہ سال ئي پڙهي سگهيا، جنهن بعد کين سائيڪل جي مرمت ۾ دلچسپي وڌي. تعليم نہ هوندي بہ ٻنهي ۾ ڪتابن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ سندن حافظو بہ تيز هو. هو مشينن جي پرزن کي غور سان جاچيندا هئا. هنن گهر ۾ ڪيترن ڪتابن جو مطالعو ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح آهستي آهستي سندن خيالن ۾ اضافو ايندو ويو، سندن صحت شروع کان سٺي ۽ طبيعت ۾ ڪم سان لڳاءُ ۽ اتساھہ موجود هو.
هڪ ڏينهن سندن پيءُ کين هڪ هيليڪاپٽر آڻي ڏنو، جنهن ۾ ٻہ پکا لڳل هئا، جڏهن ان ۾ چاٻي هنئي ويندي هئي تہ اهي پکا هلڻ لڳندا هئا ۽ رانديڪو هوا ۾ اڏامندو هو. ٻنهي ڀائرن ان رانديڪي کي کولي پرزا پرزا ڪري وري ٻيهر ڳنڍيو ۽ وري ٽوڙي ۽ وري ڳنڍيو تہ جيئن کين خبر پوي تہ هي آخر اڏامي ڪيئن ٿو؟ آخرڪار هو سمجهي ويا تہ هن رانديڪي ۾ پکا هوا کي اهڙيءَ طرح پوئتي اڇلين ٿا، جهڙيءَ طرح ٻيڙيءَ جو وَنجهہ پاڻيءَ کي پوئتي اڇلي ٿو ۽ ٻيڙي اڳتي وڌي ٿي. انهيءَ مان هنن سٺو سبق پرايو. ان عمل بعد کين هوائي اڏام سان دلچسپي پيدا ٿي وئي. پهريان هنن هڪ لغڙ جو غور سان مشاهدو ڪيو تہ اهو هوا ۾ ڪيئن ٿو اڏامي ۽ پوءِ جهرڪين ڏانهن ڌيان ڏنائون. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڌرتيءَ تي ليٽي جهرڪين کي غور سان ڏسندا رهندا هئا تہ اهي ڪهڙيءَ طرح اڏامن ٿيون، ڪهڙيءَ طرح هوا ۾ پنهنجو وزن سنڀالين ٿيون، ڪهڙيءَ طرف مٽائين ٿيون ۽ پوءِ ڪيئن هيٺ لھي اچن ٿيون، اهڙن قسمن جي مشاهدن سندن ڏاڍي رهنمائي ۽ مدد ڪئي.
اڃا هنن جي عمر ويھہ سال هئي تہ هنن ننڍيون وڏيون ڪيتريون ڪارائتيون مشينون ٺاهيون، جھڙوڪ گاھہ جون ڀريون ٺاهڻ واري مشين، اخبارون تھہ ڪرڻ واري مشين ۽ مختلف قسمن جا لغڙ، ان طريقي سان کين ڪجهہ آمدني بہ ٿي پوندي هئي. گهٽ تعليم جو احساس ٿيڻ بعد هنن اهڙن ڪتابن جو مطالعو شروع ڪيو، جيڪي هوابازيءَ سان واسطو رکندا هئا. هنن اهو ڄاڻڻ چاهيو تہ انسان انهيءَ ميدان ۾ ڪهڙي ترقي ڪئي آهي. شروع ۾ ٻنهي نوجوانن کي ڪيئي رنڊڪون پيش آيون، سڀ کان وڏي رڪاوٽ تہ اها هئي، جو وٽن اهڙن تجربن ڪرڻ لاءِ رقم نہ هئي، هو ٻئي هڪ دڪان جا مالڪ هئا، جنهن ۾ سائيڪلن جي مرمت جو ڪم ڪندا هئا، جنهن مان معمولي آمدني ٿيندي هئن. پوءِ بہ بچت سان گذران ڪندي دڪان جي پويان ميدان ۾ هوابازيءَ جا تجربا شروع ڪري ڇڏيائون. هنن پنھنجي تجربن جي شروعات اهڙن جهازن سان ڪئي، جيڪي سواءِ ڪنهن موٽر جي هوا ۾ حرڪت ڪندا هئا، جن کي گلائڊر چيو وڃي ٿو. هنن جهازن جي اوچائيءَ جو مطالعو ڪيو. چاڙهين ۽ لاهين وارن حصن جو فرق معلوم ڪيو. هوا جي دٻاءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخرڪار ان نتيجي تي پهتا تہ جيسين جھاز جي وزن ۽ هوا جي دٻاءَ ۾ هڪ قسم جو توازن قائم نہ ٿيندو، تيستائين جھاز اڏامي نہ سگهندو، نيٺ هو هڪ سائنسي گلائڊر تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، جنهن تي ان وقت پندرهن ڊالر خرچ آيو. ان ۾ ڪاٺيءَ جون ڪمانيون ۽ وڏو ڪپڙو استعمال ڪيو ويو. انهيءَ گلائڊر کي اڏائڻ لاءِ هنن اهڙي جاءِ ڳولي، جتي ٽڪريون بہ هيون تہ جيئن اڏامڻ ۽ لھڻ وارين ٻنهي حالتن کي منهن ڏئي سگهن. هنن موسميات کاتي وارن جي مدد سان اتر ڪيرولينا ۾ ڪِٽي هاڪ واري هنڌ کي چونڊيو، جيڪو اهڙي تجربي لاءِ مناسب هو.
25 سيپٽمبر 1900ع تي ٻئي ڀائر پنهنجو جھاز کڻي ڪِٽي هاڪ پهتا، پهرين تہ هنن اهو جھاز خالي اڏايو، ولبر انهيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ ڪجهہ تارون پنھنجي هٿ ۾ کڻي ورتائين، جن جي مدد سان جھاز تي ضابطو رکي پئي سگهيو. هن اها اڏام رڳو اٺن فٽن جي اوچائيءَ تائين ڪئي وئي، ان کان پوءِ هنن چاهيو تہ پنھنجي جھاز ۾ هڪ موٽر لڳائين، جيڪو پکن کي حرڪت ۾ آڻي ۽ جھاز تيزيءَ سان اڏامي سگهي. اهڙي مقصد ماڻڻ لاءِ لاڳيتو ٽي سال تجربا ڪندا رهيا. ٻئي ڀائر ٽن سالن تائين مختلف قسمن جي موٽرن ۽ پکن ۾ تجربا ڪندا رهيا. هوائي جهازن جا ڪيترائي نمونا تيار ڪيائون، هنن 32 سال تجربا ڪندي گذاريا. 1903ع جي آخر تائين هنن هڪ اهڙو هوائي جھاز تيار ڪري ورتو، جنهن ۾ هڪ موٽر لڳل هو. ان کي ڪِٽي هاڪ کڻي ويا، هنن هيءُ جھاز سائنسي اصولن تي بڻايو هو. ان ۾ پکا بہ لڳايا ويا هئا ۽ هوا جي دٻاءَ جو بہ پورو خيال رکيو ويو هو. 11 ڊسمبر 1903ع وارو ڏينهن هوابازيءَ جي تاريخ ۾ سدائين يادگار رهندو، جنهن ۾ هو ڪجهہ قدر ڪامياب ويا.
رائيٽ ڀائر پنھنجي مشين کي بهتر بنائڻ ۾ مصروف رهيا ۽ پنجن سالن کان پوءِ هنن جھاز ۾ ايترو تہ سڌارو آندو، جو انهن ڪيترن سائنسدانن، ايڊيٽرن، صحافين ۽ تماشينن اڳيان ڪاميابيءَ سان اڏام ڪئي. ان ڪاميابيءَ تي کين اعزازي ڊگريون ڏنيون ويون، 45 سالن جي عمر ۾ ولبر مُدي جي تپ سبب 30 مئي 1912ع تي وفات ڪئي. اوروِل لاءِ هي صدمو جيءُ جهوريندڙ هو، هنن جيڪي بہ ڪجهہ حاصل ڪيو هو، اهو ٻنهي جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو هو. اورول رائيٽ ڪمپنيءَ جي ٽن سالن تائين صدارت سنڀالڻ کان پوءِ استعيفا ڏئي ڇڏي. اورول، ڀاءُ جي وفات کان پوءِ پنھنجي جھاز کي بهتر بنائڻ جون ڪوششون ڇڏي ڏنيون، کيس ڪم ۾ مزو نہ ايندو هو. سندس دل ڀڄي پئي هئي ۽ وڌيڪ سَت نہ ساري سگهيو. 17 ڊسمبر 1928ع تي آمريڪا هوابازيءَ جي پنجويهين سالگرھہ سلور جوبلي ڪري ملهائي. رائيٽ ڀائرن جي ياد ۾ ڪٽي هاڪ هنڌ تي هڪ يادگار جوڙيو ويو. اوروِل کي خاص طور انهيءَ ميڙ ۾ گهرايو ويو.