راج ڪپور

راج ڪپور

راج ڪپور

راج ڪپور: هندستان جي مشھور فلمي اداڪار، هدايتڪار ۽ فلمساز راج ڪپور، 14 ڊسمبر 1927ع تي پاڪستان جي شھر پشاور ۾جنم ورتو. هو پرٿوي راج جو پٽ هو، جيڪو پڻ اداڪاري ڪندو هو. راج ڪپور کي فلمي دنيا ۾ وڃڻ جو ننڍپڻ کان شوق هو. ان شوق کي ڏسي سندس پيءُ، کيس ان وقت جي مشھور هدايتڪار ڪيدار شرما جي حوالي ڪيو. راج ڪپور جو اصل نالو رنبير راج هو، پر فلمي دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ پنھنجي نالي مان رنبير هٽائي خانداني نالي ڪپور کي شامل ڪري پنهنجو نالو راج ڪپور رکيائين. ڪيدار شرما انهن ڏينهن ۾ بمبئي ٽاڪيز ۾ ڪم ڪندو هو. راج ڪپور بہ ٽي سال بمبئي ٽاڪيز ۾ 70 روپيا پگهار تي ڪم ڪيو، جڏهن 1944ع ۾ دليپ ڪمار کي بمبئي ٽاڪيز جي فلم ’جوار ڀاٽا‘ ۾ پيش ڪيو ويو تہ ان وقت راج ڪپور ان فلم جي ٽيڪنيڪل يونٽ ۾ شامل هو.
هن اداڪاريءَ جو آغاز اسٽيج کان ڪيو. جڏهن پرٿويراج پنهنجو ٿيٽر بمبئيءَ ۾ قائم ڪيو تہ پاڻ ان ۾ آرٽ ڊائريڪٽر ۽ پراڊڪشن مئنيجر رهيو. هن ’ديوار‘ ڊرامي ۾ اداڪار طور ڪم ڪيو. 1944 ع ۾ مظهر خان جي فلم ’بڙي بات‘ ۾ هوٽل جي بيري جو ڪردار ادا ڪيائين. 1946ع ۾ بالاجي نپڍارڪر جي فلم ’والميڪي‘ ۾ هن نارد جو رول ادا ڪيو. هن جون ڪيتريون فلمون ناڪام بہ ويون، پر 1947ع ۾ ئي ’جيل ياترا‘ فلم ٺھي تہ ان فلم ۾ راج ڪپور جي اداڪاريءَ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. ان کانسواءِ سندس فلم ’برسات‘ پڻ يادگار رهي. هن فلم ۾، نرگس، پريم ناٿ ۽ ڪي ايل. سنگهہ شامل هئا. اها پهرين هندستاني فلم هئي، جنهن جي فلمبندي ڪشمير ۾ ڪئي وئي هئي. راج ڪپور جي ٻي سپر هٽ فلم ’آوارہ‘ هئي، جيڪا هن خواجہ احمد عباس جي ڪهاڻيءَ تي ٺاهي. ’برسات‘ فلم کانپوءِ هيءَ فلم يادگار فلمن جي سٿ ۾ شامل ٿي وئي هئي.
هن ’انداز‘ فلم (دليپ ڪمار سان گڏ) ۾ ڀرپور نموني اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. 1960ع ۾ ’سنگم‘، 1970ع ۾ ’ميرا نام هي جوڪر‘، 1972ع کانپوءِ ’ڪل، آج اور ڪل‘، ’بوبي‘، ’ڌرم ڪرم‘، ’ستيم شيوم سندرم‘، ’ پريم روگ‘ سندس اهم فلمون آهن. راج ڪپور جي ٺاهيل آخري فلم ’رام تيري گنگا ملي‘ هئي. هن پنهنجين فلمن کانسواءِ ٻين هدايتڪارن ۽ مختلف ادارن طرفان ٺهندڙ فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو، جن ۾: ’پيار‘، ’شاردا‘، ’ڇليا‘، ’جان پهچان‘، ’داستان‘، ’اناڙي‘ ۽ ’بي وفا‘ شامل آهن. راج ڪپور کي ’انڊين چارلي چيپلن‘ جو خطاب بہ ڏنو ويو.
هي اداڪار جي حيثيت ۾ اٽڪل ٽيھہ سال فلم انڊسٽريءَ تي ڇانيل رهيو، سندس ابتدائي فلمن کي ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي، جيڪي فلم جي شاگردن لاءِ وڏي سرمائي جي حيثيت رکن ٿيون.
راج ڪپور 2 جون 1977ع تي وفات ڪري ويو. سندس نالي هڪ وڏو پراڊڪشن هائوس ’راج فلمز‘ جي نالي سان قائم آهي. سندس ڀائر شمي ڪپور ۽ ششي ڪپور بہ وڏا اداڪار رهيا آهن.
سندس اولاد مان رنڌير ڪپور، رشي ڪپور فلمي دنيا ۾ آيا. رنڌير ڪپور سنڌي اداڪارہ ببيتا سان شادي ڪئي، جنهن جون ٻہ ڌيئرون: ڪرشمہ ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور بہ اهم فلمي اداڪارائون آهن، جڏهن تہ رشي ڪپور اداڪارہ نيتو سنگهہ سان شادي ڪئي، جنهن جو پٽ رنبير ڪپور هن وقت فلم انڊسٽريءَ ۾ اهم مقام رکي ٿو.


لفظ راج ڪپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.12.14  عيسوي

هندستان جي مشهور فلمي اداڪار، هدايتڪار ۽ فلمساز راج ڪپور، 14 ڊسمبر 1927ع تي پاڪستان جي شهر پشاور ۾جنم ورتو.


1977.06.02  عيسوي

راج ڪپور 2 جون 1977ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رمضان جت
ابڙو غلام مصطفيٰ
بودن فقير ڀنڀرو
چندر پٽ سيلائج
ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر
عبدالسميع ميمڻ
حاجي مير محمد بلوچ
هوت خان رند
پير غلام رسول شاھہ جيلاني
جعفر شاھہ مورائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون