رازي، فخرالدين: ابو عبدالله محمد بن عمر بن الحسين فخرالدين رازي، 1149ع ڌاري ري شھر ۾ ڄائو. هن جو والد ضياءِ الدين ابوالقاسم پنھنجي شھر جو خطيب هو. ان ڪري سندس لقب ابن الخطيب بہ ٿي ويو. ادب ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ فخرالدين رازي، خوارزم هليو ويو، جتي هن معتزلن جي خلاف مناظرا ڪيا، جن کيس ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. ان کان پوءِ هو ماوراءِ النهر پهتو تہ اتي بہ سندس مخالفت ٿي. آخر هو ’ري‘ موٽي آيو ۽ شھاب الدين غوريءَ سان لاڳاپا رکيائين، جنهن کيس اعزازن ۽ دولت سان مالامال ڪيو. 1184ع ۾ جڏهن هو بخارا ويندي سرخس ۾ ٿورو وقت ترسيو تہ اتي جي هڪ وڏي طبيب کيس پاڻ وٽ وڏي شان سان ٽڪايو تہ هن سندس شڪريي ادا ڪرڻ لاءِ بو علي سينا جي ڪتاب ’ڪليات‘ جي شرح لکي. بخارا ۾ کيس سندس اميد مطابق موٽ نہ ملي تہ هرات هليو ويو، جتي غزنيءَ جي غوري سلطان غياث الدين کيس شاهي محل ۾ عوام لاءِ هڪ مدرسي کولڻ جي اجازت ڏني. سمرقند، سنڌ ۽ ٻين علائقن جي سير ۽ سياحت کانپوءِ هو هرات ۾ رهي پيو ۽ عمر جو وڏو حصو اتي گذاريائين، جتي هو شيخ الاسلام جي لقب سان مشھور ٿيو. هو وچ ايشيا جو هڪ مشھور معلم ثابت ٿيو. ان سان گڏ هو بھترين خطيب ۽ حد درجي جو پرهيزگار ۽ ايماندار، سچو ۽ کرو عالم دين هو. هن جي سچائيءَ واري ڪردار سبب سندس تمام گهڻا دشمن پيدا ٿيا. رازي هڪ وڏو فلسفي ۽ علم الڪلام جو بي بدل عالم هو. سندس لکيل ڪتابن جي لسٽ ڊگهي آهي، جيڪي گهڻو ڪري علم ڪلام، فلسفي، فقھ ۽ تفسير سان واسطو رکن ٿا. اساس التقديس في علم الڪلام، لوامع البينات في الاسماء والصفات، شرح الاشارات، المعالم في اصول الدين، مفايتح الغيب المعروف، تفسير ڪبير، المناظرات ۽ المباحث المشرقيه سندس مشھور ڪتاب آهن. هن جي علمي حيثيت کان سنڌ جا عالم بہ ڪافي متاثر ٿيا آهن.
فخرالدين رازيءَ، 1209ع ڌاري رحلت ڪئي.