طيار

طيار: هي حجاج بن يوسف جو خاص ماڻهو هو، هر وقت حجاج بن يوسف سان گڏ هوندو هو. جنهن وقت جئسينه بن ڏاهر ٻيٽ جي قلعي ۾ آيو ۽ اچڻ سان محمد بن قاسم سان مقابلي جي تياري شروع ڪيائين ته ان وقت محمد بن قاسم جو لشڪر قحط جو شڪار هو. هنن وٽ اناج، گاهه ۽ گهوڙا گهٽجڻ لڳا. اهو سڄو احوال محمد بن قاسم حجاج بن يوسف ڏانهن لکي موڪليو، هوڏانهن کان هڪدم حجاج بن يوسف پنهنجي خاص مخبر طيار کي لشڪر جي حال احوال جي خبر وٺڻ لاءِ سنڌ موڪليو. مڪران ۾ پهچندي ئي طيار کي هڪ شخص سڄي خبر سربستي ٻڌائي ۽ عرب جي لشڪر جي پريشاني کان پڻ واقف ڪيائين. طيار انهي شخص کي پاڻ سان وٺي وڃي سڄو احوال حجاج بن يوسف کي ٻڌايو. انهي کانپوءِ طيار کي انعام ۽ اڪرام ڏنائين ۽ محمد بن قاسم ڏانهن خط لکي حجاج بن يوسف هر خبر کان باخبر ڪيو.


لفظ طيارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو