
راز شيخ عبدالرزاق
’راز‘ شيخ عبدالرزاق: نامور شاعر ۽ اديب شيخ عبدالرزاق ’راز‘ ولد شيخ منشي عبدالرؤف، جنوري 1919ع ۾ ڄائو. سندس وڏن 1857ع ۾ جنگ آزاديءَ جي زماني ۾ بکر مان لڏي اچي سکر پراڻيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. راز علمي ۽ ادبي ماحول ۾ اک کولي. سندس وڏا بـکـر ۾ مڪتب ۾ درس ڏيـندا هئا. سندس پڙ ڏاڏو ملان عبـدالله بـکـر جي مـڪـتـب ۾ مـعلم مقرر هو ۽ سندس ڏاڏو حبيب ﷲ ’حبيب‘ ابتدا ۾
ماستر، بعد ۾ هيڊماستر ۽ شھر جي اسڪولن جو هيڊماستر ٿي رهيو. هو شعر بہ چوندو هو ۽ ان وقت جي وڏن عالمن، بزرگن ۽ شاعرن جو صحبتي هو، جن مان سخي قبول محمد، مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ همايوني، هزهائينس مير علي نواز ’ناز‘، مخدوم قاضي بدرالدين سيوهاڻي، ميان علي نواز علوي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مخدوم غلام حيدر (هالا) ۽ مرحوم نور محمد وڪيل قابل ذڪر آهن. هن 1937ع ۾ وفات ڪئي.
’راز‘ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم سکر ۾ حاصل ڪئي. ليڪن ثانوي تعليم جو سندس آخري دؤر عليڳڙھہ ۽ لاهور ۾ گذريو. مئٽرڪ جي سـنَد پنجـاب يونيـورسٽـيءَ مـان ورتائيـن. اعـليٰ تعليـم جـا ڇھہ سال ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ گذاريائين. ان کانپوءِ ساڳئي ڪاليج ۾ ايم. اي پرشن ۾ داخلا ورتائين، پر مڪمل ڪري نہ سگهيو. سندس استاد ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر سدا رنگاڻي ’خادم‘ جھڙا اديب، عالم ۽ تعليمي ماهر هئا. نئين ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ سندس ڪوشش سان ڪاليج ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جو بنياد رکيو ويو، جنهن ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، پروفيسر ڊي. ڪي منشاراماڻي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، سڳن آهوجا ۽ ارجن شاد وغيرہ حصو ورتو. شيخ راز انهيءَ سرڪل جو مسلسل چار سال جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ سرڪل جو سرپرست ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي هو.
ڪاليج جي زندگيءَ کانپوءِ شيخ راز 1947ع ۾ ’الوحيد‘ اخبار ڪراچيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. سندس ڪوشش سان ’الوحيد‘ جي هفتيوار علمي ۽ ادبي ايڊيشن جو اجراءُ ٿيو، جنهن جو هو انچارج ايڊيٽر رهيو. 1947ع ۾ ئي ڪجهه عرصو هن پنجاب ۽ ڪشمير جي سير سياحت ڪئي ۽ انساني خون جي هوليءَ جا منظر پنهنجين اکين سان ڏٺا. آخر الوحيد جي نوڪريءَ کي خيرباد چئي سکر موٽي آيو ۽ 1948ع جي وچ ڌاري سکر ميونسپالٽيءَ جو چيف آفيسر مقرر ٿيو. حڪومت سنڌ جي سياست جي بار بار تبديليءَ سبب ’راز‘ صاحب کي ٻہ ڀيرا نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻو پيو، هو آخري دفعو حالتن جي مدنظر 1958ع ۾ ستن سالن جي ملازمت کانپوءِ استعيفا ڏنائين. هن جيترو وقت بہ نوڪري ڪئي، باهمت، با اصول، ديانتدار ۽ شھر جو خدمتگار ٿي ملازمت ڪئي. چيف آفيسري ڇڏڻ کانپوءِ هو اسلاميہ ڪاليج ۾ سنڌي ۽ اسلامي تاريخ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هو خود اسلاميہ ڪاليج جي بانين مان هو. انهيءَ ڪري هن کي ٻي ملازمت کان اسلاميہ ڪاليج جي خدمت ڪرڻ وڌيڪ بهتر نظر آئي، جلد ئي هن اسلامي تاريخ ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪجهه وقت کانپوءِ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول سکر جو هيڊماستر مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هو ڪافي وقت هيڊماستر ۽ اسلاميہ ڪاليج سکر جو پرفيسر ٿي رهيو، جتي 10 سال ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ساٿي ٿي رهيو. هنن گڏجي ادبي محفلون مچايون، ادبي معرڪا سر ڪيا ۽ ادبي سلسلا هلايا. 1970ع ڌاري اسلاميہ ڪاليج سکر جي پروفيسري ڇڏي، موسوي صاحبن جي اصرار تي ’عطا حسين شاھہ ڪاليج روهڙيءَ‘ جو ڪجهه وقت پرنسپال ٿي رهيو. 1962ع ۾ ايم. اي سنڌيءَ ۾ ڪيائين، 1964ع ۾ بي. ٽي بہ ڪيائين. ٿورو وقت روهڙيءَ جي ڪاليج ۾ پرنسپال ٿي رهڻ کانپوءِ اها ملازمت ڇڏي ڏنائين، ڇاڪاڻ جو ايترو ٻوجهه برداشت نہ ٿي ڪري سگهيو. پويون وقت فقط ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊماستر ٿي رهيو، جتان 1979ع ۾ رٽائر ڪيائين. ان کانپوءِ بلڪل گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاريائين. پويون وقت ڏاڍو بيمار رهيو ۽ تمام ڪمزور ٿي ويو هو ۽ 2 ڊسمبر 1983ع تي وفات ڪيائين. پويان ڪوبه اولاد نہ ڇڏيائين.
شيخ عبدالرزاق ’راز‘ جا دوست ٿورا هئا، پر انهن سان بيحد محـبـت ڪندو هو، سکر ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کان سـواءِ شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ، ميان پير محمد پيرزادو، ميان عبدالغني، شيخ اياز، حـافـظ خيـر محمد اوحـدي، آفـاق صـديـقـي، ڊاڪــٽر نواز علي شوق، حسن ميان ۽ الحاج محمد احمد (اڳوڻو پرنسپال اسلاميہ ڪاليج سکر) سندس گهرا دوست هئا. ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن سان سندس گهرا تعلقات هئا، جھڙوڪ: ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، غلام رباني آگرو، شيخ عبدالحليم ’جوش‘، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ آغا سليم وغيرہ. راز صاحب تصنيف، تاليف ۽ شعر شاعريءَ کانسواءِ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪوشش سان 9،8،7 اپريل 1950ع تي انجمن فروغ ادب سکر جي زير اهتمام ’ڪل پاڪستان سنڌي اردو ادبي ڪانفرنس‘ منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي بلند پايه اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وقت بوقت سندس ڪوشش سان سکر ۾ ڪيترا ادبي اجتماع، ڪانفرنسون ۽ وڏي پئماني تي مشاعرا ٿيا. هو پاڪستان رائيٽرس گلڊ شاخ سکر جو اهم رڪن ٿي رهيو، جنهن طرفان ڪيترا سنڌي ۽ اردو ڪتاب ڇپيا. ان کان اڳ ۾ 1954ع ۾ پنھنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان پنهنجو ذاتي ادبي اشاعتي ادارو ’حبيب پبليڪيشن‘ قائم ڪيائين، جنهن طرفان ڪيترا سنڌي ڪتاب ڇپيا، جھڙوڪ: سندس پنهنجا ڪتاب ’ڊاڪ بنگلو‘ (ڪهاڻيون)، ’سارنگ‘ ۽ ’فاتح سنڌ‘ ڪريم بخش خالد جو ’سنڌي صحافت‘، شيخ اياز جو ’پنھل کانپوءِ‘ (ڪهاڻيون)، بشير مورياڻيءَ جو ’اصنام خيالي‘ (ڪهاڻيون)، مقبول صديقيءَ جو مرتب ڪيل افسانن جو مجموعو ’گل ۽ مکڙيون‘ وغيرہ. 1971ع ۾ سندس ئي ڪوشش سان ’شاھہ لطيف يادگار ڪاميٽي‘ قائم ٿي، جنهن جي اهتمام هيٺ اعليٰ پئماني تي ’شاھہ لطيف ڪانفرنس‘ منعقد ٿي ۽ ڪجهه ڪتاب بہ ڇپيا، جن ۾: شيخ اياز جو ’سانگي ڪي ساريام‘ ۽ آفاق صديقيءَ جو اردو ڪتاب ’عڪس لطيف‘ شامل آهن.
شيخ راز باڪمال شاعر، بلند پايه نقاد ۽ منفرد افسانہ نويس هو. هو ترقي پسند هجڻ جي باوجود اسلامي عقيدن، اصولن ۽ نظرين جو پابند رهيو. هو سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي بانين: گوبند مالهي، سوڀي گيانچنداڻي، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جي سٿ مان هو.
راز پهريون جديد شاعر هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هن سنڌي زبان ۾ جديد آزاد نظم لکيو. 1946ع ۾ سندس پهريون شعر شيخ اياز جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي ’اڳتي قدم‘ ۾ ڇپيو. ’راز‘ صحيح معنيٰ ۾ جديد شاعر ۽ اديب هو، جدت ۽ انفراديت سندس فن جون خاص خوبيون هيون، هو روايت جو باغي نہ هو، پر روايت کي جامد شيءِ بہ نہ سمجهندو هو. سندس نظر ۾ روايت هڪ سلسلو آهي، جيڪو وقت جي ڌارا ۾ وهندو. انهيءَ ڪري هو روايت جو قدر ڪندي، پنھنجي فن ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪندو هو. هو حسن ۽ عشق جو شاعر بہ هو تہ معاشي ۽ معاشرتي حالتن کي بہ نظر انداز نہ ڪندو هو. هو غزل جو شاعر بہ هو تہ آزاد نظم، گيت، بيت ۽ وائيءَ جو بہ. سڀني صنفن ۾ سندس مخصوص رنگ موجود آهي، جنهن ۾ جماليات جو عنصر غالب آهي، پر غزل سان هن جو قرب وڌيڪ هو. سندس شعر جا مجموعا: (1) سارنگ، (2) پيهي منجهہ پاتال، (3) سڄڻ سفر هليا، (4) ڌڙڪنين (اردو) ۽ (5) غزل سان شايع ٿيا. شاعر هجڻ سان گڏ راز صاحب سٺو نثر نويس بہ هو، هن افسانا بہ لکيا تہ ناول ۽ ڊراما بہ لکيائين تہ خاڪا بہ. ان کانسواءِ هن مختلف موضوعن تي ڪيترا مضمون، تنقيدي ۽ تحقيقي مقالا، سفرناما ۽ تاريخي ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:
(1) ڊاڪ بنگلو (افسانن جو مجموعو)، (2) فاتح سنڌ (تاريخي ڊرامو)، (3) نئون آدمي (ناول)، (4) سانگي ڪي ساريام (خاڪن جو مجموعو)، (5) تنقيد ۽ تجزيو (تنقيدي مقالن جو مجموعو)، (6) غزل جو تجزيو'>سنڌي غزل جو تجزيو (سنڌي غزل جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو)، (7) تاريخ سلطنت دهلي (تاريخ، (8) شرح سر يمن ڪلياڻ، (9) شرح ڪلام گرهوڙي، (10) شرح ديوان گل.
راز صاحب سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ بہ شعر، مضمون ۽ ڪتاب پڻ لکيا. انگريزيءَ ۾ سندس سکر شھر جي تاريخ ۽ ثقافت بابت هڪ ڪتاب ‘Sukkur-Past & Present’ ڇپجي چڪو آهي. شاھہ لطيف جي رومانوي داستانن بابت اردوءَ ۾ سندس ڪتاب ’ماروي ڪي ديس ۾‘ ڇپيو، سندس اردو شاعريءَ جو مجموعو ’ڌڙڪنين‘ ڇپيو.
1983.12.02 عيسوي
’راز‘ شيخ عبدالرزاق 2 ڊسمبر 1983ع تي وفات ڪئي.