راسوڙو
راسوڙو (ناچ): راسوڙي ناچ ۾ ڪنواريون توڙي پرڻيل ڇوڪريون ۽ زالون حصو وٺنديون آهن، هي ناچ اصل ڪڇ ۽ گجرات جو آهي. لاڙ ۽ ٿر ۾ فقط انهن ذاتين ۽ قبيلن ۾ عام آهي، جن جو ڪڇ ۽ گجرات سان تعلق رهيو آهي. لاڙ ۽ ٿر جا ڪولهي ۽ ميگهواڙ وڏن ڏينهن تي هن ناچ جو مظاهرو ڪندا آهن. هو زالين مڙسين گڏجي نچندا آهن. ناچ ڪرڻ مهل ’شري ڪرشن مهاراج‘ جو بوتو ٺاهي وچ ۾ رکندا آهن. دهلاري ڀر ۾ بيهي خاص وڄت ۾ دهل وڄائيندو آهي. البت ڪولهين ۽ ميگهواڙن جي وڄت ۾ فرق آهي. راسوڙو ناچ مسلمانن ۾ فقط ’خواجه‘ ۽ ’اسماعيلي‘ برادريءَ ۾ رائج آهي.
ٻهراڙين ۾ رات جي خاموش وايومنڊل ۾ نوجوان نينگريون دهل جي خاص وڄت تي هرڻين وانگر ڇال ڏينديون، دهلاريءَ جي چؤڦير گول دائري ۾ بيهنديون آهن. دهلاري وڄت شروع ڪندو ته نينگريون ساڄي کان کاٻي ڦرنديون وينديون آهن. دهلاري آهستي آهستي دهل کي لئي ۾ آڻيندو ويندو آهي. دهل جي وڄت ۾ فرق اچڻ کانپوءِ ڇوڪريون به ناچ ۾ ڦيرو آڻينديون آهن. ساڄو پير زمين تان کڻي ٻنهي هٿن سان يعني ساڄي هٿ سان ساڄي طرف ۽ کاٻي هٿ سان کاٻي طرف چپٽي وڄائي، ساڄي پير جو پٻ ٿورو پٺيان زمين تي هڻي اڳيان وڌي، سامهون جهُڪي، نوڙي تاڙي وڄائي پوءِ سڌيون ٿي وري چپٽي وڄائينديون آهن. دهل جي تال، تاڙين جي ڦهڪي سان گڏ پيرن جي شپڪي ۽ چپٽيءَ ۾ هم آهنگي پيدا ٿيڻ جي ڪري ساري فطرت ڄڻ ته ان رقص ۾ سمايل محسوس ٿيندي آهي. ان جي وڄت سان گڏ پيرن جو کڄڻ، هٿن جو هلڻ، چوڙين جو کڙڪو ۽ جهانجهر جو ڇمڪو به تحرڪ ۾ ايندو آهي. ڌيمي ڌيمي ناچ جي چال ۾ تيزي ايندي ويندي آهي. سڀ ڇوڪريون هڪ ئي وقت نونديون آهن، هڪ ئي وقت سڌيون ٿينديون آهن، هڪ ئي وقت چپٽي وڄائينديون آهن ۽ هڪ ئي وقت پٻ کي زمين سان هڻي جھانجھر مان ڇمڪو ڪڍنديون آهن. تاڙين سان گڏ سندن گلي مان نڪرندڙ مڌر آلاپ ساري فضا کي مدهوش ڪري ڇڏيندو آهي. هن ناچ ۾ نچندڙ ڇوڪرين جي جسم جي جهوم،ڪمر جي لچڪ، ٻانهن جي لوڏ، پيرن جي شپڪي ۽ هر ادا ۾ قدرتي فن سمايل نظر ايندو آهي. سندن لباس ۾ هم آهنگي پڻ دلڪش منظر پيش ڪري ٿي. هي ناچ ڏسڻ جهڙو هوندو آهي. خواجه جماعت جون نينگريون پنهنجي حاضر امام جي تشريف آوريءَ جو ٻڌي هن ناچ ذريعي خوشيءَ جو اظهار ڪنديون آهن.