رامداس سوامي

رامداس سوامي: مشھور شاعر سوامي رامداس جو جنم 1879ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. سوامي رامداس جو اصل نالو چوهڙ سنگهہ هو. پر کٽ واري درٻار جي گاديسر سوامي ڪاشيداس جي مرڻ کانپوءِ جڏهن کيس گاديءَ تي ويهاريو ويو تہ سندس اصل نالي بدران مٿس رامداس نالو رکيو ويو. شڪارپور شھر ۾ سوامي رامداس جي مڃوتي هوندي هئي. هندو پنھنجي پئنچاتي ۽ ذاتي مسئلن ۾ کيس منصف سمجهي فيصلا ڪرائيندا هئا. پاڻ جيڪو بہ فيصلو ڪندو هو، سو هر ڌر کي قبول هوندو هو ۽ ڪو بہ ان کان انڪار نہ ڪندو هو. ورهاڱي کان پوءِ بمبئيءَ جي کار علائقي ۾ وڃي آباد ٿيو، جتي پڻ درٻار قائم ڪيائين. سوامي رامداس مٿان سنڌ جي ويدانتي شاعر ساميءَ جو ڪافي اثر رهيو. ساميءَ وانگر سوامي رامداس جا بہ ڪيترا ’سلوڪ‘ ملن ٿا. سوامي رامداس، 14 ڊسمبر 1955ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.12.14  عيسوي

سوامي رامداس، 14 ڊسمبر 1955ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيق وقار کهڙو
آخوند فقير محمد عاجز
امام بخش خادم
پروانو ميراجي
جواد جعفري
ليلارام سيتائي شاعر
ارجن حاسد
تاج محمد شيخ
عبدالله عبد انصاري
شيخ محمد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون