رامچندر ڀڳوانداس رهيجا

رامچندر ڀڳوانداس رهيجا: مشهور اداڪار ۽ گائڪ رامچندر ڀڳوانداس، 8 ڊسمبر 1930ع تي شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري سگھيو. ورهاڱي بعد خاندان سان گڏ هندستان هليو ويو، جتي سندس لاڙو موسيقيءَ ۽ اداڪاريءَ طرف ٿيو. هن ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ اداڪار طور به حصو ورتو. سندس اداڪاريءَ کي ڏسندڙن بيحد ساراهيو. سندس مشهور سنڌي ناٽڪن ۾: سورٺ راءِ ڏياچ، سهڻي ميهار، نيدل باز، نٿو چريو وغيره شامل آهن. سندس ڪيترا گيت آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.12.08  عيسوي

مشهور اداڪار ۽ گائڪ رامچندر ڀڳوانداس، 8 ڊسمبر 1930ع تي شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عاليه چنا
ابنِ اسحاق
الطاف حسين 2
قادر بخش ڀٽي مولانا
پارپتي ٽيڪچند گدواڻي
راج ڪپور
شمس الدين تنيو ڊاڪٽر
انور علي شاهه ڊاڪٽر
زاهده گوپانگ
سچل شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون