رام لعل

رام لعل: ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ شاعر رام لعل ولد اتمچند جو جنم 21 ڊسمبر 1921ع تي ڳوٺ چچا تعلقي قمبر ۾ ٿيو. هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل جو امتحان ڏنو.
رام لعل پنهنجي دؤر جو ناليوارو شاعر ٿي گذريو آهي. هن ڪيترائي گيت ۽ غزل لکيا. هن ڪيترين سنڌي فلمن لاءِ گيت به لکيا، جن ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. رام لعل ڪهاڻيڪار، شاعر سان گڏوگڏ هدايتڪار ۽ اداڪار به هو. هن ڪيترين ئي فلمن جي هدايتڪاري ڪئي ۽ انهن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي. 1947ع ۾ ورهاڱي بعد هندستان لڏي وڃي مهاراشٽر ۾ آباد ٿيو.


لفظ رام لعلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.12.21  عيسوي

ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ شاعر رام لعل ولد اتمچند جو جنم 21 ڊسمبر 1921ع تي ڳوٺ چچا تعلقي قمبر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا خان چوٿون
دائود بلوچ
اي جي چانڊيو
ارڏو اترادي
چانڊيو رئوف
ڏاهر راجا
سيد پريل شاھ
جتوئي غلام رسول مولانا
عبدالجبار وڪيل
سر غلام حسين هدايت الله
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون