هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي راکي ٻَڌندي
راکي ٻنڌڻ/ رکشا ٻنڌڻ: هڪ رسم، جنهن موجب ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي ٻانهن ۾ ڌاڳو/ راکِي يا رکڙي ٻڌندي آهي، ان کي ’راکي ٻنڌڻ‘ چئبو آهي. هيءَ قديم زماني کان سنڌ جي به ثقافتي رسم رهي آهي. راکي ٻنڌڻ/ رکڙيءَ جي رسم سانوڻ مهيني جي شڪل پورڻما تي ادا ڪئي ويندي آهي. هڪ ڀيڻ پنهنجي سڀني جذبن کي ڪچي ڌاڳي جو روپ ڏئي پنهنجي ڀاءُ/ ڀائرن جي تحفظ لاءِ سندن ڪرائيءَ ۾ راکي ٻڌندي آهي. راکيءَ جي ڪچي ڌاڳي کي مهانتا ۽ اهميت حاصل آهي، اهو ڌاڳو ڀيڻ ڀاءُ جي رشتي جي تقدس ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي پريم جي علامت هوندو آهي.
هن تهوار لاءِ مشهور روايت آهي ته پاتال لوڪ جي راجا ٻَليءَ، وامن ڀڳوان جي چرڻن کي پڪڙي، لڪشميءَ جي ور جو سر گھُريو ته لڪشميءَ اُتي راجا ٻليءَ کي راکي ٻڌي پنهنجو ڀاءُ بڻايو هو ۽ پنهنجي پتيءَ کي کانئس بچائي ورتو هو. ان کانپوءِ راکي ٻنڌڻ تهوار جو روپ اختيار ڪيو.
ساڳيءَ ريت نانڪي ٻائي پنهنجي ڀاءُ گرونانڪ کي راکي ٻَڌي، انهيءَ روايت کي وڌيڪ عام بڻائي ڇڏيو.
چتوڙ جي مهاراڻي ڪرموَتيءَ، دهليءَ جي مغل بادشاهه همايون کي رکشا ٻنڌڻ تي راکي موڪلي، پنهنجو ڀاءُ بڻايو هو. همايون بادشاهه، راکيءَ جو قدر ڪري راڻيءَ جي عزت ڪئي ۽ راڻيءَ جي حفاظت لاءِ گجرات جي بادشاهن سان لڙائي ڪئي هئي.
اڳي راکيءَ ۾ سُٽ جو ڪچو ڌاڳو ڪم ڏيندو هو، پر هاڻي رنگ برنگي، خوبصورت ۽ ڳري مُلهه واريون راکيون ٻَڌيون وينديون آهن. هندو جاتيءَ جو هر طبقو هي تهوار خوشيءَ ۽ اُتساهه سان ملهائيندو آهي.