
راڳ صوفي ۽ سنڌ
راڳ، صوفي ۽ سنڌ (ڪتاب): هيءُ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو سچل سرمست جي شاعريءَ ۽ فڪر بابت لکيل مقالن تي مشتمل ڪتاب آهي، جيڪو سچل چيئر، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ڇپرايو آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ ۽ سچل چيئر جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر اياز گل جا رايا شامل آهن. پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ لکي ٿي تہ: ”سچل سرمست تي جن بہ محققن ڪم ڪيو آهي، ڊاڪٽر تنوير عباسي انهن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي سائنٽفڪ انداز سان ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي، سچل سرمست رحه جي فن ۽ فڪر تي ڀرپور مقالا لکيا، جيڪي وقت بوقت مختلف رسالن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿيندا رهيا. انهن مقالن کي هڪ جاءِ تي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ سان سچل سرمست جي فن ۽ فڪر کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي پيدا ٿيندي. سچل چيئر، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ، خيرپور سنڌ، تنوير عباسيءَ جي انهن مقالن کي گڏ ڪري شايع ڪري رهي آهي، جيڪا سٺي ۽ اهم ڪوشش آهي. سچل چيئر جي قيام جو مقصد بہ اهو ئي آهي تہ سچل سائينءَ جي فڪر کي عام تائين پھچايو وڃي. جيئن سندس فن ۽ فڪر کي وڌ کان وڌ سميٽي سگهجي.“ ايڊيشنل ڊائريڪٽر اياز گُل ’پنھنجي پاران‘ ۾ لکي ٿو تہ سچل چيئر شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ جي يگاني، وڏي واڪ سچ چوڻ واري عظيم وحدت الوجودي شاعر، حضرت سچل سرمست جي فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ تحقيقي ادارو آهي.“ ان بعد هو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ بابت لکي ٿو تہ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي سڃاڻپ جا ڪيئي روپ آهن ۽ سڀئي معتبر آهن. پاڻ شاعر، عالم، محقق، سفرناما نگار، مسيحا ۽ لطيف ۽ سچل جو پارکو. سندس گهڻ پاسائين شخصيت جا سمورا روپ مڪمل ۽ ڀرپور آهن ... تنوير عباسيءَ جو لطيف سائين ۽ سچل سائينءَ جي شاعريءَ جي حوالي سان ڪيل تحقيقي ڪم سائنسي بنيادن تي ۽ بنھہ منفرد ۽ مختلف آهي ... سچل سرمست جي شاعريءَ ۽ فڪر کي سمجهائڻ لاءَ تنوير جيڪي مقالا لکيا، اهي اهميت ۽ حيثيت ضرور رکن ٿا.“ هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا 7 مقالا: ’سچل سرمست‘، ’سچل سرمست جو سنڌي ۽ سرائيڪي شاعريءَ تي اثر‘، ’سچل سرمست ۽ عروضي شاعري‘، ’سچل سرمست جي ڪلام جا قلمي سرچشما‘ ۽ ’راڳ ۽ صوفي ۽ سنڌ‘ شامل آهن. ڪتاب جي پٺين ٽائيٽل تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي تصوير سان گڏ سندس تعارف ڏنل آهي. 62 صفحن تي مشتمل هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي قيمت 70 روپيا آهي، جيڪو سچل چيئر شاھہ لطيف يونيورسٽي، خيرپور، ڊسمبر 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.