
راڻيپور 1

راڻيپور 1
راڻيپور 1 (شھر): خيرپور ضلعي جو هيءُ شھر ڪلهوڙا دؤر کان اڳ جو آباد ٿيل آهي. ابل واھہ ۽ روهڙي ڪئنال جي وچ ۾ قائم راڻيپور شھر جي آبادي چئن لکن کان وڌيڪ آهي. هي شھر 27 17 20 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 30 06 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. انگريز راڄ ۾ خلافت تحريڪ دوران هتان جي عالمن، پيرن ۽ عام ماڻهن وڏو حصو ورتو. راڻيپور هڪ مک شھر ۽ يونين ڪائونسل آهي. راڻيپور جي پيرن جي درگاھہ سڄي سنڌ ۾ مشھور آهي. پير آف راڻيپور عبدالقادر شاھہ هڪ نامور سياسي اڳواڻ ٿي گذريو آهي. هتي پرائمري اسڪول 1892ع کان قائم آهي، جڏهن تہ هاءِ اسڪول 1939ع ۾ ٺهيو. ان کانسواءِ هن وقت ٻيا سرڪاري بوائز توڙي گرلس اسڪول، ڊگري گرلس ڪاليج، سچل سرمست ڪاليج، بحريه فائونڊيشن ۽ مظهر پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج سميت ڪجهہ ٻيا تعليمي ادارا بہ راڻيپور ۾ قائم آهن. هتي مختلف دروازا بہ ٺاهيل آهن، جن ۾ باب دستگير، باب سچل سرمست، بابت بودلا، باب صالح شاھہ، باب عبدالجبار شاھہ. راڻيپور ۾ حضرت صالح شاھہ ۽ بودلي بھار جا مقبرا بہ مشھور آهن. راڻيپور شگر مل بہ هتي قائم آهي. شھر سان گڏوگڏ گمبٽ شھر بہ آباد آهي، جڏهن تہ درازا شريف بہ ويجهو اٿس.