رحمان ملڪ

رحمان ملڪ

رحمان ملڪ

رحمان ملڪ:سابق گهرو کاتي جي وزير رحمان ملڪ جو پورو نالو عبدالرحمان ملڪ آهي. هن 12 ڊسمبر 1951ع تي سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو. هن ملازمت جو آغاز 1973ع ڌاري بيورو آف اميگريشن کان ڪيو. 1987ع ۾ کيس انچارج ايف. آءِ. اي/ انٽرپول ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف. آءِ. اي جي چارج ڏني وئي. 1989ع ۾ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ وزيراعظم آفيس لاءِ چيف ڪوآرڊينيٽر ايف. آءِ. اي مقرر ٿيو. 1995ع ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀايائين. هن ان دوران اسمگلنگ ۽ دهشتگردن خلاف ڪافي ڪم ڪيو. محترمہ بينظير ڀٽو جي پوئين دؤرِ حڪومت ۾ ايف. آءِ. اي جو ڊائريڪٽر جنرل بڻيو. بعد ۾ نوازشريف حڪومت ۾ شريف ڀائرن خلاف هڪ مبينا رپورٽ صدر رفيق تارڙ وٽ پيش ٿي تہ انهيءَ پاداش ۾ کيس 1998ع ۾ عهدي تان هٽايـو ويو. ان بعد رحمان ملڪ لنڊن هليو ويو ۽ بعد ۾ دبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. لنڊن ۽ دبئيءَ ۾ سيڪيوريٽيز، ٽيليڪميونيڪيشن ۽ فوڊ آئل وغيرہ جو ڪاروبار شروع ڪيائين. جيتوڻيڪ هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان شروع کان همدرديون رکندو هو. دبئي اچڻ بعد محترمہ بينظير ڀٽو جي معاون طور سندس ويجهو رهيو ۽ 2007ع واري ڏيھہ واپسيءَ دوران سندس سيڪيورٽي چيف بہ هو.
رحمان ملڪ پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ محترمہ بينظير ڀٽو جو سياسي مشير بہ رهيو. جنرل پرويز مشرف توڙي نواز شريف سان 2006ع وارين ملاقاتن ۾ بہ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. 2008ع واري اليڪشن کان اڳ محترمہ بينظير ڀٽو جي شهادت جو المناڪ واقعو پيش آيو، پر نئين حڪومت ٺھڻ بعد وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ جو، مارچ 2008ع ۾ گهرو معاملن بابت مشير مقرر ٿيو. 2009ع ۾ پ پ طرفان سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو، جنهن بعد کيس وزارت داخلا جو قلمدان ڏنو ويو. صدر آصف زرداريءَ جي ويجهن ساٿين مان ليکيو ويندڙ رحمان ملڪ، ذوالفقار مرزا سميت ڪجهہ ٻين پارٽي رهنمائن وٽ تڪراري بہ رهيو، جنهن جو پسمنظر ڪراچيءَ ۾ بدامني ۽ ٽارگيٽ ڪِلنگ هئي، نتيجي ۾ ذوالفقار مرزا، صوبائي گهرو وزير طور استعيفا ڏني. جون 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ اين. آر. او ڪيس جي ٻُڌڻيءَ دوران رحمان ملڪ کي پاڪستان توڙي برطانيہ جي ٻٽي شھريت رکڻ تي نوٽيس ڏنو، جنهن بعد هن سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏني، بعد ۾ ٻيهر سينيٽ ميمبر چونڊيو ۽ کيس وزير داخلا جون ذميواريون ڏنيون ويون. 2011ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي هئي.


لفظ رحمان ملڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.12.12  عيسوي

سابق گهرو کاتي جي وزير رحمان ملڪ جو پورو نالو عبدالرحمان ملڪ آهي. هن 12 ڊسمبر 1951ع تي سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالنبي خان ڪلهوڙو
قاضي منظر حيات
مظهر ابڙو
ضياء الدين ضياء
پاٽائي مخدوم عباس
ڏيپچند ٽي اوجها
ديوي ٻائي هاسو مل
حبيب ﷲ فڪري
طارق احمد ميمڻ
پارس جهانزيب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون