رسول بخش خان مغل: خان مغل'>رسول بخش خان مغل جو واسطو هندستان جي مغل حاڪمن جي خاندان سان چيو وڃي ٿو. خان مغل'>رسول بخش خان مغل جي پونئير وٽان مليل روايتن موجب، مغلن جي زوال پذيريءَ واري دؤر ۾ اڪبر (ثاني) پورچوگيزن جي ظلم ۽ بربريت کان هندستان ڇڏي ايران ۾ رهيو. کيس اولاد ۾ معاويه (1803ع- 1700ع) نالي هڪ فرزند هو، جنهن ايران ۾ نادر شاهه افشار (وفات: 1739ع) جي ظلم کان ايران ڇڏي، بلوچستان ۾ قلات جا وڻ وسايا. 1739ع ۾ نادر شاهه جي پنهنجن سپاهين هٿان قتل ٿيڻ کان پوءِ جڏهن افغانستان جي بادشاهه احمد شاهه ابداليءَ (دؤر : 1772ع-1747ع) ايران ۾ حڪومت قائم ڪئي، تڏهن احمد شاهه، معاويه کي ايران ۾ گھرائي پنهنجي لشڪر ۾ فوجي جرنيل مقرر ڪيو، جتي هن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. معاويه جي بهادريءَ جي هاڪ جڏهن قلات جي والي مير نصير محمد خان جي ڪن پئي، ته هن احمد شاهه ابداليءَ کان معاويه جي گھر ڪئي. احمد شاهه ابدالي، معاويه جي ٻانهن تحفي ۾ خان آف قلات کي ڏني. قلات ۾ معاويه کي اولاد ۾ شير محمد ۽ جان محمد نالي ٻه فرزند ٿيا. رسول بخش مغل، شير محمد (1810ع- 1752ع) جو وڏو فرزند هو، جنهن کي خان آف قلات، ٽالپرن جي سفارش تي موجوده قنبر علائقي ۾ جاگير ڏئي آباد ڪرايو. رسول بخش مغل کي سنڌ ۾ ٽالپرن وزير مقرر ڪيو. 1843ع ۾ ٽالپرن جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ انگريزن سندس جاگير ضبط ڪري کيس بمبئيءَ ۾ قيد ڪيو، جتي ڏيڍ سال تائين قيد رهيو. انگريزن جڏهن سنڌ ۾ وفاداريون طلبيون ته رسول بخش مغل انگريز سرڪار جي حڪمنامي جي آجيان ڪئي، جنهنڪري سندس ضبط ڪيل جاگير ٻيهر 1845ع ۾ بحال ڪري کيس ڪراچيءَ ۾ مختيارڪار مقرر ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ پليگ جي وبا ڦهلي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مري ويا، ان دوران رسول بخش مغل شهرين جي وڏي خدمت ڪئي، جنهنڪري برطانيا سرڪار کيس ’خانبهادر‘ جو خطاب ڏنو. ان کان پوءِ کيس لاڙڪاڻي ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي سندس ڏينهن ۾ گرلز ڪاليج لاڙڪاڻي جي عمارت تيار ٿي، جنهن جو سنگ بنياد هن رکيو. هن پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان حاجي شاهه اسماعيل جي مزار تي هڪ خوبصورت مقبرو تعمير ڪرايو.
خانبهادر رسول بخش مغل، زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ’خاڪسار تحريڪ‘ سان لاڳاپيل رهيو ۽ 136 سالن جي وڏي ڄمار ۾ ڊسمبر 1931ع ۾ وفات ڪيائين. کيس جيڪب آباد شهر ۾ دفنايو ويو. سندس پٽ غلام سرور، انگريزن جي پوئين دور جو هڪ سٺو شاعر هو. سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ سندس ڪلام ملي ٿو. علامه اقبال جو همعصر ۽ گھاٽو دوست هو. اڪثر ٻئي هڪٻئي وٽ ايندا ويندا هئا. سندس شاعري ان دؤر جي مشهور رسالي ’اديبِ سنڌ‘ ۾ ڇپجندي هئي. ’سرور‘ تخلص طور استعمال ڪندو هو. شاعريءَ ۾ سندس قلمي نسخا به لکيل هئا، پر اهي خاڪسار تحريڪ سان وابستگي هجڻ ڪري انگريزن جي ڇاپن ۾ ضبط ٿي ويا.