رشيد احمد شاھہ، ڪامريڊ: سيد رشيد احمد شاھہ، نوابشاھہ جو مشھور وڪيل، سياستدان ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. رشيد احمد شاھہ، ڊسمبر 1918ع ۾ لکنؤ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڪانپور ۽ باقي تعليم لکنؤ مان حاصل ڪيائين. 1942ع ۾ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪري لکنؤ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. سندس مامو منشي هادي علي، علم ۽ ادب سان شوق رکندو هو، جنهن آخري عمر ۾ هڪ هفتيوار اخبار جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو، ان جي اثر هيٺ سيد رشيد احمد شاھہ جي شخصيت پروان چڙهي.
رشيد احمد شاھہ پنھنجي تعليم مڪمل ڪئي تہ ان وقت سندس والد چٽگام ڏانهن هجرت ڪري ويو. پاڪستان ٺھڻ بعد سندس والد چٽگام ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي ئي فوت ٿيو.
سيد رشيد احمد شاھہ 1951ع ڌاري پنھنجي ڪٽنب سميت چٽگام پهتو ۽ اتي سياسي ۽ ادبي سرگرميون شروع ڪيائين. هن اتي انجمن مهاجرين ۽ انجمن تعمير ادب قائم ڪيون. سياست ۾ اچڻ بعد عوامي ليگ جو نائب صدر چونڊيو ۽ 1957ع ۾ ڪليمز آفيسر جي عهدي تي مقرر ٿي سکر ۽ پوءِ نوابشاھہ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين.
هي کاتو 1960ع ۾ ختم ٿيو تہ سيد رشيد احمد شاھہ نوابشاھہ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو. هن هميشہ کاٻي ڌر جي سياست ڪئي. ’ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو سرگرم ميمبر رهيو. مارڪسزم کان متاثر هو ۽ اڪثر مزدور هڙتالن ۾ حصو وٺندو هو. هي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڪيترا دفعا جيل ويو ۽ هندستان ۾ چار سال روپوشيءَ واري زندگي گذاريائين.
سيد رشيد احمد شاھہ کي شاعريءَ ۽ ادب سان شوق ورثي ۾ مليو هو. سندس والد علامہ حڪيم ’ناطق‘ لکنوي، لکنؤ جو مشھور عالم ۽ قادرالڪلام شاعر هو. والد جيتوڻيڪ سندس شاعر جي حيثيت سان ڪابہ حوصلي افزائي نہ ڪئي، تڏهن بہ رشيد احمد شاھہ ننڍپڻ کان شاعري ڪندو رهيو، سندس اڪثر شعر غزلن ۽ نظمن تي مشتمل آهن. سندس مادري ٻولي جيتوڻيڪ اردو هئي، پر پاڻ کي هميشہ سنڌي سمجهندو هو. سوشلسٽ مڪتبه فڪر سان وابستہ رهي، هميشہ غريب طبقي جو همدرد ۽ مددگار رهيو.
رشيد احمد شاھہ جون 1999ع ۾ نوابشاھہ ۾ وفات ڪئي.