
رشـيـد عـطـري
رشـيـد عـطـري: پاڪستان جي نامور فلمي موسيقار رشيد عطريءَ، 15 فيبروري 1919ع تي امرتسر ۾ جنم ورتو. رشيد عطريءَ جو والد خوشي محمد امرتسري، امرتسر جي ريالي خاندان جو هارمونيم نواز هو. رشيد عطريءَ موسيقيءَ جي ابتدائي ڄاڻ پنھنجي والد کان حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ پنھنجي وقت جي عظيم گائيڪ استاد فياض علي خان جو شاگرد ٿيو، جنهن کانپوءِ موسيقيءَ جي شوق سبب ڪلڪتي جو رخ ڪيائين، جتي مشھور بنگالي موسيقار رائيچند بورال سان گڏ ڪم ڪيائين ۽ ائين پنھنجي وقت جي عظيم ميوزڪ ڊائريڪٽر سان گڏ اسسٽنٽ طور فلمي ڪيريئر جو بہ آغاز ڪيائين. 1942ع ۾ رشيد عطري؛ پهرين فلم ’مامتا‘ جي موسيقيءَ کي ترتيب ڏنو. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ رشيد لاهور آيو ۽ بعد ۾ راولپنڊيءَ هليو ويو، جتي هن ريڊيو پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 1953ع ۾ هن فلمي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ هدايتڪار ۽ اداڪار نذير احمد جي فلم ’شھري بابو‘ جي موسيقي ترتيب ڏنائين. هن فلم جي ’گيتن‘ پوري پاڪستان ۾ مشهوري ماڻي ۽ رشيد عطريءَ کي ٽي دفعا بھترين موسيقار جو اوارڊ مليو. رشيد عطري پنھنجي فلمي ڪيريئر ۾ گڏيل طور 55 فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني، جنهن ۾ 48 فلمون اردو ۽ 7 فلمون پنجابي زبان جون هيون. رشيد عطري 18 ڊسمبر 1967ع تي وفات ڪئي.
1919.02.15 عيسوي
پاڪستان جي نامور فلمي موسيقار رشيد عطريءَ، 15 فيبروري 1919ع تي امرتسر ۾ جنم ورتو.
1967.12.18 عيسوي
رشيد عطري 18 ڊسمبر 1967ع تي وفات ڪئي.