رضوي همت علي شاهه

رضوي، همت علي شاهه: سيد همت علي ولد سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪوٽائي رضوي 1845ع ڌاري روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. هي نامور عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي وقت جي ناميارن استادن کان عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. هن پنهنجي گھراڻي جي شاعرن کان متاثر ٿي، شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس شمار پنهنجي وقت جي سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سيد همت علي شاهه رضوي فارسي، اردو، هندي، سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ شاعري ڪئي. سندس ڪلام، فصاحت ۽ بلاغت سان ڀرپور آهي. سندس شاعريءَ ۾ ترڪيبون ۽ تشبيهون، سهڻيون ۽ نهايت ئي وڻندڙ آهن. هو شاعر هجڻ سان گڏ هڪ بهترين خطاط به هو. سندس همعصرن ۾ روهڙيءَ جو مشهور شاعر ۽ خوشنويس آخوند ميان فيض محمد ۽ لاڙڪاڻي جا مشهور عوامي شاعر حسين فقير ديدڙ ۽ شاهه محمد ديدڙ شامل آهن. هي بهترين شاعر هئڻ سان گڏ هڪ سٺو نثر نويس به هو. محرم الحرام جي مهيني ۾ مجلسن ۾ خطبا ڏيڻ پنهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه سمجھندو هو.
هو ذاڪر جي حيثيت سان امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن ۾ سنڌي زبان ۾ مجلسون پڙهندو هو. هن ڪيتريون مجلسون سنڌي نثر ۾ به تحرير ڪيون. سندس ڪجهه مجلسون 1880ع کان 1885ع واري عرصي دوران لکيل آهن، جيڪي سندس پوين مان سيد دوست علي شاهه وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهن، انهن تقريرن ۾: ’تقرير ماتمِ جان گداز‘، ’تقرير ماتمِ چهلم‘، ’تقرير ماتمِ شهادت جناب شهزادو قاسم‘، ’تقرير شهادتِ جگر گوشهء رسولِ خدا ۽ مظلومِ ڪربلا‘ ۽ ’معجزو امام جعفر صادق عليه السلام‘ اچي وڃن ٿيون.
هن لوڪ شاعريءَ جي مختلف صنفن سان گڏ معجزي تي به طبع آزمائي ڪئي، جنهن ۾ هن امام جعفر صادق عليه السلام جي معجزي کي سنڌي نثر سان گڏ نظم جي صورت ۾ لکيو آهي. سيد همت علي شاهه 12 شوال 1321هه/1 ڊسمبر 1904ع تي وفات ڪئي. هن کي پنهنجي اباڻي قبرستان درگاهه نواب مير دولهه؛ ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه ۾ دفن ڪيو ويو آهي.
سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
الف الله جي آسري، جاني جوڙيم هيءَ لولي،
مير محمد مصطفيٰ، منهنجي ڪندو شل سولي،
اسم پاڪ عليءَ جو، نت ٻوليان مون ٻولي،
اصل آءٌ گولي، ’همت علي‘ حسنين جي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو