رضوي، همت علي شاھہ: سيد همت علي ولد سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ڪوٽائي رضوي 1845ع ڌاري روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. هي نامور عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن پنھنجي وقت جي ناميارن استادن کان عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. هن پنھنجي گهراڻي جي شاعرن کان متاثر ٿي، شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس شمار پنھنجي وقت جي سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سيد همت علي شاھہ رضوي فارسي، اردو، هندي، سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ شاعري ڪئي. سندس ڪلام، فصاحت ۽ بلاغت سان ڀرپور آهي. سندس شاعريءَ ۾ ترڪيبون ۽ تشبيهون، سهڻيون ۽ نهايت ئي وڻندڙ آهن. هو شاعر هجڻ سان گڏ هڪ بھترين خطاط بہ هو. سندس همعصرن ۾ روهڙيءَ جو مشھور شاعر ۽ خوشنويس آخوند ميان فيض محمد ۽ لاڙڪاڻي جا مشھور عوامي شاعر حسين فقير ديدڙ ۽ شاھہ محمد ديدڙ شامل آهن. هي بھترين شاعر هئڻ سان گڏ هڪ سٺو نثر نويس بہ هو. محرم الحرام جي مهيني ۾ مجلسن ۾ خطبا ڏيڻ پنھنجي لاءِ فخر جي ڳالھہ سمجهندو هو.
هو ذاڪر جي حيثيت سان امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن ۾ سنڌي زبان ۾ مجلسون پڙهندو هو. هن ڪيتريون مجلسون سنڌي نثر ۾ بہ تحرير ڪيون. سندس ڪجهہ مجلسون 1880ع کان 1885ع واري عرصي دوران لکيل آهن، جيڪي سندس پوين مان سيد دوست علي شاھہ وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهن، انهن تقريرن ۾: ’تقرير ماتمِ جان گداز‘، ’تقرير ماتمِ چهلم‘، ’تقرير ماتمِ شهادت جناب شھزادو قاسم‘، ’تقرير شهادتِ جگر گوشهء رسولِ خدا ۽ مظلومِ ڪربلا‘ ۽ ’معجزو امام جعفر صادق عليہ السلام‘ اچي وڃن ٿيون.
هن لوڪ شاعريءَ جي مختلف صنفن سان گڏ معجزي تي بہ طبع آزمائي ڪئي، جنهن ۾ هن امام جعفر صادق عليہ السلام جي معجزي کي سنڌي نثر سان گڏ نظم جي صورت ۾ لکيو آهي. سيد همت علي شاھہ 12 شوال 1321ھہ/1 ڊسمبر 1904ع تي وفات ڪئي. هن کي پنھنجي اباڻي قبرستان درگاھہ نواب مير دولھہ؛ ڪوٽ مير يعقوب علي شاھہ ۾ دفن ڪيو ويو آهي.
سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
الف ﷲ جي آسري، جاني جوڙيم هيءَ لولي،
مير محمد مصطفيٰ، منهنجي ڪندو شل سولي،
اسم پاڪ عليءَ جو، نت ٻوليان مون ٻولي،
اصل آءٌ گولي، ’همت علي‘ حسنين جي.
1904.12.04 عيسوي
سيد همت علي شاهه 12 شوال 1321هه/1 ڊسمبر 1904ع تي وفات ڪئي.