
روجھه
روجهه (جانور): روجهہ، جابلو ۽ ريگستاني جانور آهي. هن کي جابلو ڳئون بہ سڏيو ويندو آهي. هن جانور کي سائنسي ٻوليءَ ۾ (Boselaphus Tragocamelus) چوندا آهن. روجهه جو رنگ عام طرح ڪارو، ڀورو ۽ ڳاڙهـو ٿيـندو آهـي. ان جي جسماني بناوت ڳئون جهڙي ٿيندي آهي ۽ ان جي ڳچيءَ تي ننڍا وار ٿيندا آهن. نر روجهہ جي مٿي تي ڪارا سڱ ٿيندا آهن. هي جانور عام طور ٽولن جي صورت ۾ گهٽ گهمندو آهي. اڪثر اڪيلو گهمندو آهي. صبح شام چاري لاءِ ڦرندو رهندو آهي. روجهه جي مادي، اٺن مهينن ۾ ٻچا ڄڻيندي آهي، جيڪي پيدائش وقت ڪمزور هوندا آهن. روجهه نيم صحرائي علائقن ۾ بہ ملي ٿو. شاھہ لطيف، سُر ديسيءَ ۾ روجهه جو ذڪر ڪيو آهي:
’روجهہ‘ ڏٺائين رات، هوت ڳوليندي حَب ۾،
ڪيچين جي ڪڙي ٿيئي، توءِ تنين جي تات،
ٻاروچاڻي ذات، منان مون نہ وسري.