ڀاروڙي

ڀاروڙي: ٿر جي ننڍي قد واري رڍ، جنھن جي اُن اڇي ٿيندي آھي. رڍون ھڪڙيون ”گليون“ سڏجن، جن جي ان صاف اڇي ٿيندي آھي ۽ ٻيون ”ڪار ڪنڌيون“ ھونديون آھن. اڇيءَ ان مان ٺھيل کٿِيءَ کي ”ڀاروڙي“ چئبو آھي. شاهه صاحب جي ھڪ بيت جي سٽ آھي ته:
”ڀرم ڀاروڙيءَ رھي، جنھن ۾ اڇي اُن“


لفظ ڀاروڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو