روح ادب (رسالو): هي رسالو سنڌ جي علمي ادبي اداري ’روح ادب‘ طرفان 1955ع ۾ حيدرآباد مان جاري ٿيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هن اداري جو سرپرست هو، جڏهن تہ ’روح ادب‘ رسالي جو ايڊيٽر مشھور شاعر محمد خان غني هو. هن رسالي ۾ علمي، ادبي، اصلاحي، ديني، تاريخي ۽ تنقيدي معياري مواد ڇپجندو هو. هن رسالي جا ٻہ خاص نمبر ادبي حوالي سان دستاويزي حيثيت رکن ٿا: (1) ’رسول نمبر‘ ۽ (2) ’شاھہ نمبر‘.