روسي ادب: روسي ادب، جيڪو 900ع کان اڄ تائين لکبو آيو آهي، ان ۾ مقبول شاعري، ڊراما ۽ ناول اچي وڃن ٿا. محققن روسي ادب کي چئن تاريخي دورن ۾ ورهايو آهي: (1) پراڻو روسي ادب (ڏهين کان سترهين صدي عيسويءَ تائين)، (2) جديد روسي ادب (18 صديءَ کان 1917ع تائين)، (3) سوويت ادب (1917ع کان 1991ع تائين)۽ (4) سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ وارو ادب (1991ع کان اڄ تائين).
جيتـوڻيڪ گهڻو روسي ادب روسي ٻوليءَ ۾ئي لکيـو ويـو آهـي، پـر ڪـجهه تصنيـفـون سـلاونـي زبـانـن، جـهـڙوڪ: چــرچ ســلاونـيءَ (Church Slavonic) ۾ بہ آهن، جيڪا روس جي پهرين تحريري زبان هئي.
اڪثر شروعاتي ادب مشرقي راسخ العقيده (آرٿوڊاڪس) عيسائيت جي روايت موجب مذهبي تحريرن تي ٻڌل آهي. مغربي يورپ جي اثرن سترهين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ روسي ادب ۾ غير مذهبي ادب جا مثال متعارف ڪرايا ۽ ارڙهين صديءَ دوران ان تي فرينچ ادب جو تمام گهڻو اثر ٿيو. اڻويهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ مقامي روايت ۽ تاريخ جا عظيم ليکڪ سامهون آيا، جھڙوڪ: اليگزينڊر پشڪن، فيودر دوستو وسڪي ۽ انتوني چيخوف. روسي ادب تي سگهارو سياسي اثر 1917ع جي روسي انقلاب ۽ سوويت يونين جي تشڪيل واري دور دوران نظر اچي ٿو. 1991ع ۾ سوويت يونين (يو. ايس. ايس. آر) جي ٽٽڻ ۽ روس توڙي اڳوڻين سوويت جمهوريتن مان ڪميونسٽ نظام جي خاتمي کانپوءِ، ادبي آزاديءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو.
عـالــم ۽ مـحـقـق آڳاٽـي ۾ آڳـاٽـي روسـي ادب کــي ٻــن دورن: (1) ’ڪيو‘ (Kiev) ۽ (2) ’مسڪووي‘ (Muscovite) ۾ ورهائين ٿا. ’ڪيو‘ (Kiev) دور ڏهين صدي عيسويءَ کان تيرهين عيسويءَ تائين ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن دوران ’ڪيو‘ روس جو ثقافتي مرڪز ۽ وچئين دور جي يورپ جي اهم مذهبي ۽ واپاري شهرن مان هڪ هو. 1240ع ۾ ايشيا جي خانہ بدوش تاتارين هن شھر تي ڪاھہ ڪري ان کي تباھہ ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ روسي ثقافتي ۽ سياسي سرگرميون آهستي آهستي ماسڪو منتقل ٿينديون ويون. ’مسڪووي‘ (Muscovite) دور ۾ ماسڪو نئين طاقت بڻجي اڀريو ۽ هي دور تيرهينءَ کان وٺي سترهين صدي عيسويءَ جو آهي. اڪثر قديم روسي ادب تاريخي روزنامچن ۽ مذهبي لکڻين تي ٻڌل آهي. جديد روسي ادب ان وقت آڏو آيو، جڏهن ليکڪن منفرد روسي تحريرن جو انداز اختيار ڪيو. ارڙهين صديءَ ۾ تحريري روسي زبان وڏي پئماني تي عام ٿي وئي ۽ ان پراڻي چرچ سلاونيءَ جي جاءِ اچي والاري. پيٽراعظم ۽ ڪيٿرائين اعظم جهڙن حڪمرانن ادب جي ڦهلاءَ جون ڪوششون ڪيون ۽ ڪيترا نوان اديب آڏو آيا. پيٽر اعظم جي دور ۾ ننڍي کان ننڍي زميندار طبقي ۾ پڻ مغربي تعليم عام ٿيڻ ڪري هڪ ادبي ذوق پيدا ٿيو. ان ڪري هن پنھنجي درٻار کي ادبي سرگرمين جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. ان وقت اثرائتو ادبي ماڊل ’فرينچ ادب‘ ئي هو، پر پوءِ روسي ليکڪن جو آواز بہ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو. ارڙهين صدي عظيم تخليقيت جو دور تہ نہ هئي، پر هن صديءَ جديد ادب لاءِ بنياد ضرور فراهم ڪيا، ارڙهين صديءَ جي اهم دانشور شخصيت ’ميخائل لومونوسوف‘ هو، جيڪو سائنسدان هئڻ سان گڏوگڏ ليکڪ بہ هو. هن پراڻي چرچ سلاوني ۽ روسي زبان جي لاڳاپن کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ئي دور ۾ ’گاوريلا ويرزاوين‘ عظيم ترين شاعر ٿي اڀريو. ڊرامي جي ميدان ۾ ڊينس Fonvizinجو نالو ڇانيل رهيو. نثري ادب نسبتاََ سست رفتار رهيو ۽ گهڻو ڪري اهو يورپي عشقيہ قصن ۽ مهماتي ڪهاڻين جي نقاليءَ تي مشتمل هو. غير افسانوي ادب ۾ اليگزينڊر راديشيف جون لکڻيون قابل ذڪر آهن، جن ۾ جاگيردارن هٿان هارين جي ڦرلٽ تي سخت احتجاج موجود آهي. اهڙيءَ ريت ’نڪولائي ڪارامزن‘ روسي نثر کي سياحتي رنگ ڏنو.
اوڻويهين صدي، روسي ادب لاءِ سڃاڻپ بڻجي وئي، هن دور ۾ اسان کي اليگزينڊر پشڪن، ميخائل ليمنتوف، گوگول، ترگنيف، دوستو وسڪي، ليو ٽالسٽاءِ ۽ چيخوف جون شاهڪار لکڻيون ملن ٿيون. روسي ادب جا ڪي اهڙا ليکڪ بہ آهن، جن کي ملڪ کان ٻاهر گهٽ شھرت ملي، باوجود ان جي سندن روسي نثر تي وڏو اثر آهي، جھڙوڪ: آئيوان گونچاروف، ميخائل سالتيڪوف، اليڪسني پسمسڪي ۽ نڪولائي ليسڪوف. 1917ع جي روسي انقلاب وارن واقعن ملڪ کي هر طرح بدلائي ڇڏيو، حڪمران نڪولس ٻئي جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ ڪميونسٽ حڪومت قائم ٿي.
1922ع ۾ هڪ گهرو جنگ کانپوءِ روس، ڪيتريون ئي جمهوري رياستون ملائي ’يونين آف سوويت سوشلسٽ ريپبلڪس‘ (USSR) يعني ’سوويت يونين‘ جي شڪل اختيار ڪئي. 20 صدي عيسويءَ جي شروعاتي دور ۾ اڪثر نوجوان ليکڪن ۽ قلمڪارن جي گروپ انقلاب جا نظريا قبول ڪري ورتا، جيتوڻيڪ اهي سڀ ڪميونسٽ نہ هئا، پر ڌار ڌار لاڙن جا نمائنده اديب هئا، کين ’ساٿي/همسفر‘ سڏيو ويو. Yevgeny Zamyatin شاندار افسانا ۽ هڪ غيريوٽوپيائي ناول “WE” 1924ع ۾ لکيو ۽ هي ناول برطانوي ليکڪن آلڊس هگسلي ۽ جارج آرويل جي ناولن جي يوٽوپيائي/آدرشي نظرين جي رد جو نقيب هو. هڪ ٻيو با صلاحيت ليکڪ ’آئزڪ بابيل‘ هو، جنهن طنزيہ انداز ۾ انقلاب دوران ٿيندڙ ڏاڍ کي موضوع بڻايو. ’يوري اوليشيا‘ پنھنجي ناول “Enry” (1927ع) جي حوالي سان نهايت مشھور ٿيو. ’ليونڊ ليونوف‘ جا ناول بہ انقلاب ۽ جنگين جي بي ترتيبين تي لکيل آهن، 1920ع جي ڏهاڪي وارو ’جوزف اسٽالن‘ جو آزاديءَ (Openness) وارو دور ختم ٿيڻ لڳو، 1932ع ۾ ڪميونسٽ حڪومت سمورين آزاد ادبي ڌڙي بندين کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ واحد مرڪزي ’يونين آف سوويت رائيٽرس‘ قائم ڪئي. آزاد رسالا ۽ اشاعتي ادارا ختم ٿي ويا، سوويت اديبن جي پهرين ڪانگريس 1934ع ۾ سوشلسٽ حقيقت نگاري ۽ واحد مڃيل آرٽسٽڪ طريقہ ڪار طور متعارف ڪرائي وئي. سوشلسٽ حقيقت پسنديءَ جو مطلب هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي نقطہ نظر سان سوويت حقيقت کي پيش ڪرڻ. هي سرڪاري طريقہ ڪار ايندڙ 50 سالن تائين سمورن فنن Fine Arts تي لاڳو رهيو. اسٽالن جي موت کانپوءِ وارو ڏهاڪو هڪ بھترين دور هو، جڏهن ادب تان پابنديون لٿيون. پر پوءِ وري نڪيتا خروشيف جي اچڻ سان اهي پابنديون ٻيهر شدت سان لاڳو ڪيون ويون. اسٽالن جي ميراث جي ٽوڙ لاءِ 1956ع کان 1961ع تائين خروشيف عوامي تقريرن ۽ لکڻين تان پابنديون ڪجهه قدر گهٽ ڪيون، جنهنڪري اديبن کي آزاد اظهار جو موقعو مليو. خروشيف جي مھم دوران هڪ شاندار ناول ‘One Day in the Life of Ivan Denisovich’ (1962ع) جي اشاعت جي راھہ هموار ٿي. ان هوندي بہ سولز هينٽسن Solzhenitsyn)) سان گڏ شاعر ۽ ناول نگار بورس پاسترنڪ خلاف مهمن اهو واضح ڪري ڇڏيو تہ سوويت رياست ليکڪن تي پنھنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ترڪ نہ ڪندي. 1980ع جي آخري ڏهاڪي ۽ 1990ع جي ابتدائي ڏهاڪي ۾ ادب تان رياستي ضابطو ختم ٿيو، ڇو تہ يو. ايس. ايس. آر ٽٽڻ طرف وڌي رهيو هو. صدر ’گوربا چوف‘ جي ’گلاسنوسٽ‘ هيٺ ’رائيٽرس يونين‘ ختم ٿي وئي، 1990ع ۾ سرڪاري سينسرشپ جو خاتمو آيو ۽ حڪومت پريسن جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. هن نئين آزاديءَ روسي ادب تي گهرا اثر وڌا، ليکڪن بنا ڊپ ڊاءَ جي پنھنجي مرضي ۽ آزاديءَ سان لکڻ شروع ڪيو، کين غير ملڪي ادب تائين بہ رسائي حاصل ٿي وئي ۽ سندن ڪتاب ٻين ملڪن ۾ ڇپجڻ لڳا. هن پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ نينو ڪوف ۽ سولز هينٽسن جهڙن ماضيءَ جي باغي ۽ ممنوع اديبن جون تحريرون بہ وڏي تعداد ۾ ڇپجڻ شروع ٿي ويون. جن روسي اديبن کي ادب جو نوبل انعام ڏنو ويو اهي آهن:
ايوان بونن (Ivan Bunin) 1933ع
بورس پاسترنڪ (Boris Pasternak) 1958ع
ميخائل شولوخوف (Mikhail Sholokhov) 1965ع
اليڪزنڊر سولزهينٽس (Aleksandr Solzhenitsyn) 1970ع
روسي ادب جو سنڌي ادب تي اثر: جديد سنڌي ادب تي روسي ادب جو، خاص ڪري روسي انقلاب (1917ع) ۽ ترقي پسند تحريڪ جي ڪري، 1920ع کان اثر ٿيو. جديد شاعريءَ جي باني ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾ پهريون ڀيرو روسي ’سوشلسٽ خيالن‘ جو اثر نظر اچي ٿو. سندس نظمن ’جهوپڙي‘، ’ها ۽ هاري‘، ’پورهيت‘ ۽ ’شاهوڪار‘ ۾ اهڙا اشارا ملن ٿا:
اُٿ اٿِي ڄاڻُو نظر سان ڌَر نصيِبن تي نَظر،
جا بَجا ’پُورب، پَڇم‘ ۾آھہ پورهيت جو پَچَر.
(نظم ’پورهيت‘)
جيئن وَڌيو ڌَنُ، مالُ، رتبو، شانُ شاهوڪار جو،
تيئن وَڌيو دنيا ۾ باعث ’زار‘ جي آزار جو.
-
جي رسي مزدور بيوس! ڪنهن وڏيري راڄ تي،
هوند پهرين ’پور اترا کنڊ‘ تي توکي ڇڏي.
(نظم ’شاهوڪار‘)
هنن نظمن ۾ ’پورب پڇم ۾ آھہ پورهيت جي پچر‘، ’زار جي آزار‘ (زار روس جي آمر شهنشاھہ جو نالو) ۽ ’اترا کنڊ‘ (روس جي انقلاب طرف اشارو)اهي استعارا ۽ اهڃاڻ، سوشلزم ۽ روسي انقلاب جو اثر ظاهر ڪن ٿا.
روسي انقلاب (1917ع) نئين سائنسي مارڪسي فلسفي جي پرچار ۽ پکيڙ ۾ وڏي هٿي ڏني ۽ محرڪ سگهہ ثابت ٿيو ۽ ان جو سموري دنيا جي ادب ۽ فڪري وهڪرن تي اثر پيو، اهڙيءَ طرح نئين مارڪسي فلسفي جو اپکنڊ جي ٻين زبانن سان گڏ سنڌيءَ تي بہ اثر پيو ۽ سنڌي ادب قومي سوچ سان گڏ موضوعن ۽ مسئلن جي لحاظ کان عالمي نوعيت جو ٿي پيو. جديد سنڌي شاعرن ۽ اديبن پنھنجي ڪلاسيڪي ورثي سان ناتا قائم رکندي، ادب جي هن نئين لاڙي کي قبول ڪري ورتو. ائين هن نئين سوچ ۽ فڪر کي قبول ڪندڙ اديبن انسانيت، محبت، آزادي ۽ ترقي پسنديءَ جي قدرن کي پنهنجين لکڻين ۾ سمايو ۽ گڏوگڏ سنڌي سماج جي فرسودہ رسمن ۽ رواجن خلاف جهاد کي جاري رکيو. اهي لاڙا نثري سنڌي ادب ۾ گهڻي ڀاڱي اڳ ئي موجود هئا، پر ’سوشلزم‘ ۽ ’روسي انقلاب‘ جو اثر 21-1920ع ڌاري سنڌي ادب تي نظر اچي ٿو. سڀ کان اڳ ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ، پنھنجي ڪتاب Creative Revolution (تخليقي انقلاب) ۾ 1921ع ڌاري لينن لاءِ عزت ۽ احترام جو اظهار ڪيو آهي. ساڌو واسواڻيءَ جي انهيءَ راءِ جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ هندوستان ۾ لينن بابت سڀ کان پهرئين انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب جي ليکڪ جي. ڪي ڪرشنا راءِ، ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ جي لينن بابت رايي جو حوالو، ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڏنو آهي.
ان کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪ ’تيرٿ بسنت‘ 31 جنوري 1923ع تي روزاني ’ڀارت واسي‘ ۾ روسي اثر قبوليندي، نوجوانن کي هارين ۽ مزدورن سان گڏجي، آزاديءَ جي جدوجھد ۾ حصي وٺڻ جي صلاح ڏني هئي، ڇو تہ سندس نظر ۾ انهن طبقن جي ساٿ کانسواءِ انگريزن کان آزاديءَ جي هلچل بي لاڀ ثابت ٿيندي.
دادا ڄيٺمل پرسرام 27 فيبروري 1924ع ۾ روزاني ’ڀارت واسي‘ ۾ ’لينن رشيا جو رهبر‘ عنوان سان مضمون ڇپايو هو، هن ئي روشن ضمير اديب ۽ سياستدان، 1927ع ۾ پهريون ڀيرو ’سوشلزم (ساميه واد)‘ نالي ڪتاب لکي، سوشلزم جي سنڌي زبان ۾ اهميت کان سنڌ واسين کي آگاھہ ڪيو هو. لالچند امر ڏنيمل جهڙي نامياري اديب 1927ع ۾ پنھنجي ڇپايل هڪ مضمون ’بک جا چڪ‘ ۾ ڪميونزم ۾ پورهئي ۽ پئسي جي ورڇ بابت مڃيل بنيادي اصول کي بيان ڪيو آهي. نامور ناٽڪ نويس خانچند درياڻيءَ کي سڀ کان پهرين ’سوشلسٽ ويچارن‘ کي پيش ڪرڻ جو اعزاز آهي. هو حقيقت نگاريءَ واري ناٽڪ جو باني هو. هـن جـا ٻہ ناٽڪ ’زمينداري ظلم‘ (1927ع) ۽ ’مايا جو انڌ‘ (1930ع) ان ڏس ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا، جن مان پهرئين ۾ زميندار ۽ هاريءَ ۽ ٻئي ۾ مل مالڪن ۽ مزدورن جي ڇڪتاڻ ڏيکاريل آهي.
ان وقـت جـي اخـبـارن کـي ڏسـجي ٿو تہ ’ميـرپـورخـاص گـزيـــٽ‘ 19 نومبر 1920ع جي اشاعت ۾ ’بولشويزم‘ ۽ ’رشيا ۾ آيل انقلاب‘ کي بحث هيٺ آڻيندي، انگريز سرڪار تي تنقيد ڪئي هئي تہ: ”سرڪار ماڻهن کي ’بولشويزم‘ جو ڀوت بڇائي، ڏڪائي رهي آهي. هڪ سؤ سالن کان انگريز، ڀارت ۾ افغانستان کان رشيا جي ڊپ کان وڏي فوج رکيو ويٺا آهن.“
1930ع ۾ روسي انقلاب جي اثر هيٺ ڄيٺمل پرسرام، جي. ايم سيد، پرنسپال گوڪلي ۽ ٻين ميرپور خاص ۾ ’سنڌ هاري ڪيمٽي‘ جو بنياد وڌو، ساڳئي دور ۾ انقلابي اديب برڪت علي آزاد شڪارپور ۾ ’پهرين سوشلسٽ ڪانفرنس‘ڪوٺائي، جن جو سنڌي ادب تي وڏو اثر پيو ۽ هاري ۽ مزدور جي اهميت، ادب ۾ بيان ٿيڻ لڳي ۽ وڏيرن ۽ سرمائيدارن خلاف تحريرون لکجڻ لڳيون. 1932ع ۾ شڪارپور مان بولچند وسومل راڄپال جي ادارت هيٺ ادبي رسالو ’سنڌو‘ جاري ٿيو، جنهن ۾ ابتدا کان وٺي سوشلسٽ انقلاب ۽ روس بابت ليک ڇپجندا رهيا. 1932ع ۾ هڪ ليک ۾ لکيو ويو تہ ”رعيتي اصولن جي آمد ۽ زارشاهيءَ جي قيامت، روس جي اتهاس ۾ هڪ نئون ورق ورايو، زماني جي لھر کين نئين جهلڪ پسائي. هن هلچل جو باني مشھور معزز لينن هو.“
’هندو اخبار‘ ۾ 3 آگسٽ 1937ع تي ڄيٺامل رگهو مل جو ناٽڪ ’مزدور‘ ڇپيو هو، جنهن ۾ هڙتال ۽ پوليس جي گوليبازيءَ کانپوءِ مزدورن جي سوڀ ڏيکاري وئي آهي ۽ آخر ۾ دنيا جي مزدورن جي هڪ حڪومت جو تصور ڏنو ويو آهي.
شاعريءَ ۾ جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي تہ ڪشنچند ’بيوس‘ پهريون انقلابي پٿر اڇلايو هو، ان بعد جلد ئي کيئلداس ’فاني‘، قومي، سماجي ۽ سماجوادي ادبي گهرجن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. سندن پيرويءَ ۾ نارائڻ شيام، هري دلگير، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي ۽ عبدالڪريم گدائي، نوان موضوع ۽ فني خوبيون کڻي ميدان ۾ لٿا. ’سنڌو‘ رسالي ان ڏس ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. رجعت پسند اديبن هن نئين لاڙي جي گهڻي مخالفت ڪئي. ان شروعاتي، جديد ۽ پراڻن لاڙن جي وچ ۾ تضادن جي دور ۾ محمد ابراهيم جويي جي طرفان ترقي پسندي ۽ روشن خياليءَ جي ان لھر کي شعوري طرح سان سنڌي ادب ۾ آڻڻ لاءِ اڳواڻي ڪرڻي پئي ۽ سندس رهنمائيءَ ۾ سنڌي ادب ۾ انقلابي تبديليون آنديون ويون، شيخ اياز پهريون شاعر هو، جنهن ’ڳاءِ انقلاب ڳاءِ‘ جھڙا گيت لکي، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي انقلاب سان روشناس ڪرايو. شاعريءَ کانسواءِ نثر ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، اي. جي اتم، گوبند پنجابي، ابراهيم جويي، ع. ق شيخ، ديدار حسين شاھہ موسوي، آسانند مامتورا، سوڀو گيانچنداڻي، ڄيٺمل پرسرام نوان موضوع، اسلوب بيان، ۽ ترقي پسند لاڙا کڻي آيا. هنن شاعرن ۽ اديبن زبانن جي باري ۾ حقيقت پسنداڻو، تعصب کان خالي، ترقي پسند ۽ سيڪيولر رويو اختيار ڪيو. انهن خوبين ۽ دلڪشين جي ڪري نئون سنڌي ادب اسري اڳتي آيو. انهيءَ ئي اثر هيٺ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي شاگردن، رام پنجواڻيءَ جي سرپرستيءَ ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ قائم ڪيو، جنهن جي بانين ۾ شيخ اياز بہ هو. اهو ساڳيو زمانو هند ۾ ’ترقي پسند مصنفين‘ جي قيام جو هو. جنهن جي سنڌي شاخ پڻ هتي سنڌ ۾ قائم ٿي، جنهن جا اياز، ڪيرت، اتم، روشن آرا مغل، سندري اتمچنداڻي، ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، ستار شيخ ۽ ٻيا سرگرم ميمبر رهيا. اڳتي هلي شيخ اياز جي ادارت ۾ ترقي پسند رسالو ’اڳتي قدم‘ جاري ٿيو، جنهن جا ٽي پرچا نڪتا. (وڌيڪ ڏسو: اڳتي قدم، جلد پهريون) گوبند مالهيءَ ’نئين دنيا ڪتاب گهر‘ ۽ اي. جي اتم ’نئين دنيا‘ اخبار/ رسالو جاري ڪئي، جيڪا ورهاڱي تائين هلي (ان بعد بمبئيءَ مان وفات تائين اي. جي. اتم جاري رکي). عورتن جي رسالي ’ساٿي‘ جا بہ ڪجهه پرچا سُندري اتمچنداڻيءَ جي ادارت ۾ نڪتا، جنهن ۾ روشن آرا مغل ۽ ٻيون سندس ساٿياڻيون هيون، هي رسالو بہ ورهاڱي سبب بند ٿي ويو. مشھور ليکڪا گلي سدارنگاڻيءَ، مشھور ناول ’اتحاد‘ 1940ع ۾ لکيو. 1945ع ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، جڊيشريءَ تان استعيفا ڏئي، ’سنڌ هاري ڪاميٽي‘ ۾ شامل ٿيو. هو روسي انقلاب کان بيحد متاثر هو. سندس شعري مجموعي ’تحفه سنڌ‘ ۾ شامل ’شڪوو‘ انقلابي نظم تي ملن ۽ مولوين هائيدوس مچايو ۽ مٿس ڪفر جون فتوائون هنيون. سندس هي نظم ماديت ۽ عقليت تي ٻڌل هو. سندس ٻئي شعري ڪتاب ’آزادي قوم‘ ۾ بہ قومي آزاديءَ کي سوشلسٽ نظريي سان پيش ڪيو ويو آهي. هاري ڪميٽيءَ ۾ اڳتي ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ روچيرام ۽ ٻيا ڪيترا اڳواڻ شامل ٿيا، جن ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ترقي پسند نظريي هيٺ سنڌ هاري ڪميٽيءَ کي منظم ڪيو ۽ ڪيتريون ڪاميابيون حاصل ٿيون.
1947ع جي آخر ۾گوبند مالهيءَ جي سيڪريٽري شپ ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ قائم ٿي، جنهن جو صدر آسانند مامتورا، نائب صدر پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري شيخ اياز ۽ بھاري لال ڇاٻڙيا هئا، هيءَ سنگت ورهاڱي کانپوءِ ماٺي ٿي وئي ۽ وري ڪجهه وقت لاءِ 1951ع ۾ سرگرم ٿي، پر جڏهن 1954ع ۾ پاڪستان سرڪار ڪميونسٽ پارٽي ۽ ’ترقي پسند مصنفين‘ تي پابندي وڌي تہ سنڌي ادبي سنگت کي باقاعدي سرگرم ڪيو ويو، اڳتي هلي جنهن جي 12 شاخن گڏجي 1956ع ۾ مرڪزي سنگت جي تنظيم ڪاري ۽ آئين کي آخري تشڪيل ڏني، جنهن جو سيڪريٽري جنرل ٿيو.
ورهاڱي جي صدمي سبب شيخ اياز مايوس ٿي اردوءَ ۾ شاعري ڪئي، ڇوته سندس اڪثر ترقي پسند سنڌي اديب دوست ڀارت لڏي ويا هئا ۽ سندس ڪراچيءَ جي ترقي پسند اردو اديبن سان ئي رابطا قائم رهيا، پر سندس دوست محمد ابراهيم جويي کيس مايوسيءَ مان ڪڍي، سنڌيءَ ۾ شاعري ڪرڻ ڏانهن راغب ڪيو.
1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين تشڪيل بعد محمد ابراهيم جويي ’مهراڻ‘ رسالي ۾ جديد ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري، شيخ اياز کي جوڳي جاءِ ڏني. شيخ اياز تي رجعت پسندن سخت تنقيديون ڪيون، جن جي جواب ۾ اڳتي هلي رسول بخش پليجي ترقي پسند ادب ۽ اياز جي ڀرپور حمايت ڪندي قلم کنيو ۽ ’انڌا اونڌا ويڄ‘ ڪتـاب لکيو. ابراهيم جويي، اياز، سراج، رباني، نورالدين سرڪي ۽ شيخ حفيظ وارن ڪراچيءَ ۾ موجود هئڻ دوران ترقي پسند ادب کي وڏو زور وٺرايو، ادبي گڏجاڻيون زور وٺي ويون، ترجمي ۽ تخليق ذريعي ترقي پسند ادب کي واڌ ويجهه ٿي.
اهڙيءَ طرح ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام بعد سنڌي ادب ۾نمايان، ارتقائي ۽ انقلابي تبديليون آيون. سنڌ مان هندو اديبن جي لڏپلاڻ سنڌي ادب کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، پر ترقي پسند اديبن سنڌ ۽ هند ۾ ادبي تخليق جاري رکي. ڪراچيءَ جي مرڪز سان الحاق، بنگال ۾ پيدا ٿيل ٻوليءَ جي مسئلي ۽ ون يونٽ جي قيام روشن خيال ۽ جديد فڪر وارن ترقي پسند اديبن کي متحد ڪري وڌو. قومي ۽ ترقي پسند خيالن جي ادب جي تخليق سان گڏ روسي ادب جا ڪيترا ترجما ٿيا، جن سنڌي ادب جي جهوليءَ کي وسعت ڏني. شيخ اياز، سوڀي گيانچنداڻي، جمال ابڙي، رباني، سراج، حفيظ شيخ، عبدالستار شيخ، محمد عثمان ڏيپلائيءَ ۽ ٻين ترقي پسند سوچ واريون ڪهاڻيون لکيون يا ترجما ڪيا. روسي انقلاب ۽ ترقي پسنديءَ جي ان اثر هيٺ ترجمن، مضمونن ۽ اصلي ڪتابن جو ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
1. ٽالسٽاءِ (جيون چرتر ۽ ڪهاڻيون)، شيوارام ڀاڳچند.
2. ماءُ (ميڪسم گورڪيءَ جو ناول) مترجم: گوبند مالهي (1955ع)
3. امڙ (ميڪسم گورڪيءَ جو ناول Mother) مترجم: محمد عثمان ڏيپلائي (1957ع)
4. نيٺ ڇا ڪجي؟ (ليو ٽالسٽاءِ جي ناول What Then Must We Do جو ترجمو) مترجم: نورالدين سرڪي (1958ع)
5. مالوا (ميڪسم گورڪيءَ جو ناول) مترجم: ڪيرت ٻاٻاڻي (1958ع)
6. سسي نيزي پاند (دوستو وسڪيءَ جي ناول How the Steel was Tampered جو ترجمو ۽ اختصار) مترجم: محمد عثمان ڏيپلائي.
7. ’ٽالسٽاءِ موجودہ دور جو هڪ عظيم انسان‘ (مضمون: محمد عثمان ڏيپلائي، هي مضمون هفتيوار ’انسان‘ جي خاص ٽالسٽاءِ نمبر، 12 ڊسمبر 1960ع ۾ ڇپيو)
8. پيار ۽ واسنا (ليو ٽالسٽاءِ جو ناول)، مترجم: اي. جي اتم (1962ع)
9. پهريون پيار (ترگنيف جو ناول)، مترجم اي. جي. اتم (1965ع).
10. ڇويھہ ماڻهو ۽ هڪ ڇوڪري (گورڪيءَ جون روسي ڪهاڻيون)
مترجم: اي. جي اتم (1966ع)
11. نئون صبح (ماياڪو وسڪيءَ جي چونڊ ڪوتائن جو ترجمو)، مترجم لڇمڻ ڪومل، (1974ع)
12. پاتال (ميڪسم گورڪيءَ جي ناٽڪ Lower Depth جو ترجمو )مترجم: واسديو نرمل، (1974ع)
13. گهر جي روشني (روسي ڪهاڻيون) مترجم: ٽھلرام آزاد، (1979ع)
14. وولگا جي ڪناري (مختلف روسي شاعرن جي ڪوتائن جو ترجمو)، مترجم: ڊاڪٽر ارجن ميرچنداڻي ’شاد‘
15. جنگ ۽ انسان (شولوخوف جي ناول Fat of a Man جو ترجمو)، مترجم عمر ميمڻ، (1985ع)
16. جميلا (چنگيز اعتماتوف جو ناول) مترجم: ستار پيرزادو
17. ڏونگر منجهہ ڏيئو (بورس پوليوائي جي روسي ناول جي اردو ترجمي جو سنڌي ترجمو) مترجم: پرويز
18. پاپ ۽ پيڙا (دوستو وسڪيءَ جو ناول) مترجم: رشيد ڀٽي.
19. عشق (ٽالسٽاءِ جي ناول جو ترجمو) مترجم: مصطفيٰ ناگراج
20. ڌرتي ماءُ (چنگيز اعتماتوف جي ناول جو ترجمو) مترجم: زيب سنڌي
21. ڊاڪٽر زواگو (بورس پاسترنڪ جي ناول جو ترجمو) مترجم: رئوف نظاماڻي.
22. جوئاري (دوستو وسڪيءَ جي ناول Gambler جو ترجمو)، مترجم قاضي خادم.
23. چاندني راتيون (دوستو وسڪيءَ جي ناول جو ترجمو)، مترجم: گوبند مالهي، (1983ع).
24. مئڪسم گورڪي (فن ۽ شخصيت: گوبند مالهي)
25. ماسترياڻي (اليگزينڊر سيرافيمووچ جي ناول ‘Storm and Sand’ جو ترجمو)، نجم عباسي.
ان کانسواءِ ڪيترن ئي روسي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون بہ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيون. جن جو وڏو تفصيل آهي، پر ڪن اهم ڪهاڻين جو ذڪر ڪجي ٿو. (1) اوور ڪوٽ (گــوگــول، مترجم، الھہ رکيو پريو)، (2) بــدلو، (3) وانڪــا، (4) هي جيون، هي سفر، (5) ڪلرڪ جو موت، (6) ڪهاڻي هڪ مير صاحب جي (چيخوف، مترجم: ولي رام ولڀ)، (7) هڪ نوجوان شخص (ارڪاري ايورجنيڪو، مترجم: ولي رام ولڀ)، (8) البينا (يوردن يوڪوف، مترجم: وليرام ولڀ)، (9) پاشا (مئڪسم گورڪي، مترجم: جمال ابڙو)، (10) پينو فقير جي دل (مئڪسم گورڪي، مترجم: شبير چنا)، (11) جادوگر (چيريڪوف، مترجم: نجم عباسي)، (12) جنين ڪاڻ مياس (چيخوف، مترجم: ڄام وقار قادري)، (13) خدا ڏانهن خط (گريگو ريولاپيز، مترجم: نجم عباسي)، (14)، زخمن جي روشني (دوستو وسڪي، مترجم: غلام نبي ميمڻ)، (15)، سرءَ جي هڪ سانجهي (مترجم ستار پيرزادو، سندري اتمچنداڻي)، (16) سڪيلڌو مجرم (ٽالسٽاءِ، مترجم: سليم چنا)، (17)، قبر جي ڀر ۾ (ميڪسم گورڪي، مترجم: ڪمل ڪيولراماڻي ’پياسي‘)، (18) ڪنهن سان سور سليان (چيخوف، مترجم: الاهي بخش دوداپوري)، (19) لزا (ترگنيف، مترجم: غلام نبي ميمڻ) وغيرہ.
ان کانسواءِ ميڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ، تربيت ۽ درسگاھہ) ٽن جلدن ۾ اياز قادريءَ جو ترجمو ڪيل سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري 2005ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي، جنهن جي تصحيح محمد ابراهيم جويي ڪئي آهي. جڏهن تہ روسي وزير اعظم برزنيف جي آتم ڪٿا جا ٽي جلد ’ملازيليميا‘، ’نئون جنم‘ ۽ ’ڪنواري ڌرتيءَ‘ جي نالي سان سندري اتمچنداڻيءَ 1977ع، 1978ع ۽ 1979ع ۾ نئين دنيا پبلشرز، ممبئيءَ کان ڇپرائي پڌرا ڪيا، جڏهن تہ ’سوويت سرڳ‘ (سماجِوادي رشيا جي جهلڪ: اي. جي اتم)، ’ڀارت جو دوست لينن‘ (اي. جي اتم)، ’مهاتما ۽ لينن‘ (اي. جي اتم)، ’لينن: دنيا جي انقلابي شخصيت‘ (ڪيرت ٻاٻاڻي) ۽ ’لينن‘ (ارجن سڪايل) ڪتاب پڻ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ان کانسواءِ ٽالسٽاءِ جو ناول ’اينا ڪرينا‘ ۽ ٻئي ڪيتري روسي ادب جا ترجما مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت بوقت ڇپجندا پئي رهيا آهن. ڪيترن سنڌي اديبن روس جا سفرناما لکيا آهن. جھڙوڪ: ’نئين سڀيتا جو درشن‘ (سندري اتمچنداڻي)، ’جيڪي ڏٺو هو مون‘ (ڪيرت ٻاٻاڻي)، ’مون لينن جو ڏيھہ ڏٺو‘ (عزيز شيخ)، ’ملير کان ماسڪو تائين‘ (محبوب شيخ)، ’منصور ملڪ جو ڊائريءَ نما سفرنامو‘، ’ڪراچيءَ کان ڪيمبرو‘ وغيرہ. ڪيترن سنڌي اديبن کي روسي حڪومت ادبي خدمتن تي اوارڊ پڻ ڏنا آهن، جھڙوڪ: ارجن ميرچنداڻي شاد (سوويت لينڊ نهرو امن اوارڊ)، ارجن سڪايل (سوويت لينڊ نهرو امن اوارڊ: 1972ع)، اي. جي. اتم (سوويت لينڊ نهرو امن اوارڊ: 1962ع) ۽ 1972ع، واسديو نرمل (سوويت لينڊ نهرو اوارڊ: 1972ع)، ٽھلرام آزاد (سوويت لينڊ نهرو امن اوارڊ: 1979ع)، پنجابي '>گوبند پنجابي (سوويت لينڊ نهرو امن اوارڊ: 1983ع)، لڇمڻ ڪومل (سوويت لينڊ نهرو امن اوارڊ: 1974ع)، سندري اتمچنداڻي (سوويت لينڊ نهرو امن اوارڊ: 1979ع). (وڌيڪ ڏسو: ترقي پسند تحريڪ ۽ ادب، جلد ٻيو)