روسي انقلاب (1917ع): روس ۾ 1917ع ۾ آيل ’آڪٽوبر انقلاب‘، دنيا جي تاريخ جو اهم ترين واقعو آهي. هن انقلاب جو باني تجربيڪار انقلابي اڳواڻ ’لينن‘ هو، جنهن ڪارل مارڪس جي معاشي نظريي جي بنياد تي انقلاب لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ سندس پرخلوص اڳواڻيءَ ۾ هي انقلاب ڪامياب ٿيو. اڄ کان 95 سال اڳ روسي مزدورن ۽ هارين روسي زار جي ’شهنشاهيت‘ جو تختو فيبروري 1917ع ۾ اونڌو ڪيو ۽ آڪٽوبر 1917ع ۾ بولشويڪ پارٽيءَ دنيا ۾ پهرين ’ڪميونسٽ رياست‘ جو پايو وڌو. اهڙيءَ طرح نئين سوشلسٽ سماج جو بنياد پيو ۽ نه رڳو روس، پر سڄي دنيا جي محنت ڪش ۽ دنيا جي هر مظلوم ۽ محڪوم قوم لاءِ تاريخ انسانيءَ ۾ هڪ نئين باب جو آغاز ڪيو.
هن انقلاب جي نتيجي ۾ جديد ڪميونسٽ تحريڪ اٿي ۽ روسي سلطنت يو. ايس. ايس. آر (USSR) يعني ’يونين آف سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ‘ جي صورت اختيار ڪئي، هن انقلاب برپا ڪرڻ جو مقصد روس ۾ سماجي برابري ۽ اقتصادي جمهوريت قائم ڪرڻ هو.
روسي شهنشاهه نڪولس ٻئي ۽ حڪمران رومانوف جي سلطنت جو تختو 23 کان 27 فيبروريءَ واري بغاوت ۾ اونڌو ڪيو ويو هو. پراڻي جولين ڪئلينڊر موجب اها تاريخ 8 کان 12 مارچ ٿئي ٿي.
فيبروري 1917ع جا واقعا ’فيبروري انقلاب‘ طور ڄاتا وڃن ٿا، روسي شهنشاهه زار جي معزوليءَ کانپوءِ رجعت پسند، لبرل ۽ معتدل سوشلسٽ سياستدانن جي هڪ غير جٽادار اتحاد، 27 فبروري 1917ع تي پنهنجي عبوري حڪومت جو اعلان ڪيو هو، هن حڪومت کي منڍ کان ئي ’سوويتن‘ جي حمايت حاصل هئي، پر اها عبوري حڪومت انهن مسئلن کي حل ڪري نه سگهي، جيڪي فيبروري واري انقلاب جو ڪارڻ بڻيا هئا. سڀ کان وڏو مسئلو پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ روس جو ملوث هئڻ هو. ٻي هٿياربند بغاوت ۽ ڇڪتاڻ جي شروعات 25 آڪٽوبر تي ٿي، جنهن کي ’آڪٽوبر انقلاب‘ يا ’بالشويڪ انقلاب‘ چيو وڃي ٿو، جنهن جي بالشويڪ نالي انقلابي سوشلسٽ گروهه اڳواڻي ڪري رهيو هو. هن ’سوويتن کي سمورا اختيار ڏيڻ‘ جي مقصد هيٺ عبوري حڪومت جو خاتمو آندو، بالشويڪن کي اميد هئي ته سندن انقلاب جي نتيجي ۾ روسي معاشري ۾ گهريون تبديليون اينديون ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو به سوشلسٽ انقلاب طرف مائل ٿيندا. (وڌيڪ تفصيل بالشويڪ، سوشلزم ۽ ’سوويت يونين‘ عنوانن هيٺ مختلف جلدن ۾ پڙهندا)
سوويتن جي ٻي ڪانگريس سوويت اقتدار جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته لينن هڪ ٻئي گروهه ليفٽ سوشلسٽن سان گڏجي، بالشويڪ اتحادي حڪومت ٺاهي، جنهن جو اختيار ڪائونسل آف پيپلز ڪميسار وٽ هو، جنهن جو چيئرمئن لينن ٿيو.
لينن هڪدم جرمنيءَ سان امن مذاڪرا شروع ڪري ڏنا ۽ 3 مارچ 1918ع تي جرمن ۽ سوويت حڪومت جنگ بنديءَ لاءِ امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
جرمنيءَ کي تمام گهڻي ڳتيل آباديءَ وارو علائقو ڏيڻ تي ليفٽ سوشلسٽ گروهه لينن کان الڳ ٿي ويو ۽ بالشويڪ، روسي حڪومت جا اڪيلا ۽ خودمختيار مالڪ بڻجي ويا. 1918ع ۾ بالشويڪن پنهنجو نالو بدلائي ’رشين ڪميونسٽ پارٽي‘رکيو، روسي حڪومت ترت ئي سرخ فوج (ڳاڙهي فوج) کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن جي اڳواڻي ليون ٽراٽسڪيءَ کي ڏني وئي.
’سرخ فوج‘ روس جي شهري آباديءَ ۾ سياسي اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ زوردار مهم هلائي. حڪومت فوج کي اختيار ڏنو ته شهر ۾ موجود مزدورن کي خوراڪ مهيا ڪئي وڃي، فيڪٽرين کي اختيار ۽ قبضي هيٺ آندو ويو ۽ مزدورن تي ضابطا مڙهي کين حڪومت جي مقرر نظم ۽ ضبط جو پابند بڻايو ويو. لينن بين الاقوامي انقلاب کي فروغ ڏيڻ لاءِ مارچ 1919ع ۾ ’ٿرڊ انٽرنيشنل ڪومنترن‘ سڏائي. ڪميونزم جي هن نئين شڪل سان روس جي زرعي پيداوار شديد متاثر ٿي ۽ صنعتي پيداوار گهٽجي وئي، جنهنڪري شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ فساد ۽ هڙتالون شروع ٿي ويون ۽ 1921ع جي شروعات ۾ عوامي بي چيني ’سوويت حڪومت‘ لاءِ خطرو بڻجي وئي. مارچ ۾ روسي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڏهين ڪانگريس ۾ لينن نئين معاشي پاليسي متعارف ڪرائي، 1922ع جي ڊسمبر ۾ سوويت حڪومت ’يو. ايس. ايس. آر‘ جي بنيادي پاليسيءَ جو اعلان ڪيو.
يو. ايس. ايس آر جي قيام کان پوءِ ليننن آئينده انتظامن ۾ مصروف ٿي ويو. لينن، سوويت حڪومت جي غلط راهه اختيار ڪرڻ جو الزام ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل جوزف اسٽالن تي هنيو، جنهنڪري اسٽالن ۽ لينن ۾ شديد اختلاف پيدا ٿي پيا.
لينن ويهين صديءَ جي اهم انقلابي ليڊرن مان هو. سياسي ميدان ۾ هو بي مثال قوت ارادي، محنت ۽ همت جي علامت هو. سندس قيادت جو انداز، منظم انقلابي پارٽيءَ جي قيادت جو تصور، ويهين صديءَ جي ٻين انقلابي رهنمائن لاءِ هڪ مثالي نمونو رهيو. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس شخصيت کان دنيا جا ٻيا ڪيترائي معاشرا متاثر ٿيا.
سوويت يونين ۾ لينن جي قيادت واري 1917ع واري ’آڪٽوبر انقلاب‘جي نتيجي ۾ اڳتي هلي دنيا ۾ ڪيترا سوشلسٽ ملڪ قائم ٿيا ۽ دنيا ٻن طاقتن ’سرمائيدار طاقت‘ ۽ ’سوشلسٽ طاقت‘ ۾ ورهائجي وئي. اڳتي هلي 70 سالن بعد روس ۾ بيورو ڪريسيءَ جي آمريت ’سوويت يونين‘ جي جاگرافيائي جوڙ جڪ جو خاتمو آندو.
بهرحال سرمائيداري ۽ سماجوادي (سوشلسٽ) سوچ، ٻن نظامن ٻن نظرين ۽ ٻن روين کي سياسي ۽ فڪري طور اُڀاريو. سوشلزم ۽ سوشلسٽ حڪومتن جي حمايتن واري لاڙي ۽ جدوجهد ادب ۾’ترقي پسند‘ رجحانن کي وڌايو.
روسي انقلاب جا سنڌ تي اثر: روس جي سوشلسٽ انقلاب سڄيءَ دنيا سان گڏ سنڌ سنڌ جي سياست ۽ ادب تي پنهنجا گهرا اثر ڏيکاريا، مارڪسزم ۽ سوشلسٽ نظام سنڌ اندر وڏيرڪي سماج ۾ پيڙجندڙ ماڻهن کي هڪ سهارو ڏنو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ ته سنڌي سماج ۾ جيڪي فڪري ۽ سياسي تضاد ظاهر ٿيا، تن ماڻهن ۾ محرومي ۽ مظلوميت جو احساس جاڳايو ۽ هندستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بنياد تي سنڌي شاخ پڻ قائم ٿي. سنڌ جي روشن خيال سياستدانن ۽ اديبن ۾ هن نقطه نظر جي واڌ ويجھه سنڌ جي ادب ۽ سياست کي مارڪسزم جي ويجهو آندو.
مارڪسزم ۽ سوشلزم جي برابريءَ واري سوچ سنڌ جي صوفي مت ۾ اڳ ۾ ئي موجود هئي. شهيد شاهه عنايت جهوڪ واري کي، جو ’جيڪو کيڙي سو کائي‘ جو نعرو هنيو هو، ’سنڌ جو پهريون سوشلسٽ‘ سڏيو ويو. مشهور اردو ترقي پسند اديب سبط حَسن به پنهنجي ڪتاب ’نويد فڪر‘ ۾ شاهه عنايت کي سنڌو ماٿريءَ جو پهريون سوشلسٽ قرار ڏنو آهي. سنڌ جي روادار، سيڪيولر ۽ مذهبي متڀيد کان مٿي وارين روايتن جي ڪري سنڌ ۾ مارڪسي نظريو تيزيءَ سان ڦهليو. قومي جبر جي بنياد تي گڏ ٿيندڙ ماڻهن به مارڪسي نظريي کي پنهنجو ڪيو.
روسي انقلاب جي اثر کي قبوليندي، سنڌ جي روشن خيال ۽ سيڪيولر سياستدانن ۽ حقيقت پسند ۽ سيڪيولر اديبن سوشلزم کي پنهنجين لکڻين جو موضوع بڻايو. ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کانپوءِ عام سوشلزم، مارڪسزم ۽ روسي انقلاب تي ڪتاب لکيا ويا، شاعري ۽ ڪهاڻين ۾ اهڙا خيال زور شور سان داخل ٿيا.
سڀ کان پهريان ساڌو ٽي. ايل واسواڻي، ڄيٺمل پرسرام، خانچندر درياڻي (ناٽڪ نويس)، لعلچند امر ڏنيمل جي لکڻين ۽ ڪشنچند ’بيوس‘ جي شاعريءَ ۾ اهو اثر ملي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: ’روسي ادب ۽ روسي ادب جو سنڌي ادب تي اثر.) ڄيٺمل پرسرام 1927ع ۾ ’سوشلزم‘ بابت سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب لکيو، 1930ع ۾ روسي انقلاب جي اثر هيٺ ’سنڌ هاري ڪاميٽيءَ‘ جو ميرپورخاص سنڌ ۾ بنياد پيو. 1930ع ۾ شڪارپور ۾ ’پهرين سوشلسٽ ڪانفرنس‘ سڏائي وئي. 1940ع واري ڏهاڪي ۾ لکيل ناولن، ڪهاڻين، سنڌي ادبي سنگت ۽ ادبي سرڪل جي قيام، ’سنڌو‘، ’ساٿي‘ ۽ ’اڳتي قدم‘ رسالن جي اجراءَ، 1945ع ۾ حيدربخش جتوئيءَ جي ’سنڌ هاري ڪاميٽيءَ‘ ۾ شرڪت، ’سنڌ پيپلز پارٽيءَ‘ جي قيام مسلم ليگ خلاف مختلف محاذن جي قيام جو سمورو پسمنظر ’روسي انقلاب‘ جي اثر سان ڀرپور نظر اچي ٿو. سنڌ جي انقلابي اديبن روس ۽ ان جي انقلابي اڳواڻن تي ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا، جيڪي ان ڳالهه تي روشني وجھن ٿا ته سنڌ سوشلسٽ ۽ ترقي پسند سوچ کي قبولي ورتو هو ۽ اڄ به جديد، روشن خيال ۽ ترقي پسند اديب محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سراج، ڪامريڊ روچيرام ۽ اڪثر سياستدان رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر وغيره ان سوچ کان ڌار نه آهن.
هيٺ روسي انقلاب ۽ اڳواڻن بابت سنڌي اديبن جي لکيل ڪجھه ڪتابن جو ذڪر ڪجي ٿو.
1. لينن -رشيا جو رهبر (مضمون)ڄيٺمل پرسرام (1924ع)
2. سوشلزم (ساميه واد) ڄيٺمل پرسرام (1927ع)
3. سوويت سرڳ (سماجوادي رشيا جي جهلڪ: اي. جي. اتم: 1954ع)
4. مهاتما ۽ لينن (اي. جي. اتم: 1969ع)
5. ڀارت جو دوست لينن (اي. جي. اتم: 1970ع)
6. لينن (ارجن سڪايل: 1972ع)
7. روس جا چاليهه سال (قادر بخش نظاماڻي: 1957ع)
8. ڀارت روس دوستي (اي. جي. اتم: 1965ع)
9. لينن جي جيون ڪهاڻي (نڪولائي ميخالوف جو سنڌي ترجمو: 1965ع)
10. لينن: دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت: ڪيرت ٻاٻاڻي (1980ع)
11. قومپرستي نظريو ۽ پاليسي (س. آغائيف ۽ ي اوگانسيان، سنڌي ترجمو)
12. بزرنيف جي آتم ڪهاڻي (ٽي جلد،ملازيليما، نئون جنم ۽ ڪنواري ڌرتي) مترجم: سندري اتمچنداڻي (79-78-1977ع)
13. سوشلزم جو ماضي، حال ۽ آئندو (ترجمو عبدالحڪيم ارشد) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.