روشن آرا بيگم

روشن آرا بيگم

روشن آرا بيگم

روشن آرا بيگم (موسيقيءَ جي ملڪہ): روشن آرا بيگم 1915ع ۾ ڪلڪتي ۾ پيدا ٿي. سندس اصل نالو وحيدالنساء بيگم هو. کيس موسيقي سان فطري لڳاءُ هو. ڳائڻ جي ابتدائي سکيا پنھنجي والدہ چندا بيگم کان ورتائين، پوءِ استاد ممتاز حسن ۽ استاد ٻڍن خان جهڙن وڏن موسيقارن کان سُر، لئي ۽ تال جون بنيادي رمزون سکي، رياضت ڪيائين. شروع ۾ هن هلڪي ڦلڪي موسيقيءَ جو مظاهرو ڪيو. سندس سحر انگيز آواز استاد عبدالڪريم خان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، جنهن کيس ان شرط تي پنھنجي شاگرديءَ ۾ ورتو تہ هوءَ فلمن ۾ اداڪاري نہ ڪندي ۽ شادي کانپوءِ بہ رياضت ڪندي. هن ائين ڪيو ۽ مشھور فنڪارہ بڻجي وئي. خيال، ٺمري، دادري مطلب تہ هر گائڪي ۾ کيس ڪمال حاصل هو. هن ريڊيو لاءِ بہ ڪيترا گيت رڪارڊ ڪرايائين. ڪيترين فلمن لاءِ بہ هن پلي بيڪ سنگر طور ڳايو. فلم جگنو، پڪار ۽ قسمت وغيرہ ۾ سندس آواز ۾ گانا رڪارڊ ٿيل آهن. کاريان ضلعي گجرات جي هڪ پوليس آفيسر چوڌري احمد خان سان سندس شادي ٿي، جيڪو ان وقت بمبئيءَ ۾ مقرر هو. قيامِ پاڪستان کانپوءِ 1948ع ۾ هن لالا موسيٰ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. اتي ئي 5 ڊسمبر 1982ع تي وفات ڪيائين. سندس فني خدمتن جي اعتراف طور حڪومت پاڪستان کيس ’حسن ڪارڪردگي‘ اوارڊ ڏنو.


لفظ روشن آرا بيگمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو