
روشن آ سانجهي
روشن آ سانجهي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ محقق تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن جي چونڊ ۽ترتيب ناليواري شاعر اياز گل ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ تنوير عباسيءَ جي چونڊ شاعري ڏني وئي آهي، جنهن ۾ غزل، نظم، دوها، بيت، وايون، هائيڪا شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ’ٻہ ڳالهيون‘ جي سري هيٺ ٻہ اکر شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپورميرس جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ لکيا آهن. جڏهن تہ اياز گل ’اسين بہ پارس ناهيون‘ جي سري سان پنھنجي پاران لکيو آهي. 80 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 75 روپيا آهي، جنهن کي تنوير عباسي ڪارنر شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ڊسمبر 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.