روضي ڌڻي چيئر: پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي شخصيت ۽ فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، 2005ع ۾ روضي ڌڻي چيئر، سچل چيئر جي بلڊنگ ۾ هڪ ڪمري ۾ کولي هئي، جتي مشتاق احمد نظاماڻيءَ کي ريسرچ آفيسر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ 27 جنوري 2010ع ۾ بلڊنگ تيار ڪري ريسرچ آفيسر مشتاق احمد نظاماڻيءَ کي اتي منتقل ڪيو.
چيئر جو صلاحڪاري بورڊ هيٺين ميمبرن تي مشتمل آهي:
• وائيس چانسلر چيئرمئن
• پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله ڦلپوٽو (پرو وائيس چانسلر) ميمبر
• پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ميمبر
• خان محمد هنڱورجو ميمبر
• رسول بخش سميجو ميمبر
• مفتي محمد رحيم سڪندري ميمبر
• مفتي عبدالرحيم سڪندري ميمبر
• جان محمد منڱريو ميمبر
• استاد نظاماڻي ميمبر
• مشتاق احمد نظاماڻي ميمبر/ سيڪريٽري
روضي ڌڻي چيئر جي لائبرريءَ ۾ خريد ۽ گڏ ڪيل ڪتابن جو تعداد هزارن ۾ آهي. آڊيو وڊيو رڪارڊنگ ۾ پير سيد علي گوهر شاهه اصغر سائينءَ جا ڪلام مختلف فنڪارن جي آواز ۾ موجود آهن. مختلف موقعن تي ڪرايل سيمينار جون وڊيو ڪئسٽون ۽ 8 وڊيو سيڊيون، جن ۾ 14000 صفحن تي مشتمل تاريخي دستاويز، 150 فائيلن جي صورت ۾ موجود آهن، جيڪي فائل حر تحريڪ متعلق آهن ۽ برٽس لائبرري، لنڊن مان آندا ويا آهن.
روضي ڌڻي چيئر ۾ ڪيترو قلمي مواد پڻ موجود آهي، جهڙوڪ: پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رح جو 1199 هجريءَ ۾ لکيل خط، ڪتاب ’گنج گران مايه‘ (4 حصا) قلمي صورت ۾، جنهن ۾ 2500 کان مٿي مختلف شاعرن جون ڪافيون، ڪلام ۽ مولود موجود آهن، جن ۾: ’خليفي نبي بخش لغاريءَ جو ڪلام‘ قلمي صورت ۾، جيڪو اصل ۾ انڊيا جي لائبرري جهوناڳڙهه ۾ موجود هو، ان جي فوٽو ڪاپي؛ ’خليفي غلام نبي لغاريءَ جو ڪلام‘ قلمي صورت ۾، جيڪو اصل جهوناڳڙهه انڊيا جي لائبرريءَ ۾ مـوجود هـو، ان جـي فـوٽـو ڪاپي؛ ’مڪتوبات پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رح‘ (قلمي صورت ۾)؛ ’ڪتاب هدايت المريدين‘ (قلمي صورت ۾)؛ ’لوڙهن ۾ قيد حرن جي لسٽ‘ 1944ع تائين (انگريزن جي رجسٽرڊ ٿيل فوٽو ڪاپي)؛ ’ڪتاب مسلم اِن انـڊيا‘ (1983ع)؛ سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ٿيل حر ائڪٽ جون فوٽو ڪاپيون؛ حرن خلاف ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ٿرپارڪر جي رپورٽ (1808ع جي فوٽو ڪاپي)؛ سِٽي مئجسٽريٽ روهڙيءَ جو 1930ع ۾ ڏنل فيصلو سورهيه بادشاهه جي خلاف (فوٽو ڪاپي)؛ حرن خلاف ميجر وصال محمد خان جي رپورٽ (فوٽو ڪاپي)؛ حرن خلاف انگريزن طرفان سالياني رپورٽ (1937ع کان 1942ع تائين)؛ ملفوظات پير سيد علي گوهر شاهه رح 1؛ ملفوظات پير سيد شاهه مردارن شاهه رح 1؛ ڪتاب هدايت المريدين (پير سيد شاهه مردان شاهه رح 1)؛ مختلف گادي نشينن جا لکيل خط؛ ملفوظات پير محمد راشد رح (خليفي محمد نظاماڻيءَ جي لکيل)؛ پير سائين روضي ڌڻي رح جي ملفوظات سنڌ ٽن حصن ۾؛ پاڳارو ۽ حر تحريڪ ڪيس فائل 12000 صفحن تي مشتمل (فوٽو ڪاپي) شامل آهن.
روضي ڌڻي چيئر مختلف موقعن تي ڪيترا سيمينار ۽ ليڪچر پروگرام ڪرايا آهن، جهڙوڪ:
• پير سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي 188 ورسي (26.8.2006)،
• روضي ڌڻيءَ بابت سيمينار (سانگهڙ: 22.2.2007)،
• روضي ڌڻيءَ بابت سيمينار (سانگهڙ: 21.2.2009)،
• سورهيه بادشاهه بابت سيمينار (خيرپور: 24.3.2010)،
روضي ڌڻي چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران پير سيد صبغت الله شاهه شهيد سورهيه بادشاهه جي 68هين يوم شهادت تي 31 مارچ 2011ع تي علامه آءِ. آءِ. قاضي هال ۾ سورهيه بادشاهه سيمينار؛ 21 جنوري 2011ع تي پير سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي وفات تي تعزيتي پروگرام؛ پير سيد صبغت الله شاهه ثاني شهيد سورهيه بادشاهه جي 69هين يومِ شهادت، يونيورسٽيءَ جي علامه آءِ. آءِ. قاضي هال ۾ 22 مارچ 2012ع تي ’سورهيه بادشاهه سيمينار‘ ۽ ٻين ڪيترن موضوعن ۽ شخصيتن تي سيمينار ۽ ليڪچر پروگرام منعقد ڪرايا ويا آهن.
روضي ڌڻي چيئر پاران هن وقت تائين هيٺيان ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن: (1) ’روضي ڌڻيءَ ڏي راهه‘ (سوال جوابن تي مشتمل) مرتب مشتاق نظاماڻي، (2) فقير عبدالله ڪاتيار جو ڪلام (مرتب: مشتاق نظاماڻي)، (3) راشد رهنما 1 (مرتب: مشتاق نظاماڻي)، (4) راشد رهنما 2 (مرتب: مشتاق نظاماڻي)، (5) آزاديءَ جا اسير (لوڙهن ۾ قيد حرن جي لسٽ: مرتب: مشتاق نظاماڻي)، (6) راشد رهنما 3، (7) سيد ابوبڪر شاهه لڪياريءَ جو ڪلام‘.
ان کان سواءِ جماعتي راڳ (فقير غلام حيدر غازيءَ جي درگاهه تي رڪارڊ ٿيل) جي سي. ڊي به جاري ڪئي وئي آهي.
روغن: روغن جي معنيٰ سڻڀ يا تيل آهي. هي طبي اصطلاح آهي. تيل اڪثر ٻجن مان حاصل ڪيو ويندو آهي، پر عام ٻوٽن جي پنن، گلن ۽ ڪاٺين مان به تيل ڪڍيو ويندو آهي، جنهن کي روغن چوندا آهن. طبيب اُن روغن مان ڪيتريون دوائون ٺاهيندا آهن. روغني تيل ڪڍڻ جا هيٺيان نمونا ۽ طريقا هوندا آهن.
(1) مغزيات جھڙوڪ: بادام، مغز، ڪدو ۽ شيرين وغيره جو تيل گھاڻي مان يا مشين ذريعي آسانيءَ سان ڪڍرائي سگھجي ٿو. پراڻا طبيب مغزيات کي ڪٽي پاڻيءَ ۾ ملائي باهه تي پچائي هيٺ لاهي ٿڌي ٿيڻ تي جيڪو روغن مٿي ترندو هو، احتياط سان جمع ڪندا هئا يا وري مغزيات ۽ مصري ڪٽي ملائي گرم ڪري نپوڙيندا هئا ته انهن مان تيل نڪري ايندو هو.
(2) مغزيات کان سواءِ اهي دوائون، جن ۾ روغني جزا ٿورا هوندا آهن يا بلڪل نه هوندا آهن، انهن مان تيل ٻن طريقن سان حاصل ڪيو ويندو هو.
(i) ٿورن روغني جزن وارين دوائن جو تيل، مثلاً: روغن گل ٺاهڻ جي واٽ، ترن جي تيل ۾ 100 گرام گلاب جا تازا گل وجھي اس ۾ رکجن. جڏهن مرجھائجي وڃن ته ٻيا گل 100 گرام وجھجن. ائين ٽي دفعا ڪجي پوءِ ڇاڻي صاف ڪري استعمال ڪجي.
(ii) دوائون خشڪ هجن ته پهريائين انهن دوائن کي ڪٽي ڏڏر ڪري مناسب عرق يا پاڻيءَ ۾ ملائي باهه تي رکي جوش ڏيارجي، جڏهن اڌ پاڻي کپي وڃي ته ترن جو تيل وجھي ايترو ڪاڙهجي، جيئن پاڻي ختم ٿي وڃي. باقي صرف تيل بچي، تڏهن ٺاري ڇاڻي محفوظ ڪري رکجي. جيڪڏهن تيل ۾ مشڪ، عنبر، زعفران ۽ ڪافور وغيره شامل ڪرڻو هجي ته تيل کي جوش ڏئي جڏهن لاهجي ته پوءِ اهڙيون دوائون کرل ڪري تيل ۾ شامل ڪجن.
هن قسم جو تيل هميشه هلڪيءَ باهه تي تيار ڪبو آهي. تيز باهه ڏبي ته جزا سڙي ويندا. جيتري هلڪي باهه هوندي تيل به اوترو سٺو ۽ موثر ٺهندو. روغن جو موجد بقراط آهي، ڪي وري حڪيم فيثا غورث کي روغن جو موجد ڪوٺين ٿا. طبيبن ٻنهي کي موجد ڄاڻايو آهي. تيل ڏهن مهينن کان هڪ سال تائين سٺو اثر ڏيکارين ٿا. سال کان مٿي رکيل تيل جو اثر گھٽ ٿي ويندو آهي. حڪيم جن چند خاص دوائن مان تيل ڪڍندا آهن، تن جا نالا هي آهن: روغن ڀيلاوان، روغن بيڪه مرغ، روغن گندم، روغن محطگي، روغن سانڊو، روغن موم، روغن ٻيرچو ۽ روغن نخود.