رومانويت (Romanticism): رومانويت يا رومانويت پسندي، ڪلاسيڪيت ۽ حقيقت پسنديءَ وانگر ادب ۾ هڪ قسم جو لاڙو آهي، جنهن هيٺ ڪهاڻيون، ناول ۽ ٻيون ادبي صنفون سرجيون ويون. هي ادبي لاڙو يورپ کان شروع ٿيو، آمريڪا جي گڏيل رياستن ۽ اڳتي هلي اسان جي ڏيهي ادب تي به اثر انداز ٿيو.
ڪلاسيڪيت، رومانويت ۽ حقيقت پسندي، انهن ٽنهي لفظن ۾ يورپ جي فن ۽ ادب جي ڪيترين صدين جي ڪهاڻي لڪل آهي. ڪلاسيڪيت، انساني زندگي ۽ ان جي سمورن شعبن جا اصول ۽ ضابطا ترتيب ڏنا. حسن، جماليات، فن ۽ زندگيءَ جي محورن جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ انهن محورن کي آڏو رکي حتمي دستور ٺاهيا، سانچا ٺاهيا. اهڙو ادب ۽ فن ڪلاسيڪي معيارن تي پورو لهڻ ڪري عظيم سڏيو ويو، پر پوءِ آهستي آهستي انهن اصولن ۽ ضابطن کي فن، جماليات ۽ زندگيءَ جو نعم البدل سمجهيو ويو. ڊرامي جي جمالياتي تڪميل جو راز اهو طئي ڪيو ويو ته اُن ۾ مڪان، زمان ۽ عمل جي وحدت هئڻ گهرجي. شاعريءَ ۾ پراڻن شاعرن جي پيروي ڪرڻ، موضوع، بيان جي طرز، تشبيهن، استعارن ۽ زبانن جي سلسلي ۾ يوناني نمونن جي پوئلڳي ضروري سمجهي وئي، جنهن سان هڪ مصنوعي تقليد جنم ورتو ۽ نيوڪلاسيڪيت جو دور آيو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن طرز فڪر ۽ ترتيب، زندگيءَ ۽ فن ۾ ڪارناما سرانجام ڏنا. ڪلاسيڪي مجسمن، يوناني شهپارن، والٽيئر جي عظيم شخصيت، جانسن وغيره جا نقطه نظر اڳيان آندا. ڪلاسيڪيت، عقليت جو نشان، اصول پرستي ۽ ترتيب جي قائل هئي، پر نيو ڪلاسيڪيت ان جي تقليد تي زور ڏنو ۽ فن ۽ ادب ۾ جمود پيدا ٿي ويو.
رومانويت ان اصول پرستيءَ، عقليت ۽ وچٿرائيءَ جي مصنوعي قدرن خلاف بغاوت جو لاڙو آندو. ڪلاسيڪي انسانُ، دنيا، ان جي زندگيءَ ۽ حسن کي جن خانن ۽ اصولن ۾ ورهائي مطمئن ٿي ويو هو. رومانويت ان تي هڪ ڳرو ڌڪ هنيو. رومانويت ۾ تخيل ۽ موضوعاتي نقطه نظر، فڪر ۽ اظهار جي آزادي ۽ فطرت پرستيءَ کي بنياد بنايو ويو. رومانوي تحريڪ صرف ڪجهه مٿي ڦريل نوجوانن جو جذباتي اُڀار نه هئي، پر اقتصادي، سياسي ۽ مجلسي نظام جو نتيجو هئي. هي نظام پراڻن اصولن جو پوريءَ ريت پابند رهڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن کي هڪ تبديل ٿيندڙ سماج ۽ تبديليءَ جي دشمن جاگيردارانه هٿن تعمير ڪيو هو. فرانس جي انقلاب ۽ صنعتي انقلاب جون خاموش قوتون نئين زندگيءَ جو ميدان تيار ڪري رهيون هيون ۽ زمانو نون اصولن جي گهر ڪري رهيو هو. ان ڪري هربرٽ ريڊ ڪلاسيڪيت کي سياسي ڏاڍ جو ذهني شريڪ ڪار قرار ڏنو.
ان حد تائين رومانويت يقيني طور انقلابي تحريڪ جي حيثيت سان شروع ٿي. رومانويت محض فرار نه هئي، پر بدليل حالتن ۾ ڪائنات جي هڪ ڳولا ۽ نون قدرن جي تلاش هئي. بارزن، هن تصور کي آڏو رکي حقيقت پسندي، نيچرل ازم، سرئيلزم ۽ اظهاريت کي رومانويت جون مختلف شڪليون قرار ڏنو ۽ ريڊ ۽ برٽان (Bretan) سرئيلزم کي اعليٰ رومانويت قرار ڏنو.
رومانويت ڇا آهي؟
رومان جو لفظ ’رومانس‘ (Romance) مان نڪتو آهي. رومانس اهڙن ڪهاڻين کي وجود ڏنو، جيڪي نهايت آراسته ۽ پرشڪوه پسمنظر سان گڏ عشق محبت جا اهڙا داستان هيون، جيڪي وچئين دؤر جي جنگجو ۽ خطرا سر تي کڻندڙ نوجوانن جي مهمن بابت هيون. ان ڪري هن لفظ سان ٽي خاص مفهوم لاڳاپجي ويا. (1) عشق ۽ محبت سان لاڳاپيل هر ڳالهه کي رومانوي چيو ويو، (2) غير معمولي آراستگي، شان شوڪت، آرائش ۽ محاڪاتي تفصيل پسنديءَ کي رومانوي چيو ويو، (3) وچئين دؤر سان لاڳاپيل سمورين شين سان لڳاءُ، قدامت پسندي ۽ ماضي پرستيءَ کي رومانويءَ جو لقب ڏنو ويو.
’رومانٽڪ‘ جو اصطلاح پهريون ڀيرو 18 صديءَ جي انگريزي ادب ۾ ظاهر ٿيو ۽ حقيقت ۾ ان جو مطلب ’رومانس‘ (Romance) جهڙو هو يعني وچئين دؤر جي عشقن جا تخيلاتي ڪردار.
ادبيات (Literature) جي سلسلي ۾ سڀ کان اڳ 1871ع ۾ ’وارٽن‘ ۽ ’هرڊر‘ هي لفظ ڪم آندو. ان کانپوءِ ’گوئٽي‘ ۽ ’شلر‘ 1802ع ۾ ادب ۾ هن رجحان کي هٿي ڏني، پر ’شيگل‘ ۽ ’مادام ڊي اسٽائل‘ (De Stael) هن کي هڪ اصطلاح جي شڪل ۾ رائج ڪيو. اهڙيءَ طرح هي لفظ جامع معنيٰ ۾ خاص ادبيات ۽ داستانن جو لقب بڻيو ۽ پوءِ ادب جي هڪ خاص مزاج جو مظهر بڻجي ويو.
رومانويت واري فلسفي (Romanticism) يا نظريي فنون لطيفه سان گڏ ادب کي گھڻي قدر متاثر ڪيو، ڇو ته رومانويت جو واسطو نظريات واري فلسفي سان هڪجھڙائي رکندڙ هو. رومانويت جي فلسفي/ نظريي کي اجاگر ڪندڙ مشهور فلسفي ۽ تعليمدان جين جيڪس روسو (Jean-Jacques Rousseau) هو. سندس راءِ موجب ”رومانويت جو واسطو انسانذات جي فطرتي خوبين، جذبن ۽ جبلتن سان آهي.“ روسو، انساني روح جي آزاديءَ جو علم بلند ڪيو هو.
ائين به چون ٿا ته هن نظريي جي ابتدا دراصل جرمنيءَ ۽ انگلنڊ ۾ ٿي هئي. انهن ٻنهي ملڪن ۾ گاٿڪ (Gothic) ناولن ۾ خوف ۽ هراس، چڱاين ۽ مٺاين جو ذڪر شاعراڻي انداز، محاڪات ۽ فطرت جي حسن، سونهن ۽ سوڀيا جي وارتا ۽ بيان سان ڪيو ويندو هو ۽ هن ئي فلسفي کي انگريزي زبان جي جڳ مشهور ۽ اعليٰ شاعر ۽ ڊرامانگار شيڪسپيئر (Shakespeare) پنهنجن ڊرامن ۽ لوڪ داستانن ۾ وڌيڪ اجاگر ڪيو. اڳتي هلي ڪيترن انگريز شاعرن ۽ ليکڪن جھڙوڪ: اوسيئن (Ossian)، فريڊرچ (Friedrich)، گاتلب (Gottlib)، ڪلاپ اسٽاڪ (Klopstock) ۽ جيمس ٿامسن (James Thomson) جي شاعري، هن فلسفي جي طرز بيان سبب نمايان ٿي. جرمنيءَ کانسواءِ انگلنڊ ۾ وليم ورڊس ورٿ (William Wordsworth)، ڪولرج (Colridge) ۽ سئميوئل ٽيلر (Samuel Taylor) جي ترنم واري شاعري، هن ادبي لاڙي کي تحريڪ جي صورت ڏئي شهرت بخشي. وليم ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج گڏجي Lyrical Ballads (سُريلن گيتن) جو مهاڳ لکيو، جنهن کي انگريزي ادب ۾ رومانوي تحريڪ جي منشور واري حيثيت حاصل آهي (ان جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ’سريلن گيتن جو مهاڳ‘ نالي سان ڪيو.)
رومانويت ۾ خاص ڳالهيون هي آهن: روح جي آزادي ۽ قدرت ڏانهن لاڙو.
يورپ جي تاريخ جنگين، خونريزين، تباهين، بربادين ۽ هڪٻئي تي حملن سان ڀريل آهي. يورپي ملڪن جا بادشاهه، جاگيردار ۽ زميندار، ظالم ۽ عياش هوندا هئا. کين عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جو ڪوبه فڪر ڪونه هوندو هو، ماڻهو ڏتڙيل ۽ ڊيڄاريل هوندا هئا. عوام جو پنهنجو پاڻ مان يقين ختم ٿي چڪو هو. مسلسل جنگين ۽ خزاني خالي ٿيڻ ڪري ماڻهن تي زوريءَ ٽئڪس مڙهيا ويندا هئا، جنهنڪري عوام تباهه حال ۽ برباد ٿي چڪو هو.
ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ يورپ ۾ جيترو به ادب لکيو ويو، اهو صرف بادشاهن جي جنگين ۽ ڪارنامن سان ڀريل هو. مذهبي ڇڪتاڻ سبب ڪيتريون جنگيون لڳيون. رومن ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ جي وچ ۾ زبردست ذهني ۽ جسماني ڪشمڪش رهندي آئي. اها سڄي اڌ صدي يورپ ۾ جنگين واري گذري، جڏهن ته مغربي يورپ جنگين ۾ ڦاٿل هو، تڏهن فرانس جي مفڪر روسو عام ماڻهن کي آزادي، برابريءَ ۽ ڀائپيءَ جو نعرو ڏنو. روسو جي ان نعري، فرانس ۽ يورپ جي سڀني ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪئي. فرانس جا ماڻهو پنهنجي ظالم بادشاهه خلاف اٿي کڙا ٿيا، جنهنڪري فرانس جي بادشاهه لوئي (سورهين) کي تخت ڇڏڻو پيو ۽ انگلنڊ جي باشاهه چارلس پهرئين ۽ راڻي ميريءَ کي پنهنجي حياتي وڃائڻي پئي.
يورپ جي تاريخ ۾ روسو پهريون مفڪر هو، جنهن 1777ع ۾ ادب سان Romantic لفظ جوڙيو. رومانويت يورپ اندر ان لفظ سان متعارف ٿي. روسو جي لکڻين کانپوءِ ادب ۾ رومانوي فلسفي جي سڃاڻپ ٿي. ماڻهن ۾ رومانويت واري فلسفي کي سمجھڻ لاءِ دلچسپي پيدا ٿي. انهيءَ ڪري ڪلاسيڪي ادب جو خاتمو آيو ۽ اديبن ۽ شاعرن پنهنجن لکڻين ۾ رومانويت واري سوچ کي اهميت ڏني. انهيءَ رجحان جي شروعات سان يورپ جي سماجي سوچ ۾ به تبديلي آئي.
رومانوي ادب زال ۽ مڙس جي خوشگوار زندگي، جنسياتي ناتن، فطرت جي مظهرن، پهاڙن جي چوٽين، سمنڊ جي ڪنارن ۽ اتي جي منظرن، گلن جي مهڪ ۽ خوشبوءِ، بلبل جي مٺين لاتين ۽ ٻولين، ندين ۽ ماٿرين جي حسناڪين کي ادب جو موضوع بڻايو ويو. هن لاڙي سان جن ماڻهن جو مستقبل مان يقين ختم ٿي چڪو هو، تن جي روح ۾ تازگي آئي. انهن کي پنهنجي مٽي، پنهنجي زمين، پنهنجي گهرن گھاٽن، ڳوٺن واهڻن ۽ وستين وغيره سان پيار ۽ پنهنجي ڳوٺاڻي ٻوليءَ سان محبت پيدا ٿي ۽ ماڻهو نئين زندگيءَ جا نوان خواب ڏسڻ لڳا.
رومانوي ادب جو بنياد جذبات ۽ تخيل تي آهي، ان جي ليکڪن نه صرف پاڻ جذبات جو سهارو وٺي جذباتي ادب پيدا ڪيو، پر ماڻهن کي به جذباتي بڻايو. ادب زندگيءَ جي ويجھو ۽ وڌيڪ ويجھو، گهرو ۽ وڌيڪ گهرو ٿيڻ لڳو. فرائڊ به انسان جي بي شمار گھرجن بابت گھڻو لکيو آهي، جنهن جو آڌار به رومانويت تي آهي. انهيءَ کان سواءِ جرمن ۽ انگريزي ٻوليءَ جي اديبن مثلاً: والٽر پيٽر، شئلي، جان ڪيٽس، ورڊس ورٿ وغيره مدي خارج سماج خلاف آزاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ رومانويت کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهي رومانويت تي گھڻو ڪجهه لکيو.
جديد دور ۾ رومانويت جي تحريڪ، ادب ۽ فلسفي ۾ مختلف ملڪن ۾، مختلف عرصي دوران، ٿوري ڦيرگھير سان هلندي آئي آهي ۽ ان جون ڪيتريون تشريحون ٿي چڪيون آهن: جنهن جي اثر کان ادب ۾ رومانويت، نون رنگن ۽ نون روپن ۾ ظاهر ٿيندي رهي ٿي.
رومانويت روحاني قدرن جي پاسباني ڪري ٿي. هڪ رومانوي اديب پنهنجي ناول جو مواد حقيقي دنيا مان کڻي ٿو، پر ان جي تخليق تي ان جو تخيل ۽ تصور غالب هوندو آهي. رومانويت اديب جي حسن نظر جو ڪرشمو آهي. اها دلي ڪيفيت ئي آهي، جيڪا رومانوي رنگ پيدا ڪري ٿي.
يورپ ۾ جيتوڻيڪ اهو هڪ لاڙو هو، جيڪو شعوري طرح سان اڀريو، پر ان جا ڪيترائي عنصر هند سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ اڳئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. شاهه لطيف وٽ عشق، فطرت سان پيار، سونهن، جذبو، تخيل اعليٰ درجي جا آهن.
جديد سنڌ ۾، سنڌي ناول نگارن ۾ سراج، الله بخش ٽالپر، امر جليل، ڊاڪٽر قاضي خادم، غلام نبي مغل، آغا سليم ۽ ڀارت جي سنڌي اديبن: موهن ڪلپنا، لال پشپ، گنو سامتاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي، سندري اتمچنداڻي وغيره انهيءَ رجحان تي ناول لکيا. هنن جي ناولن ۾ رومانويت جا جزا گھڻي انداز ۾ شامل آهن، هنن ليکڪن جي ناولن ۾ پيار ۽ محبت، اڪيلائي ۽ تنهائي، زال ۽ مڙس جي محبت جو تصور ۽ گھريلو زندگي خوشگوار بڻائڻ لاءِ طريقا پيش ڪيل آهن.
آغا سليم ۽ سراج جي ناولن ۾ خاص طور رومانوي پهلو شدت سان پيش ڪيل آهن.
ڪهاڻيڪارن ۾ علي بابا، امر جليل، غلام نبي مغل ۽ ٻيا رومانويت پسند ليکڪ آهن.