تنهائي

تنهائي

تنهائي

تنهائي (ڪتاب ):هي ڪتاب شالني ساگر جي خيالن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس هڪ نظم ”ڪجهه مضمون“ ۽ ڪهاڻي نما شامل آهن، ڊيمي سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، وينا شرنگيءَ جي ننڍي ڀيڻ شالني ساگر، نئين دهلي مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي ڇپائي ۾ سنڌي اڪيڊمي دهليءَ مالي مدد ڪئي، هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۽ ڪهاڻين جا عنوان هي آهن: (1) رزرويشن، (2) وڇوڙو، (3) ڪُرو کيتر جي جنگ، (4) قسمت ڪيو ڊوهه، (5) تنهائي، (6) چلتو پرزو، (7) ڪنچن، (8) جن لاءِ مئس، (9) نئين زندگي، (10) بنواس، (11) خواب 7 حقيقت ۽ (12) ديسي سيڻ ڪجن. شالي ساگر آل انڊيا ريڊيو تي سنڌيءَ جي سينئر براڊڪاسٽر آهي. ڪتاب ”تنهائي“ جي ارپنا هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي ڪئي آهي. هي ڪتاب 1998ع ۾ ڇپيو.


لفظ تنهائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو