رومانيا

رومانيا

رومانيا

رومانيا (Romania): هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه رومانيا (Republic of Romania) ۽ پراڻو نالو ولاچيا آهي. رومانيا جي معنيٰ ’رومين جو وطن‘ (Land of Romans) آهي. هن جي اتر ۾ يوڪرين، اوڀر ۾ مولدووا، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪارو سمنڊ (Black Sea) ۽ ڏکڻ ۾ بلغاريا، ڏکڻ اولھہ ۾ يوگو سلاويا ۽ اولھہ ۾ هنگري آهي. رومانيا جي ڪل پکيڙ 237500 چورس ڪلوميٽر (91675 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 22 لک 91 هزار آهي. هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بخارسٽ (Bucharest) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي رومانين آهي، جڏهن تہ هن ملڪ ۾ هنگري، جرمن ۽ روسي ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. رومانيا جي موسم نهايت خوشگوار هوندي آهي.رومانيا جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ سورج مکي، پٽاٽا، ڪڻڪ، مڪئي، ميوا ۽ سايون ڀاڄيون آهن. هتي جي مکيہ صنعتن ۾ لوھہ، ڪيميائي شيون، مشينري، تيل جون شيون، ڪپڙو، جوتا، سيمنٽ، ٻيلا، سياحت، گاڏيون ۽ عمارتي مشينريون آهن. رومانيا ۾ پارلياماني جي نظامِ حڪومت آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ ۽ هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. صدر سڌو سنئون عوام جي ووٽن سان چئن سالن لاءِ چونڊيو ويندو آهي. رومانيا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 13 جولاءِ 1878ع آهي ۽ هن ملڪ کي گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 14 ڊسمبر 1955ع کان حاصل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو