رويداس
رويداس: رويداس، جنهن کي رئيداس، رهيداس ۽ روهيداس به چيو وڃي ٿو. 15 صدي عيسويءَ ۾ ’ڀڳتي تحريڪ‘ جي محرڪ اڳواڻن مان هڪ ۽ اُتر هندستان جو مقبول سنت ٿي گذريو آهي. رويداس اتر پرديش ۽ مهاراشٽر جي رياست جو مشهور سنت ڪوي به هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڀڳتي جي اعليٰ فڪر ۽ انسانيت جي اَملهه نظريي جو پيغام ڏنو. رويداس کي پنهنجي دور جو وڏو سماج سڌارڪ، مفڪر، صوفي درويش، انسانيت جو شارح، مهان آچاريه (استاد)، هندي شاعريءَ جو عظيم شاعر، امن پرست ۽ سياح طور سڃاتو وڃي ٿو. هو آزاد خيال ۽ اعليٰ ظرف انسان هو، جنهن هندو سماج ۾ ذات پات واري نظام جي مخالفت ڪئي ۽ انهيءَ نظام ۾ برابري، رواداري ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. هن چيو ته ”ڪو به انسان پنهنجي ذات يا قبيلي جي ڪري بنيادي طور اوچ يا نيچ ناهي، بلڪ هو پنهنجي ڪرم يعني عملن جي ڪري اوچ يا نيچ ٿئي ٿو.“ سندس نظريي موجب هر انسان کي خدا جي عبادت جو حق آهي. هن برهمڻن جي ڀيدڀاءُ وارن اصولن کي ننديو ۽ هندو سماج ۾ سُڌارا آڻڻ لاءِ بنيادي ڪوششون ورتيون ته جيئن سماج جي هر فرد کي هڪ جيترا حق ملي سگهن. ان کان سواءِ هو محنت ڪش ۽ پورهيت ماڻهن جو غمخوار ۽ هڏ ڏوکي هو ۽ سندن محنت کي تمام گهڻو ساراهيندو هو. سندس ڪلام کي سکن جي مذهبي مقدس ڪتاب ’گرو گرنٿ‘ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اعليٰ فڪر سان گڏ ڪيترا روحاني راز آسانيءَ سان سمجهايل آهن.
رويداس جي جنم جي تاريخ بابت صحيح ڄاڻ نه ٿي ملي، پر ڪن محققن سندس جنم جو سال وڪرمي سنبت 1449 ڄاڻايو آهي ته ڪي وري 77-1776ع يا 1799ع کي سندس جنم جو سال تسليم ڪن ٿا. اهڙيءَ ريت سندس جنم بابت چيو وڃي ٿو ته هندستان جي اتر پرديش واري علائقي جي ڳوٺ ’سير گورڌناپور‘ ۾ ٿيو هو، جيڪو وراڻسي شهر جي بلڪل ويجهو آهي. رويداس جو تعلق هندن جي ’چمار‘ يعني چمڙي جو ڪم ڪندڙ قبيلي سان هو ۽ سندس ذات ’ڪُٽبانڍلا‘ ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪي موچڪو ڪم ڪندا هئا. رويداس جي پيءُ جو نالو بابا سنتوک داس ۽ ماءُ جو نالو ڪَلسا ديوي هو. سندس پيءُ موچڪي هنر جو ڪاريگر ۽ چمڙي جو واپاري هو، جڏهن ته رويداس به پيءُ وانگر چمڙي جي ڪم جو ماهر ۽ جتين ٺاهڻ جو بهترين ڪاريگر هو. سندس شادي ننڍيءَ عمر ۾لوڻا ديويءَ سان ڪرائي وئي، جنهن مان کيس ’وجئه داس‘ نالي هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جنهن جي نالي سان الله آباد ۽ بنارس جي وچ ۾ هڪ عـلائقـو/ ڳوٺ منسوب آهي.
رويداس ’سنت رامانند‘ کي روحاني گرو تسليم ڪيو ۽ ’رامانندي فرقي‘ ۾ داخل ٿي کانئس روحاني تعليم حاصل ڪئي. سندس گرو رامانند پنهنجي وقت جو عظيم آچاريه ۽ روشن خيال شخص ٿي گذريو آهي، جيڪو برهمڻ هوندي برهمڻي نظام جي خلاف هو ۽ سندس نظريو انساني برابري، ايڪي ۽ اتحاد جي اصولن تي ٻَڌل هو. اهو ئي ڪارڻ هو، جو هر طبقي مان هن جا ڪيترا شاگرد ٿيا. روحاني تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ رويداس به گرو رامانند وانگر مهان آچاريه جو پد حاصل ڪيو ۽ ماڻهن سندس تعليمات ۽ مساوات واري فڪر جو ايترو ته اثر قبول ڪيو، جو چتوڙگڍ جي ’ميران ٻائي‘ به کيس پنهنجو روحاني گرو مڃيندي هئي، جيڪا اصل راجپوت ونش مان هئي. اهو رويداس جي فڪر جي ڪاميابيءَ جو بهترين مثال ڄاتو وڃي ٿو. مقبول هندي شاعر ڀڳت ڪبير سندس گروڀائي ۽ همعصر هو، ٻنهي جي فڪري واٽ ساڳي هئي. هندي ٻوليءَ جي هنن ٻنهي عظيم شاعرن پنهنجي آزاد سوچ ۽ ويدانتي شاعريءَ ذريعي نه رڳو هندڪي سماج جي فرسوده نظام کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ سٺا ۽ ڀائپي وارا لاڳاپا پيدا ڪرڻ لاءِ به جتن ڪيا. ان ڏس ۾ سندس هڪ دوهو هيٺ ڏجي ٿو:
ڪا مٿرا، ڪا دئارڪا، ڪا ڪاشي، هري دُئار،
رويداس کوجا دل اپنا، تِھ مليا دلدار.
سکن جو عظيم گرو، گرونانڪ به سندس همعصر هو، جيڪو رويداس جي شاعري ۽ مڪتبه فڪر کان گهڻو متاثر هو ۽ سندس ڪوتا کي پنهنجي رچنا ’گروگرنٿ صاحب‘، ’آدي گرنٿ‘ ۾ داخل ڪيائين. کانئس پوءِ سکن جي پنجين گرو ارجن ديو ’گرو گرنٿ صاحب‘ کي سرسري نموني سان ترتيب ڏنو، جنهن ۾ رويداس جون ڪُل 41 ڪوتائون شامل ڪيون ويون. ان کان سواءِ رويداس جي سوانح ۽ شاعريءَ تي ’رويداس پراڻ‘ نالي هڪ ڪتاب به لکيل آهي، جنهن ۾ سندس زندگيءَ ۽ شاعريءَ جو تفصيلي احوال ڏنل آهي.
سندس مقبول ڀڄن يا نظم ’بي غم پورا شهر‘ هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ هن اهڙي شهر يا ڌرتيءَ جي چونڊ ڪئي آهي، جتي انساني جيوت ۾ ڪي ڏک ۽ سُور نه آهن ۽ نه ئي وري انهيءَ شهر ۾ نفرت ۽ ڌڪار جو ڪو تصور به ڪري سگهجي ٿو. هي ڀڄن، انسانيت جي اصولن جو مڪمل تفسير آهي. سندس خيالي شهر ۾ هر طرف امن امان وارو ماحول آهي، سمورا انسان ڀائپيءَ ۽ مساوات جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن ۽ انساني زندگي تمام خوشحال نظر اچي ٿي.
رويداس جي تعليمات کان متاثر هڪ فرقو پاڻ کي ’رويداسي‘ سڏائيندو آهي. اهي سندس پيروڪار آهن ۽ رويداس جي ڏسيل راهه تي زندگي بسر ڪن ٿا.