
رويداس
رويداس: رويداس، جنهن کي رئيداس، رهيداس ۽ روهيداس بہ چيو وڃي ٿو. 15 صدي عيسويءَ ۾ ’ڀڳتي تحريڪ‘ جي محرڪ اڳواڻن مان هڪ ۽ اُتر هندستان جو مقبول سنت ٿي گذريو آهي. رويداس اتر پرديش ۽ مهاراشٽر جي رياست جو مشھور سنت ڪوي بہ هو، جنهن پنھنجي شاعريءَ وسيلي ڀڳتي جي اعليٰ فڪر ۽ انسانيت جي اَملھہ نظريي جو پيغام ڏنو. رويداس کي پنھنجي دور جو وڏو سماج سڌارڪ، مفڪر، صوفي درويش، انسانيت جو شارح، مهان آچاريه (استاد)، هندي شاعريءَ جو عظيم شاعر، امن پرست ۽ سياح طور سڃاتو وڃي ٿو. هو آزاد خيال ۽ اعليٰ ظرف انسان هو، جنهن هندو سماج ۾ ذات پات واري نظام جي مخالفت ڪئي ۽ انهيءَ نظام ۾ برابري، رواداري ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. هن چيو تہ ”ڪو بہ انسان پنھنجي ذات يا قبيلي جي ڪري بنيادي طور اوچ يا نيچ ناهي، بلڪ هو پنھنجي ڪرم يعني عملن جي ڪري اوچ يا نيچ ٿئي ٿو.“ سندس نظريي موجب هر انسان کي خدا جي عبادت جو حق آهي. هن برهمڻن جي ڀيدڀاءُ وارن اصولن کي ننديو ۽ هندو سماج ۾ سُڌارا آڻڻ لاءِ بنيادي ڪوششون ورتيون تہ جيئن سماج جي هر فرد کي هڪ جيترا حق ملي سگهن. ان کان سواءِ هو محنت ڪش ۽ پورهيت ماڻهن جو غمخوار ۽ هڏ ڏوکي هو ۽ سندن محنت کي تمام گهڻو ساراهيندو هو. سندس ڪلام کي سکن جي مذهبي مقدس ڪتاب ’گرو گرنٿ‘ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اعليٰ فڪر سان گڏ ڪيترا روحاني راز آسانيءَ سان سمجهايل آهن.
رويداس جي جنم جي تاريخ بابت صحيح ڄاڻ نہ ٿي ملي، پر ڪن محققن سندس جنم جو سال وڪرمي سنبت 1449 ڄاڻايو آهي تہ ڪي وري 77-1776ع يا 1799ع کي سندس جنم جو سال تسليم ڪن ٿا. اهڙيءَ ريت سندس جنم بابت چيو وڃي ٿو تہ هندستان جي اتر پرديش واري علائقي جي ڳوٺ ’سير گورڌناپور‘ ۾ ٿيو هو، جيڪو وراڻسي شھر جي بلڪل ويجهو آهي. رويداس جو تعلق هندن جي ’چمار‘ يعني چمڙي جو ڪم ڪندڙ قبيلي سان هو ۽ سندس ذات ’ڪُٽبانڍلا‘ ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪي موچڪو ڪم ڪندا هئا. رويداس جي پيءُ جو نالو بابا سنتوک داس ۽ ماءُ جو نالو ڪَلسا ديوي هو. سندس پيءُ موچڪي هنر جو ڪاريگر ۽ چمڙي جو واپاري هو، جڏهن تہ رويداس بہ پيءُ وانگر چمڙي جي ڪم جو ماهر ۽ جتين ٺاهڻ جو بھترين ڪاريگر هو. سندس شادي ننڍيءَ عمر ۾لوڻا ديويءَ سان ڪرائي وئي، جنهن مان کيس ’وجئه داس‘ نالي هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جنهن جي نالي سان ﷲ آباد ۽ بنارس جي وچ ۾ هڪ عـلائقـو/ ڳوٺ منسوب آهي.
رويداس ’سنت رامانند‘ کي روحاني گرو تسليم ڪيو ۽ ’رامانندي فرقي‘ ۾ داخل ٿي کانئس روحاني تعليم حاصل ڪئي. سندس گرو رامانند پنھنجي وقت جو عظيم آچاريه ۽ روشن خيال شخص ٿي گذريو آهي، جيڪو برهمڻ هوندي برهمڻي نظام جي خلاف هو ۽ سندس نظريو انساني برابري، ايڪي ۽ اتحاد جي اصولن تي ٻَڌل هو. اهو ئي ڪارڻ هو، جو هر طبقي مان هن جا ڪيترا شاگرد ٿيا. روحاني تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ رويداس بہ گرو رامانند وانگر مهان آچاريه جو پد حاصل ڪيو ۽ ماڻهن سندس تعليمات ۽ مساوات واري فڪر جو ايترو تہ اثر قبول ڪيو، جو چتوڙگڍ جي ’ميران ٻائي‘ بہ کيس پنهنجو روحاني گرو مڃيندي هئي، جيڪا اصل راجپوت ونش مان هئي. اهو رويداس جي فڪر جي ڪاميابيءَ جو بھترين مثال ڄاتو وڃي ٿو. مقبول هندي شاعر ڀڳت ڪبير سندس گروڀائي ۽ همعصر هو، ٻنهي جي فڪري واٽ ساڳي هئي. هندي ٻوليءَ جي هنن ٻنهي عظيم شاعرن پنھنجي آزاد سوچ ۽ ويدانتي شاعريءَ ذريعي نہ رڳو هندڪي سماج جي فرسودہ نظام کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ سٺا ۽ ڀائپي وارا لاڳاپا پيدا ڪرڻ لاءِ بہ جتن ڪيا. ان ڏس ۾ سندس هڪ دوهو هيٺ ڏجي ٿو:
ڪا مٿرا، ڪا دئارڪا، ڪا ڪاشي، هري دُئار،
رويداس کوجا دل اپنا، تِھ مليا دلدار.
سکن جو عظيم گرو، گرونانڪ بہ سندس همعصر هو، جيڪو رويداس جي شاعري ۽ مڪتبه فڪر کان گهڻو متاثر هو ۽ سندس ڪوتا کي پنھنجي رچنا ’گروگرنٿ صاحب‘، ’آدي گرنٿ‘ ۾ داخل ڪيائين. کانئس پوءِ سکن جي پنجين گرو ارجن ديو ’گرو گرنٿ صاحب‘ کي سرسري نموني سان ترتيب ڏنو، جنهن ۾ رويداس جون ڪُل 41 ڪوتائون شامل ڪيون ويون. ان کان سواءِ رويداس جي سوانح ۽ شاعريءَ تي ’رويداس پراڻ‘ نالي هڪ ڪتاب بہ لکيل آهي، جنهن ۾ سندس زندگيءَ ۽ شاعريءَ جو تفصيلي احوال ڏنل آهي.
سندس مقبول ڀڄن يا نظم ’بي غم پورا شھر‘ هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ هن اهڙي شھر يا ڌرتيءَ جي چونڊ ڪئي آهي، جتي انساني جيوت ۾ ڪي ڏک ۽ سُور نہ آهن ۽ نہ ئي وري انهيءَ شھر ۾ نفرت ۽ ڌڪار جو ڪو تصور بہ ڪري سگهجي ٿو. هي ڀڄن، انسانيت جي اصولن جو مڪمل تفسير آهي. سندس خيالي شھر ۾ هر طرف امن امان وارو ماحول آهي، سمورا انسان ڀائپيءَ ۽ مساوات جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن ۽ انساني زندگي تمام خوشحال نظر اچي ٿي.
رويداس جي تعليمات کان متاثر هڪ فرقو پاڻ کي ’رويداسي‘ سڏائيندو آهي. اهي سندس پيروڪار آهن ۽ رويداس جي ڏسيل راھہ تي زندگي بسر ڪن ٿا.