روي ٽيڪچنداڻي ڊاڪٽر

روي ٽيڪچنداڻي ڊاڪٽر

روي ٽيڪچنداڻي ڊاڪٽر

روي ٽيڪچنداڻي، ڊاڪٽر: ڀارت جي نوجوان سنڌي اديب ۽ محقق ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ جا وڏا اصل پني عاقل ضلعي سکر جا هئا. ورهاڱي بعد روي پرڪاش جا مائٽ لڏي ڀارت جي رياست اتر پرديش جي شھر فيض آباد ۾ وڃي رهيا، جتي روي پرڪاش 1967ع ۾ جنم ورتو.
روي پرڪاش اسڪول ۾ مادري زبان سنڌيءَ جو اڀياس نہ ڪري سگهيو، ڇو تہ فيض آباد ۽ آسپاس جو ماحول هندي ٻوليءَ جو هو، پر ان ماحول ۾ رهندي بہ سندن گهر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سلامت هئي. سندس ماءُ پيءُ ۽ ڪٽنب جي ٻين وڏن ننڍي هوندي کان کيس ۽ ٻين ٻارن کي سنڌيت جي جيڪا سـُـتي پياري، ان منجهس مادري ٻولي سنڌي ۽ سنڌي ثقافت سان چاھہ جو جذبو ۽ امنگ دائم قائم رکيو. فيض آباد شھر ۾ رهندي سنڌي استاد رامچندر کيس سنڌيءَ (عربي لپيءَ) جي اکرن جي ابتدائي شناس ڪرائي، ساڳئي ئي استاد وٽ سندس والد پڻ سکر ۾ پڙهيو هو. شھر جي سنڌي پنچائت بہ وڏن ڏڻن ۽ تهوارن تي پروگرام رکي سنڌيت کي زندھہ پئي رکيو، انهن ڳالهين روي پرڪاش جي من ۾ پنھنجي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ اڀياس ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو. 1989ع ۾ روي پرڪاش لکنؤ يونيورسـٽيءَ مان ايم. اي (ڪامرس) جو امتحان ڏنو. ان دوران هن جي نامور سنڌي عالم ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سان ملاقات ٿي ۽ هن سنڌيءَ ۾ ايم. اي ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ جو ذهني طرح فيصلو ڪري ورتو. 1993ع ۾ روي ٽيڪچنداڻيءَ MDS يونيورسٽي اجمير مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي ۽ ساڳئي سال يعني 1993ع کان وٺي 1995ع تائين WRLC ڊيڪن ڪاليج پوني ۾ لئنگئيج ڪنسلٽنٽ ٿي رهيو، جتي ڊاڪٽر ڪنهيالال ليکواڻيءَ نہ رڳو هن جي رهنمائي ڪئي، پر سنڌيءَ ۾ تحقيق طرف کيس راغب پڻ ڪيو. سندس همت افزائيءَ سان ئي هن دهلي يونيورسٽيءَ ۾ اچي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي رهبريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ جو سوچيو. روي ٽيڪچنداڻيءَ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ 1997ع کان 2003ع تائين ليڪچرر ٿي رهيو. ان دوران هن ’سنڌي پهاڪا: لسانياتي، سماجي ۽ ثقافتي اڀياس‘ عنوان تي تحقيقي مقالو لکي، 2003ع ۾ دهلي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي رهبريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري بہ حاصل ڪري ورتي. روي پرڪاش هن تحقيقي مقالي ۾ سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو تفصيلوار تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آهي ۽ ان موضوع تي هن سنڌيءَ ۾ ڇپيل سمورن ڪتابن ۽ اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪيل تحقيقي ڪم جو تنقيدي نظر سان وسيع اڀياس ڪيو آهي.
2003ع کان اڄ تائين ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي، دهلي يونيورسٽيءَ ۾ سينئر ليڪچرار آهي ۽ هن وقت دهلي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو سربراھہ پڻ آهي، جتي هو سنڌيءَ ۾ سرٽيفڪيٽ، ڊپلوما، ائڊوانس ڊپلوما اِن سنڌي، ايم. اي ۽ ايم. فل ۾ ’تقابلي انڊين ادب‘ جا ڪورس ڪرائي ٿو ۽ سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جو سپروائيزر آهي.
روي ٽيڪچنداڻيءَ، دهلي يونيورسٽيءَ ۾ رهي تدريس ۽ تحقيق کي جاري رکيو آهي. هن وقت تائين سندس ڪيترائي ادبي، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون ڀارت مان نڪرندڙ سنڌي، هندي ۽ انگريزي مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس هيٺيان مونو گراف، ترجما ۽ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
(1)سنڌي پهاڪا ۽ محاورا- هڪ اڀياس (ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي ڪتاب جو ديوناگري لپيءَ ۾ الٿو Translation): سال 1998ع)
(2) تون سنڌ ۾ رهي پئه (ٺاڪر چاولا جي سفرنامي جو ديوناگري سنڌيءَ ۾ الٿو: 2008ع)
(3) ٻنڌڻ (ديوناگري سنڌيءَ ۾ الٿو: 2009ع)
(4) سنڌي جوت (يادگيريون: 2010ع)
(5) سنڌي پهاڪا، لسانياتي، سماجي ۽ ثقافتي اڀياس (2010ع).
هن جي آخري ڪتاب جو موجودہ سنڌي (عربي لپيءَ) ۾ اُلٿو، ڦُلو مل ميگهواڙ ڪيو آهي ۽ ان جي تصحيح ۽ نگراني ولي رام ولڀ ۽ ڊاڪٽر فھميدہ حسين ڪئي آهي. هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ساڳئي ڪتاب جو دهليءَ مان سنڌي (عربي) لپيءَ ۾ ڇاپو پڻ شايع ٿيو آهي.
ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي ڪيترن تعليمي ۽ علمي ادارن جو ميمبر رهيو آهي، جھڙوڪ: ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز، دهلي يونيورسٽي؛ ميمبر، ڊپارٽمينٽل ريسرچ ڪاميٽي، ڊپارٽمينٽ آف MIL&LS دهلي يونيورسٽي؛ ميمبر ،ڪريڪيولم ڪاميٽي (سنڌي) يو. پي بورڊ، الھہ آباد؛ ميمبر ،ڪريڪيولم ڪاميٽي سنڌي BSE دهلي؛ ميمبر، ڪنوينر، صلاحڪار بورڊ (سنڌي)، ڪي. ڪي. برلا فائونڊيشن، دهلي؛ ميمبر، ڪريڪيولم (سنڌي) MDS يونيورسٽي، اجمير؛ ميمبر، آل انڊيا سنڌي ليڪچررس ايسوسيئيشن؛ ميمبر، ڪريڪيولم ڪاميٽي (سنڌي) NIOS نئين دهلي؛ ميمبر، سنڌي اڪيڊمي دهلي (2006-2009).
ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻيءَ کي ڪيترن ادارن مڃتا بہ ڏني آهي، جن ۾ سنت ڪنوررام مشن اجمير پاران 2003ع ۾ مڃتا، ساهتيہ پريشد ڀوپال پاران 1998ع ۾ ’نوجوان شاعر اوارڊ‘ ۽ سنڌي ڪائونسل آف انڊيا، جئپور پاران 2009ع ۾ ادبي مڃتا شيلڊ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو