رياض الاسلام، پروفيسر، ڊاڪٽر
رياض الاسلام، پروفيسر، ڊاڪٽر: مشهور دانشور ۽ مؤرخ، پروفيسـر ڊاڪٽر رياض الاسلام، اُتر پرديش (U.P) جي شهر رامپور ۾، 30 ڊسمبر 1919ع تي مولوي محمد اسحاق جي گهر ۾ جنم ورتو. هي ننڍڙو ئي هو ته سندس ماءُ گذاري وئي، ڏهن سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ به وفات ڪري ويو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم رامپور مان ئي ورتي. مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ انٽرميڊيٽ ۾ يو. پي بورڊ ۾ پوزيشن حاصل ڪيائين. عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (تاريخ) 1942ع ۾ ڪيائين. چئن سالن بعد 1946ع ۾ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ئي تاريخ جي مضمون ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. 11 سالن کانپوءِ 1957ع ۾ برطانيا جي ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ٻي ڊگري به حاصل ڪيائين، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي ڊاڪٽر نه سڏايو ۽ نه ئي پنهنجي نالي سان ڊاڪٽر جو لقب ڪم آندو.
رياض الاسلام، تاريخ ۾ ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ ملازمت جي سلسلي ۾ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، جتي پروفيسر شيخ عبدالرشيد، پروفيسر محمد حبيب ۽ ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشيءَ جهڙن عالمن ۽ استادن کان متاثر ٿي تحقيق جي دنيا ۾ پير پاتائين. عليڳڙهه کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب ٻه سال (47-1945ع) اسٽيفن ڪاليج دهليءَ ۾ ملازمت ڪئي. قيام پاڪستان کانپوءِ پنجاب يونيورسٽي، لاهور سان واڳجي ويو ۽ اُتي ٽي سال (1951- 1948ع) خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کان پوءِ پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي ۾ آرڪائيوز جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جتي سندس ملازمت 1951ع کان شروع ٿي، پر 1953ع ۾ هيءَ ملازمت ڇڏي ڏنائين. ڇو ته ان دوران سنڌ جي ممتاز تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ سان سندس ملاقات ٿي هئي ۽ سندس مشوري تي پاڪستان سرڪار جي ملازمت ڇڏي، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي تاريخ واري شعبي (General History) سان وابسته ٿي ويو. پير حسام الدين ۽ حسين شاهه راشديءَ سان سندس خوشگوار لاڳاپا برقرار رهيا.
انهن ملازمتن کانسواءِ پاڪستان جي هن مايه ناز عالم ڪيترن ملڪن ۽ ادارن ۾ به ڪم ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو. هن لنڊن يونيورسٽيءَ جي مشهور اسڪول آف اورينٽل اينڊ افريقن اسٽڊيز ۾ به وزٽنگ فيلو طور ڪم ڪيو. هي دؤر 1963ع ۽ 1965ع جو آهي.
ڊاڪٽر صاحب 1977ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ فردوسي يونيورسٽي مشهد، ايران ۾ به پروفيسر رهيو. عمر جا سٺ سال پورا ٿيڻ تي ڊاڪٽر صاحب 1979ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان رٽائر ڪيو. ان کانپوءِ آڪسفورڊ جي سينٽ انٿوني ڪاليج ۾ 1983ع کان 1986ع تائين پروفيسر رهيو. ڊاڪٽر رياض الاسلام ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ايميريٽس جي منصب تي فائز هو ۽ وفات (13 آگسٽ 2007ع) تائين ان منصب تي ڪم ڪندو رهيو.
ڊاڪٽر رياض الاسلام عالمي سطح جو مڃيل عالم ۽ پروفيسر هو. ڪيترا ڀيرا تحقيقي ڪم سان انگلنڊ، فرانس، آسٽريليا، ترڪي ۽ ڪينيڊا ويو ۽ اتان جا علمي ادارا وڃي ڏٺائين. ڊاڪٽر صاحب ’بنياد فرهنگ ايران‘ جي دعوت تي 1973ع ۾ هڪ مهيني لاءِ تهران ويو ۽ اُتي مختلف يونيورسٽيون گهمي، علمي ليڪچر ڏنائين.
ڊاڪٽر رياض الاسلام کي اردو، انگريزي ۽ فارسي زبانن تي مڪمل عبور هو. ان کانسواءِ ترڪي، فرينچ ۽ عربي زبانن جي بنيادي ڄاڻ به رکندو هو. هن جي اڀياس ۽ تحقيق ۾ پاڪستان، هندستان ۽ ايران کي خاص اهميت حاصل هئي ۽ هن انهن ملڪن جي تهذيب ۽ روايت ۾ هميشه گهري دلچسپي ورتي.
ڊاڪٽر رياض الاسلام لکڻ پڙهڻ جو ڪم انگريزي زبان ۾ ئي ڪيو. ان ڏس ۾ فارسيءَ کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. تحقيقي ڪمن ۾ مغل- صفوي لاڳاپا ۽ سلاطين دؤر ۾ صوفياڻا لاڙا، سندس اڀياس ۾ مرڪزي اهميت جا موضوع هئا.
رياض الاسلام جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڇهه آهي:
• Indo- Persian Relations, Tehran, 1970.
• Shamlu Letters: A New Source of Iranian Diplomatic Correspondence (Persian Text).
• Calender of Documents of Indo Persian Relation (1500- 1750), 2 volumes, Karachi: 1979-1980.
• Mahmud bin Amir Walis’ Bat-ul- asrar: South Asian Travelogue (Edited).
• Sufisim in South Asia: Impact on 14th Century Muslim Society, Oxford University Press, 2002.
• History of Civilization (5 Volumes)
جڏهن ته وفات وقت سندس هيٺيان ڪتاب تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ هئا:
• Material on Society and Institutions in Mukhlis ‘Miratt’ Al Istilah (Edited)
• Economic System of Ala-ud-Din Khilji.
• Tawarikh-i- Badi’a (Edited)
• A History of Firoz Shah of Delhi (1351-88)
انهن ڪتابن مان ‘Indo Persian Relations’ کي خاص اهميت حاصل آهي. هن ڪتاب ۾ مغل دؤر حڪومت ۾ ايران ۽ هندستان جي لاڳاپن جو وڏيءَ تحقيق سان جائزو ورتو ويو آهي. هي ڪتاب ’بنياد فرهنگ ايران‘، تهران 1970ع ۾ شايع ڪيو هو، جنهن جو اردوءَ ۾ ترجمو باقر آرام ۽ عباس قلي غفاريءَ 1973ع ۾ ڪيو.
ڊاڪٽر رياض الاسلام ڪيترين ملڪي ۽ عالمي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿي عالماڻا مقالا پڙهيا، اهڙين اٺن خاص ڪانفرنسن جو ذڪر ملي ٿو، جيڪي هندستان، پاڪستان، بنگلاديش ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ منعقد ٿيون. ڊاڪٽر صاحب جا 26 اهم مقالا انگريزيءَ ۾ ڇپيل آهن. حڪومت پاڪستان کي هن عالم جي اعليٰ خدمتن جو آخر ۾ احساس ٿيو ۽ وفات کان هڪ سال اڳ کيس 2006ع ۾، ’ستاره امتياز‘ جو اعزاز ڏنو ويو.
ڊاڪٽر صاحب مرڪزي ۽ اولهه ايشيا تي ڪم ڪندي، هندستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن سان ذاتي ۽ علمي لاڳاپن جي بنياد تي ڪافي علمي پراجيڪٽ مڪمل ڪرايا ۽ ICWAS پاران 22 مستند ۽ معياري ڪتاب شايع ڪرايا، جڏهن پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز جو سيڪريٽري هو. ڊاڪٽر صاحب هن اداري طرفان سنڌ تي به ڪيترا معتبر علمي ڪتاب ڇپرايا. هن اداري: (1) ’ٺٽي جا ڪاتب‘، (2) پير حـســام الــديــن راشــديءَ بابت سيد صـبـاح الدين عـبــدالرحمان جــو ڪتاب ’راشدي يادگار ليڪچر‘، ۽ (3) ’مقالات راشدي‘ ڪتاب ڇپرائڻ سان گڏوگڏ ڪلهوڙا دؤر ۾ سنڌ سان ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪاروبار بابت دستاويزن تي ٻَڌل ڪتاب پڻ ڇپرايو هو، جيڪو وليم فورٽ ايڊٽ ڪيو هو. هن مير محمد بن بايزيد پورانيءَ جو ڪتاب ’نصرت نامه ترخان‘ به ڇپرايو هو، جنهن جو نسخو اينميري شمل، پير حسام الدين راشديءَ کي ڏنو هو. هن ڪتاب کي انصار زاهد خان ايڊٽ ڪيو هو ۽ انگريزيءَ ۾ ان تي مقدمو ۽ حاشيا لکيا هئا. هن ڪتاب جي ڇپجي اچڻ سان سنڌ جي سمن ڄامن، ارغونن ۽ ترخانن تي بلڪل نئون مواد سامهون آيو. هي ڪتاب مير معصوم بکريءَ جي ’تاريخ سنڌ‘ کان به چاليهه سال اڳ لکيو ويو هو.
ڊاڪٽر رياض الاسلام جا سنڌ جي عالمن مان پير حسام الدين راشدي، ايم. ايڇ. پنهور، حسين شاهه راشدي، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي سان گهاٽا ناتا هئا، ان کان سواءِ سندس ڊاڪٽر سليم اختر، ڊاڪٽر ايم. ايڇ. صديقي، ڊاڪٽر انصار زاهد خان، ڊاڪٽر ابو الليث صديقي ۽ ممتاز حسن سان به پراڻا علمي ۽ ذاتي لاڳاپا هئا.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تاريخ تي ڪيترا مقالا لکيا آهن. انگريزيءَ ۾ ’سنڌ ۾ سمن جي طاقت جو اڀار‘ (Rise of Samas in Sindh) عنوان سان سندس هڪ مضمون، 1947ع ۾، حيدرآباد دکن جي Islamic Culture رسالي شايع ڪيو هو. هي ڪتاب سمن جي دؤر جي باري ۾ جديد تحقيق جو هڪ سنگ ميل آهي، جنهن کانپوءِ هن دؤر تي تحقيقات اڳتي وڌي. هن مضمون مان پير حسام الدين راشديءَ، ’مڪلي نامه‘ ۾ تمام گهڻي مدد ورتي آهي.
سندس ٻيو مشهور انگريزي مضمون ’سنڌ ۾ نادر شاهه جي آمد‘ (Nadir Shah in Sindh) 1976ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته سندس آمد جا سنڌ تي ڪهڙا سنگين اثر ٿيا، نادر شاهه تي اهڙي جامع تحقيق هن وقت تائين نه ٿي سگهي آهي.
هن جو سنڌ بابت ٽيون اهم مقالو ’مغل دؤر جي سنڌ‘ آهي، جيڪو مرڪزي ايشيا جي هڪ سياح جي سفرنامي تي آڌارت آهي، جنهن مان مغل دؤر ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي مڪمل ڄاڻ پوي ٿي. پروفيسر رياض الاسلام بابت ڊاڪٽر غلام محمد لاکي هڪ تفصيلي مضمون لکيو آهي، جنهن مان پروفيسر صاحب جي ڪتابن جي حوالي سان ڪجهه ذڪر جوڳيون ڳالهيون هيٺ ڪجن ٿيون:
(1) Indo Persian Relations (مغل دؤر جا ايران سان لاڳاپا): هي ڪتاب سندس ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي مقالي طور پيش ڪيو ويو هو. هي ڪتاب 1970ع ۾ تهران، ايران مان شايع ٿيو. ڪتاب جي اشاعت ۾ پير حسام الدين راشديءَ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ڪتاب ۾ مغلن جي دؤر جي حوالي سان سنڌ بابت تمام مفيد معلومات ملي ٿي.
(2) A Calender of Documents on Indo Persian Relations (1500-1700 AD: 2 Volumes): هن ڪتاب ۾ مغلن جي دؤر جي ايران سان سرڪاري فارسي خط و ڪتابت کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، مفصل حوالن، حاشين ۽ تعليقات سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ مغل دؤر جي فارسي انشانويسيءَ تي هڪ تفصيلي مقدمو به لکيو ويو آهي. ڪتاب جو پهريون جلد 1979ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته ٻيو جلد 1982ع ۾ شايع ٿيو. پهريون جلد، پير حسام الدين راشديءَ کي وڏيءَ تعظيم ۽ تڪريم سان منسوب ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، يونيورسٽي آف ڪراچيءَ شايع ڪيو آهي. هنن ٻنهي جلدن ۾ سنڌ جي باري ۾ گهڻي اهم خط و ڪتابت موجود آهي، خاص ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر جا لکيل فارسي سرڪاري خط، انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيا ويا آهن. ان لحاظ کان هنن ٻنهي جلدن جي ’سنڌ جي اڀياس‘ ۾ گهڻي اهميت آهي.
ڊاڪٽر رياض الاسلام جي مٿي بيان ڪيل ڪتابن ۽ مقالن کانسواءِ سندس ڪجهه اهڙن انگريزي مقالن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو، جن ۾ سنڌ بابت سڌو يا اڻ سڌو ذڪر آهي:
• ‘Firoz Shah Tughluq’s Revenue Regulations’, Indian History Congress (Session Aligarh), Proceedings, 1943.
• ‘A Review of the Reign of Firuz Shah’, Islamic Culture, Hyderabad (Deccan) 1949.
• ‘The Age of Firuz Shah’, Medieval Indian Quarterly, Aligarh, 1950.
• ‘Collections of the Malfuzat of Makhdum-i-Jahaniyan (1303-88)’, Paper read at the First Pakistan History Conference, Karachi, 1951.
• ‘A Note on the Sirat-i-Firuz- Shahi (MS)’, Paper read at the Pakistan History Conference, 1952.
• ‘Firuz Shah Tughluq’s Relations with the Deccan’, Islamic Culture, Hyderabad (Deccan), 1952.
• ‘Barani’s Evidence of Ghiyasudding Tughluq’s Death’, Journal of the Research Society of Pakistan, Lahore, 1964.
• ‘Iran and the Mughul Frontier Providences (A Study in Diplomatic Contacts)’, published in Farhang-i- Iran Zamin, Tehran, Vol, XXI, 1976.
• ‘New Light on Indo Persian Relations During Shah Jahans’ Reign’, Published in Abr Nahrain, University of Melbourne, Australia, Vol. XVI, 1975.
• ‘A Seventeenth Century Account of Sind’, Journal of Pakistan Historical Society, Karachi, Vol. XXVI, Pt. III, July 1978.
• ‘Religious Factor in the Pakistan Movement Hypothesis’, Quest for Identity, Islamabad, 1976.
• ‘Firuz Shah Tughluq’, Encyclopedia of Islam, New Edition, Lauzac, 1964.
• ‘Samaas (of Sindh)’, Encyclopedia of Islam, New Edition.
• ‘Supervised the writing of the History of Karachi University, Karachi, 1977.
• ‘A Chapter on the Decline of Central Authority in the History of Freedom Movement, Vol. I, Karachi, 1957.
• ‘History of Civilizations of Central Asia’, Chapter 14: The Delhi Sultanate, Part One, UNESCO Publication, 1998.
• ‘Read a paper on Sufism at the Medieval History Centre’, Muslim University Aligarh, December 1991.
1919.12.30 عيسوي
مشهور دانشور ۽ مؤرخ، پروفيسـر ڊاڪٽر رياض الاسلام، اُتر پرديش (U.P) جي شهر رامپور ۾، 30 ڊسمبر 1919ع تي مولوي محمد اسحاق جي گهر ۾ جنم ورتو.