
رياض شاهد
رياض شاهد: نامور فلم ساز ۽ هدايتڪار رياض شاهد 1927ع ڌاري لاهور ۾ جنم ورتو. هو تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ صحافت جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو. ان دوران هن فلمي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. 1957ع ڌاري پنھنجي پهرين فلم ’ڀروسه‘ لکيائين. هن ڪيترين ئي فلمن لاءِ ڪهاڻيون لکيون ۽ هدايتڪار جي حيثيت سان نمايان خدمتون انجام ڏنيون. هن حريت پسند تحريڪ ۽ ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ هلندڙ جدوجھد جي موضوع تي ڪيتريون فلمون لکيون. سندس لکيل فلمن ۾ خاص طور: بونام، فرنگي، شهيد، مسٽر ﷲ دته، ڪرشمه، خاموش رهو، سسرال، زرقا، يه امن ۽ آگ شامل آهن. هن هزار داستان جي نالي سان هڪ ناول لکيو، جيڪو ڊسمبر 1955ع ۾ شايع ٿيو. هن اداڪارہ نيلو سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو. سندس پٽ شان بہ مشھور اداڪار آهي، جيڪو هن وقت جيو نيوز ٽيليويزن چئنل تي ’جيئو شان سي‘ نالي پروگرام جو ميزبان آهي. هن 1972ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کانپوءِ 1981ع ڌاري لاهور ميونسپل ڪارپوريشن سندس ياد ۾ موهني روڊ جو نالو ’رياض شاهد روڊ‘ رکيو.