ريحان اعظمي

ريحان اعظمي

ريحان اعظمي

ريحان اعظمي: نامور شاعر ريحان اعظميءَ جو پورو نالو سيد ريحان عباس ولد سيد اقبال حسن آهي. ريحان اعظمي، جولاءِ 1958ع ڌاري لياقت آباد ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سراج الدوله ڊگري ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد اردوءَ جي مضمون ۾ ايم. اي ڪرڻ سان گڏ سياسيات جي مضمون ۾ پڻ ايم. اي ڪيائين. هن ’اردو نوحي‘ تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري آمريڪا جي ايسٽرن يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. هن ڇھن زبانن ۾ شاعري ڪئي آهي. تيرهن سالن جي ڄمار ۾ پهريون نوحو ’مخمس‘ جي صنف ۾ لکيائين. 1974ع کان باقاعدي شاعري ڪيائين. 1982ع کان 1987ع تائين پاڪستان ٽيليويزن لاءِ 4000 کان وڌيڪ گيت لکيائين. هن جي گيت ’هوا هوا‘ سڀ کان وڌيڪ مشهوري ماڻي ۽ کيس مقبول بڻايو. ريحان اعظمي 1988ع کانپوءِ ٻي شاعري ڇڏي صرف نوحه، منقبت، مرثيہ ۽ سلام لکڻ لڳو آهي. سندس شاعريءَ جـا 14 مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾: (1) ’خواب سي تعبيـر تڪ‘، (2) ’منظرب منظر ڪربلا‘، (3) ’ايڪ آنسو ۾ ڪربلا‘ (ٻہ جلد)، (4) ’غدير سي ڪربلا تڪ‘، (5) ’سامان ِ شفاعت‘، (6) ’ريحان عزا‘ وغيرہ شامل آهن. مشھور نوحي خوان نديم سرور، حسن صادق، نصر، شاهد بلتستاني ۽ نديم عباس رويفي ۽ ٻيا گهڻو ڪري ريحان اعظميءَ جا ئي لکيل نوحا پڙهندا آهن. 1997ع ۾ سندس نالو دنيا ۾ ستون نمبر گهڻو لکندڙ شاعر طور گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو. ريحان اعظميٰ ڪراچيءَ جي هڪ اسڪول ۾ استاد آهي.


لفظ ريحان اعظميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو