ريڙهيون پائيندڙ/ سرڻا جانور

ريڙهيون پائيندڙ/ سرڻا جانور

ريڙهيون پائيندڙ سرڻا جانور

ريڙهيون پائيندڙ/ سرڻا جانور (Repitiles): هي اهڙا جانور آهن، جيڪي حياتياتي ارتقا واري ورهاست ۾ پکين ۽ مماليه وارن درجن جي وچ وارا سڏبا آهن. هنن کي ’سرد خون‘ (Cold blooded) يا ٿڌي رت وارا جانور به چيو ويندو آهي، ۽ گهڻي قدر سندن چمڙيءَ مٿان ڇلر (Scales) به هوندا آهن، ۽ آنا لاهيندا آهن. سائنسدانن جو خيال آهي ته Reptiles اڄ کان 310-320 ملين سال اڳ ماحولياتي اثرن سبب ايمفيبيائي جانورن (Amphibians) مان اسريا، جيڪي خشڪ ماحول ۾ رهڻ سکيا. هنن مان ڪيترا نسل هاڻي دنيا جي گولي تان ختم ٿي چڪا آهن، پر انهن جا اهڃاڻ پنڊپهڻ ٿيل هڏاون پڃرن يا انفرادي هڏن جي صورت ۾ ملن ٿا، انهن ۾ ڊائناسار (Dinosaurs)، ٽيروسار (Pterosaurs) وغيره شامل آهن. جديد دؤر ۾ سواءِ اينٽارڪٽڪ واري کنڊ جي هر هڪ کنڊ ۾ اهڙا جانور موجود آهن.
ريڙهيون پائيندڙ يا سرڻن جانورن ۾ هڪ خاصيت اها به هوندي آهي ته جيڪڏهن انهن جو پڇ ڪنهن سبب ڪٽجي يا ڇڻي وڃي ته ان جي جاءِ تي پاڻمرادو ٻيو پڇ ٻيهر ٺهي (regenerate) پوندو. هنن جانورن مان ڪن ۾ اها صلاحيت به هوندي آهي ته اهي ماحول جي مناسبت سان رنگ بدلائي (Camouflage) ان جو حصو بڻجي ويندا آهن، جيئن سانڊو رنگ بدلائيندو آهي. ساڳيءَ ريت ڪي نانگ ۽ بلائون وري خطري وقت دت هڻي پاڻ کي مئل ظاهر ڪندا آهن.
سرڻا جانور سنڌ ۾ عام طور ملن ٿا. آبهوا جي موافق هئڻ ڪري سرڻن/ ريڙهيون پائيندڙ جانورن جا ڪيترا قسم آهن، جن ۾ سانڊا گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا، ڇو ته اهي پيليا آرڪٽڪ تائين محدود آهن. واڳون ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياهه ۽ ڪن پراڻن ڦاٽن ۾ هوندا هئا، سي به کلن جي واپارين اڪثر مارائي ڇڏيا ۽ اڄڪلهه ناپيد آهن. ڌٻڻ وارا واڳون (Marsh Crocodile) جيڪي ڪنهن وقت سنڌو درياهه، ڍنڍن ۽ ڦاٽن ۾ ڏسبا هئا، سي به گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويا آهن، پر هاليجي ڍنڍ ۾ اڃا ملن ٿا. سنڌ جي ڍنڍن ۽ تلائن جي مٺي پاڻيءَ ۾ ڪڇئن (Turtle) جا چار نرم کَلن وارا قسم ملن ٿا. ساڳئي وقت سائي رنگ جي سامونڊي ڪُمين جا قسم به ذريعه معاش جي حيثيت رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهي ولايت ۾ کاڌي طور استعمال ٿين ٿيون ۽ سندن کلون ڳهن ۽ هار سينگار جي ڪم اچن ٿيون. سڪيءَ جا ٻن قسمن جا ڪڇون ۽ مٺي پاڻيءَ جا چئن قسمن جا ڪڇون ملن ٿا.
سانڊن ۾ 11 قسم ڪِرڙين (چچين) جا، هڪ يوبليفريس (Eublepharis) اٺ اگامڊس (Agamids)، ٻه مانيٽر (Monitors) يعني ڳوهون، پنج خاص قسم جا سانڊا ۽ ڏهه اسڪنڪس (Skinks) ملن ٿا. سنڌ ۾ ڪوبه شيميلان (Chameleon) ڪونه ٿئي. ٿلهي پڇ واري ڪِرڙي، سنڌ جي خطرناڪ ’هڻ کڻ‘ آهي. ’ڳوهن‘ جا ٽي قسم سنڌ ۾ ملن ٿا، جيڪي کلن جي واپارين جي ڪري ناياب ٿيندا وڃن. سنڌ ۾ ماڻهو انهن جي کلن مان طنبورا ۽ دهل ٺاهيندا آهن.
نانگن جي 43 قسمن مان 21 زهر کان خالي آهن. زهريلي قسمن جي نانگن ۾ چئن قسمن جا ڏند پويان وريل آهن ۽ باقي قسمن جي نانگن جا ڏند اڳيان وريل آهن، جن ۾ زهر ڀريل رهي ٿو. ڏند اڳيان وريل 18 قسمن مان 13 سامونڊي نانگ، 2 پِيَڻ بلائون، هڪ واسينگ ۽ ٻه کَپر آهن. انهي ڏس ۾ هندستاني پيئڻ، جيڪا ٿر ۾ ملي ٿي، سا قابل ذڪر آهي. عام چوڻيءَ مطابق اها رات جو سمهڻ مهل ماڻهوءَ جي ڇاتيءَ تي چڙهي، سندس وات ۾ زهر وجهي هلي ويندي آهي. ستل ماڻهو ڳلي ۾ سخت سُور جي ڪري صبح کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندو آهي. پيئڻ خطرناڪ بلائن مان هڪ آهي، جيڪا ڏنگي ٿي ۽ ان جو زهر، انسان جي تنتي سرشتي تي اثر انداز ٿئي ٿو، ۽ ماڻهوءَ جي ساهه کڻڻ واري نليءَ کي نقصان رسي ٿو، ان ڪري ڏنگيل ماڻهو ساهه جي گُهٽ سبب مري وڃي ٿو. کپر جو زهر، دل ۽ رت تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ رت جي بيجا زيان (جسم جي اندران ۽ ٻاهران) ٿيڻ ڪري موت واقع ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو