رڙي: رڙيءَ جو ڳوٺ ضلعي ٺٽي ۾، جاتي شھر کان 16 ميل اوڀر طرف جاتي- کورواھہ روڊ تي واقع آهي. هي سنڌ جو قديم شھر آهي. رڙي شھر اصل ۾ جتن جو جوڙايل آهي، جنهن ۾ رڳو جت رهندا هئا. رڙي شھر بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ مطابق رڙي اصل راوڙ هو، جنهن جو بنياد چچ برهمڻ پنھنجي ايامڪاري ۾ وڌو. سندس وفات بعد سندس پٽ ڏهرسينه ان قلعي کي مڪمل ڪرايو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجو ٻيو خيال ظاهر ڪندي لکي ٿو تہ: راوڙ جو قلعو غالباً لاڙ ۾ واقع آهي. رڙي شھر ’رڙ‘ مان نڪتل آهي، جڏهن اٺن جو وڳ گڏ ٿيندو آهي تہ وڳ ۾ موجود ڏاچيون، اٺ ۽ گونرا ’رڙيون‘ ڪندا آهن، جنهنڪري هن شھر جو نالو ’رڙي‘ پيو.
هڪ ٻيءَ روايت آهي تہ پير نور شاھہ جي هڪ مريدياڻي سندس فراق ۾ رڙيون ڪري مري وئي، ان ڪري شھر تي رڙي نالو پيو. نور شاھہ جي مزار رڙيءَ ۾ آهي.
گهڻو وقت پوءِ جڏهن ڪيهرن ڏکڻ سنڌ ڪڪرالي واري علائقي تي قبضو ڪيو تہ هي شھر ڪيهرن جي قبضي ۾ اچي ويو. سنڌ جي ڏاکڻي شھر ڪوٽڙيءَ کان رڙي 45 ميلن تي آهي. رڙيءَ شھر جو اوج ختم ٿئي ٻہ سؤ ورهيہ گذري چڪا آهن، 1244ھہ/1828ع تائين هي آباد ۽ وسندڙ شھر هو.
ڪجهہ مؤرخن جو چوڻ آهي تہ سترهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن ڪڪرالي جي حاڪمن جي حڪومت ختم ٿي رهي هئي تہ رڙي شھر جو اوج بہ ختم ٿي ويو. ڪجهہ تاريخون اهي اهو بہ لکن ٿيون تہ 1828ع ۾ جڏهن سر جيمس برنس رڙيءَ شھر ۾ آيو تہ هن شھر جو اوج ختم ٿي چڪو هو . ان وقت رڙي شھر ۾ 500 کن گهر هئا.
جيمس برنس لکيو آهي تہ : ”رڙي بھترين ۽ سٺو شھر آهي، جيڪو اڳ ۾ آباد ۽ اوج تي هو، پر هينئر ان جو اهو اوج نہ رهيو آهي. رڙي شھر سنڌو نديءَ کان گهڻو پري آهي. پاڻيءَ جو دارومدار برساتي پاڻيءَ تي آهي، رڙي شھر اولھہ ۾ آباد آهي، پر اوڀر طرف ويران آهي.“ رڙي شھر هينئر رڻ جو حصو آهي. رڙيءَ جا خواجہ ’سيـٺيـون‘ مشھور آهن.