رک (Ash): رک، جنهن جي لغوي معنيٰ ڪنهن شيءِ جي سڙيل خاڪ، ڦلهيار، ڇار ۽ ڪيري وغيره آهي. رک يا ڇار ڪنهن شيءِ جي سڙڻ بعد پيدا ٿيندي آهي. هندو مذهب ۾ مُردن جي ارٿي ساڙي، سندن رک مذهبي سوڻ مطابق درياهه، گنگا يا سنڌوءَ ۾ لوڙهي ويندي آهي. ڪاٺي يا گلن وغيره جي رک سوڊيم ڪاربونيٽ ۽ پوٽاشيم ڪاربونيٽ تي مشتمل ٿيندي آهي. صدين کان وٺي ڪاٺيءَ جي رک ۾ موجود پوٽاشيم مان سالٽ پيٽر جھڙا ڪيميڪل تيار ٿيندا پيا اچن. اڳوڻي وقت ۾ ٿانو ملڻ لاءِ ان رک جو استعمال ڪيو ويندو هو. اهڙي طرح جانورن جي هڏين جي رک ۾ مرڪزي مادو، ڪيلشيم فاسفيٽ موجود هوندو آهي. ڪيلشيم جا معدني ذخيرا به تقريباً جانورن جي هڏين مان تيار ٿيندا ٿا اچن. رک، خاڪ يا ڇار ڪنهن سڙيل شيءِ کي چئجي ٿو. سگريٽ جي ڦُلن جي ڇار، ڪاٺيون وغيره استعمال ڪرڻ يا ٻارڻ طور ٻاربيون آهن. انهن سڙيل ڪاٺين کي به خاڪ چيو ويندو آهي. مطلب ته ڪنهن به مادي جي مڪمل طور سڙي وڃڻ کانپوءِ، ان جي رهجي ويل چُوري کي رک چئجي ٿو. ڀٽائيءَ به رک ان معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي: اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک، آديسي اُٿي ويا، پيئي اُڏامي رک، سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.