
رڻ ۽ رڃ جو اتهاس
رڻ ۽ رڃ جو اتهاس (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي مشھور ڪهاڻيڪاره ۽ ڊرامه نويس نورالهدى شاھہ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 16 ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن ۾ آخري مئل ماڻهو، ڏوهي، ڪارا ڪڪر، مڪتي، پاتال، اڻپورو انسان، جلا وطنيءَ جي سرنگهه، وشواس، ڪليسا جي صليب تي ڳجهه، ٽٽي پرزا ٿيل عڪس، منظر- جنهن جو ڪو انت ئـي ڪـونهـي، تـتو تـن تـنـور جيـئن، ناٽـڪ (1947ع- 1948ع)، ائين تہ ٿيڻو آهي، هو ڪارو چهرو ۽ هن پهاڙ جيڏي رات جي پڄاڻي ڪٿي آ-شامل آهن. ڪتاب جو انتساب ليکڪا هن ريت ڪيو آهي: ”ٿڌي ڇانوَ سمان پنھنجي پياري بابا سائين سيد عبدالهادي شاھہ ۽ پياري ماءُ جي نالي...“ ڪتاب جو مهاڳ ڪهاڻيڪاره پاڻ ’رڻ ۽ رڃ جو اتهاس‘ جي عنوان سان لکيو آهي. مهاڳ ۾ لکي ٿي تہ: ”اهو سنڌي فرد داخلي نوع ۾ (منهنجي ڪهاڻين ۾) بس مان ئي آهيان، مان تنھا سموري پيڙا، ڀوڳنا منهنجو اندر، احساس جي اک رستي هر صبح Feed ڪئي وڃي ٿي. مان ان کي قبول ڪرڻ لاءِ ان ڪري مجبور آهيان، جو احساس جي اک ٻوٽڻ تي مون کي اختيار ناهي، ان جي حوالي سان لکڻ منهنجي مجبوري آهي.“
هن مجموعي ۾ شامل سموريون ڪهاڻيون ليکڪا پنھنجي ڌرتيءَ تان کنيون آهن ۽ انهن کي پنھنجي اردگرد گهمائي، ڦيرائي ڌرتيءَ کي ئي واپس ڏنو آهي. سندس ڪهاڻين جا سمورا ڪردار سنڌ سان لاڳاپيل آهن ۽ انهن جي ڀوڳنا ۽ پيڙائن کي هن قلمبند ڪري منظر تي آندو آهي. نور الهدى شاھہ جي هن مجموعي جا ٽي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، پهريون ايڊيشن ڊسمبر 1988ع ۾، ٻيو ايڊيشن نومبر 1992ع ۾ ۽ ٽيون ايڊيشن سيپٽمبر 2002ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جي 142 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 90 روپيا آهي.