زئور نواز خان : قومپرست اڳواڻ، شاعر، اديب، نقاد، ناول نگار ۽ مترجم نواز خان زئور 30 آگسٽ 1971ع تي تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ احمد خان زئور ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ، ميرپور بٺوري ۽ سجاول مان، جڏهن تہ ايم. اي (سنڌي ادب، 1997ع) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان حاصل ڪئي. هن سياست جي شروعات 1987ع ۾ جساف کان ڪئي، جنھن جو مرڪزي عھديدار پڻ رهيو. ان بعد جيئي سنڌ متحدا محاذ (جسمم) ۾ شموليت ڪندي، اُن جو ڊپٽي سيڪريٽري، جنرل سيڪريٽري ۽ جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. نواز خان پھريون ڀيرو 1990ع ۾ ٻيو ڀيرو 31 ڊسمبر 2005ع تي ڳجهن ادارن هٿان ٻولھاڙي اسٽيشن تان گرفتار ٿيو. کيس ڏھہ مھينا ٽارچر سيل ۾ رکڻ کان پوءِ ڪڍڻ ٿاڻي تي ظاهر ڪيو ويو. جنھن کانپوءِ ٻہ سال سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد رھيو، جتان 11 آگسٽ 2008ع تي آزاد ٿيو. آزاديءَ کانپوءِ هن جيئي سنڌ جي ڪجهہ ٻين ڌرين سان گڏجي جيئي سنڌ محاذ ٺاھيو، جتان پارٽي پاليسين سان اختلاف رکندي 2010ع ۾ الڳ ٿيو ۽ ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ (آريسر) ۾ شموليت اختيار ڪيائين، جنھن جو ڪجهہ وقت مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ جنوري 2013ع جي مرڪزي چونڊن ۾ وائيس چيئرمين چونڊجي آيو. عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي بعد جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) کان الڳ ٿي ويو.
29 نومبر ۲۰۱۵ع تي جيئي سنڌ قومي پارٽيءَ، جو بنياد وجهي اُن جو چيئرمين بڻيو. قومي پارٽي جو چيئرمين ھجڻ سان گڏ ھن وقت جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو ڪنوينر پڻ آھي. رھبر ڪميٽي جيئي سنڌ جي چئن جماعتن جو اتحاد آھي. سندس پارٽي، سنڌ جي مختلف مسئلن سميت سنڌو نديءَ ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڊيم ٺاھڻ وارين رٿائن خلاف جدوجھد ڪندي رهي آهي.
قومپرست سياستدان ھجڻ سان گڏ سٺو مقرر، شاعر، نثر نويس، ناول نگار ۽ مترجم پڻ آهي. شاعريءَ ۾ غزل، نظم ۽ بيت جي صنف تي طبع آزمائي ڪيل اٿس. هن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ڪالھه گڏيوسون ڪاپڙي‘ (جي. ايم. سيد تي مضمون:1997ع)، ’وڄون اتر واءُ‘ (شاعري:2005ع)، ’قيدي تخت لاهور جو‘ (جيل ڊائري: پھريون ڇاپو 2005ع: ٻيو ڇاپو: 2011ع)، ’خماريل هوا گلابي ڳليون‘ (سنڌ يونيورسٽيءَ جون يادگيريون: 2008ع)، ’ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون‘ (جيل ڊائري:2009ع)، ’قومي آزادي‘ (سياسي مضمون:2009ع)، ’رنگ رتو آڪاس‘ (نثري ٽڪرا: 2010ع)، ’لاڙ لھرون سمنڊ‘ (شاعري: 2012ع)، ’ڪو ڪيئن نہ ڊوڙي مقتل ڏي‘ (خاڪا: 2012ع)، مولانا ابوالڪلام آزاد جي جڳ مشھور ڪتاب ’غبار خاطر‘ جو سنڌي ترجمو ’دل جو غبار‘، ۽ پائلو ڪوئلھو جي مشھور ناول ‘Eleven Minutes’ جو ترجمو ’يارنھن منٽ‘ شامل آهن. ان کانسواءِ سندس هڪ ناول ’جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا‘ پڻ شايع ٿيل آھي.
ھن ڊيمن جي خلاف ۽ سنڌو نديءَ جي بچاءَ ۾ سياسي جدوجھد سان گڏ ٻہ ڪتاب پڻ لکيا آهن، سنڌو نديءَ جو مقدمو 2019ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن تہ پاڻي بابت سندس ٻيو ڪتاب ’۽ سنڌوءَ وھندي رھندي‘ ۲۰۲۴ع ۾ ڇپيو آهي. پاڻ ڪيترين ئي سماجي تنظيمن: (S.P.O)، سونھري هيومنٽيرين ڊولپمينٽ سوسائٽي، ڳوٺ سڌار سنگت بٺوري ۽ W.H.D.T جي اهم اڳواڻن ۾ شامل آهي. سنڌي، سرائڪي، انگريزي ۽ اردو ٻولين کان علاوہ فارسي ٻوليءَ جي بہ سٺي ڄاڻ اٿس. ھو سنڌ جي مسئلن تي عالمي ادارن جي وفدن سان ملي آگاهي ڏئي چڪو آهي.