زخرف (سورة): هيءُ قرآن پاڪ جي ٽيتاليهين (43) سورة آهي. هن سورة ۾ ست رڪوع ۽ 89 آيتون آهن. هيءُ سورة مڪي ۾ نازل ٿي. زخرف جي معنيٰ سون آهي. ماڻهو گهڻو ڪري دنياوي شين سون، چاندي ۽ دولت جي پٺيان ڊڪندا آهن، جڏهن تہ ﷲ تعاليٰ وٽ انهن شين جي ڪابہ اهميت نہ آهي. هن سورة جي پهرئين رڪوع ۾ مڪي جي ڪافرن کي خطاب ڪيو ويو آهي تہ اهي پنھنجي شرارتن ۽ غلط ارادن ذريعي چاهين ٿا تہ ڪهڙي بہ نموني قرآن پاڪ کي نازل ٿيڻ کان روڪي سگهجي، پر ڪڏهن ايئن ٿيو آهي، تہ ﷲ تعاليٰ مخالفن جي ڪري، نبين کي پيغام پکيڙڻ ۽ ڪتاب جي نزول کان روڪيو هجي؟ پر اهي دشمن ئي ختم ٿي ويا، جيڪي نبين جي جانين جا دشمن هئا. ان ڪري اهي اهو نہ سمجهن تہ رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جي جان ختم ڪري سڪون سان رهندا. ٻئي رڪوع ۾ شرڪ جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو آهي تہ شرڪ لاءِ نہ ڪو عقلي دليل آهي، نہ نقلي. ٽئين رڪوع ۾ چيو ويو آهي تہ ماڻهو چاهين ٿا تہ رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم مالدار هجي، پر هن جي نظر ۾ مال جي ڪابہ اهميت نہ آهي. چوٿين رڪوع ۾ رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جي مخالفت جي سزا جو ذڪر آهي. پنجين رڪوع ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي اهميت فرعون جي مثال سان واضح ڪئي وئي آهي. ڇهين رڪوع ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ اسرائيلي قوم بہ رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جي مخالفت ڪري ﷲ جي نظرن ۾ ڪري پئي آهي. آخري رڪوع ۾ رسول پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جي مخالفن جو ڌيان ان پاسي ڇڪرايو ويو آهي تہ انهن لاءِ دنيا توڙي آخرت ۾ ناڪامي آهي. (شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا. ص؛ 980)